ناســي نيــــڻ واري محبــوب !!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2018۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    328
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    هُو، جيڪا پوري پيار جو قطب مينار هئي، سندس ڳل، گلاب کان وڌيڪ ڳاڙها ۽ ريشم کان وڌ ملائم هئا، سندس لب مبارڪ جي لالاڻ من کي مطهر ڪري ڇڏيندي هئي، سندس مرڪ، صدين جي ٿڪاوٽ کي دور ڪري ڇڏيندي هئي، سندس زلفن جو ڇانورو، ڪڪرن جي ڇانوري کان وڌيڪ دلڪش ۽ دلفريب هو

    هُو، جيڪا حسن جي ديوي هئي، جنهن اڳيان چنڊ جو نور بي نور ٿي ويندو هو، سندس آواز ڪوئل جي لات کان وڌيڪ مٺي ۽ وڻندڙ هو، سندس نيڻن جو ناسي پڻ، اسان جي نيڻن جو سڪون پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي هئي، سندس نڪ جي ڦُلي منهنجي دل جي ڳلي کي بند ڪري ڇڏيندي هئي پوءَ منهنجا سڀ خيال ۽ خواب صرف جو صرف سندس ڏانهن مرڪوز ٿي ويندا هئا

    هڪ ڏينهن آءُ کيس سوچي ڪري روح کي راضي ڪري رهيو هيس تہ موبائل جي گهنٽي وڳي،

    مون کان پڇيائين” ڇا پيو ڪرين ؟“،
    مون کيس وراڻيو ” سرڪار اوهان جي ئي سوچن ۾ گم آهيون“،
    وڏو ٽهڪ ڏئي ڪري ڪي ئي ساعتون کلندي رهي، کلي کلي ڪري چيائين ” ڪنهن جي يادن ۾ ايترو بہ گم نہ ٿيجي جو ماڻهو کان پنهنجو پاڻ ئي وسري وڃي“،
    مون بہ مرڪندي کيس جواب ۾ اهو ئي چيو تہ ” بلڪل سائين، اوهان درست پيا فرمايو تہ ڪنهن جي يادن ۾ ايترو گم نہ ٿيجي پر ڇا ڪجي، ماڻهو پنهنجي وس هجي تہ پاڻ کي ظابطي ۾ رکي نہ، هت تہ ڳالھ وس کان ئي چڙهيل آهي“

    اهڙي ريت اسان جي وچم دلفريب ۽ دلڪش انداز ۾ ڳالھ ٻولھ ٿيندي هئي، هڪ ٻي سان ڳالهائڻ کان پوءَ ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻڪ جنت جي هٻڪ محسوس ڪئي هجي، من تازو تازو ٿي ويندو هو، سڄو سنسار مهڪڻ لڳندو هو، دل جهومڻ لڳندي هئي ۽ اکين ۾ وري نوا خواب جنم وٺڻ لڳندا هئا، انهن خوابن جي ساڀيان لاءَ آءُ فڪر مند رهندو هيس

    انسان جڏهن فطرت طرفان آڇيل بهارن کي ڀليڪار چوڻ بدران رد ڪندو آهي تہ تڏهن وري کيس موٽ ۾ خزا جي اڻ کٽ موسم نصيب ٿي ملندو آهي، محبت پنهنجي اندر ايتري فطري صلاحيت رکي ٿي جو اُهو دنيا جي ڪنهن بہ طاقتور عنصر سان مقابلو ڪري کيس هارائي سگهي ٿو، جذبا جڏهن جوان ٿيندا آهن تہ پوءَ انهن کي صحيح ۽ غلط جي پرک ڪرڻ جو فن وسري ويندو آهي، انسان جي فطرت اِها بہ رهي آهي تہ جيڪا شئي سندس حاصلات کان ڪوه ڏور هلي ويندي آهي تہ پوءَ پيو انهن کي حاصل ڪرڻ لاءَ جتن ڪندو آهي ۽ ان جي ياد ۾ پنهنجو آئيندو وساري ڪري پنهنجي هلندڙ وقت کي پيو نقصان پهچائيندو آهي

    لاحاصل محبت لاءَ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر حسن درس فرمايو هو تہ:

    اڌڙوٽ عمر جي عورت کي،
    مون خط لکيا مون پيار ڪيو!
    هوءَ هر ڀيري مرڪي پئي،
    هن هر ڀيري انڪار ڪيو!
    ڪئين ڀيرا هن کي گهوريندي،
    هيءَ منهنجي اک ڏڪي هوندي!
    هوءَ سمجهي ويندي هئي پل ۾،
    هن مرڪي ڍاڪ ڍڪي هوندي!
    هوءَ جنهن جا هٿ گلاب هيا،
    ۽ منهن ۾ اجرو جهرڻو هئي!
    هوءَ جيڪا ساري اس جيان،
    ۽ پاڻي ۾ ڪو ڪرڻو هئي!
    اڄ سيارو آهي رئاري ٿي،
    هوءَ ڪنهن جي چادر ٿي هوندي!
    هوءَ جيڪا منهنجي ٿي نہ سگهي،
    ٻئي ڪنهن جي آخر ٿي هوندي!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو