“سيني ۾ دفن راز” هاڻي ياد ڪيئن آيا؟ شفيق الرحمان شاڪر گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستاني سياسي ڊڪشنريء ۾ ٻن وڌيڪ نون اصطلاحن جو اضافو ٿيو آهي سي آهن “ خلائي مخلوق” ۽ “نظر نه ايندڙ قوتون“.اڃا اليڪشن ۾ سڄو سارو هڪ مهينو پيو آهي انهيء عرصي دوران اڃا ٻيا به ڪيترائي نوان اصطلاح ،لفظن جون هيراڦيريون،حرفن جون ڪاريگريون، زبان جون حرفتون،جملن جون صنعتون،بيانن جون خوبصورتيون،شڪايتن جا دفتر،الزامن جا انبار،ميارن جا موتي،طنزن ۽ طعنن جا تير،تقريرن جون جادوگريون،مظلوميت ۽ مجبورين جا داستان،مطلب ته پاڪستاني عوام کي ٻڌڻ لاء ايترو ته مزيدار مفت مواد ملڻو آهي جوماڻهو انهيء ۾ اهڙو ته مست ٿيندا جوهر طرف جمهوريت جا جھرڻا ڦوهارا ڏيئي نڪري رهيا هوندا. انهيء سموري تماشي جو مقصد هڪڙو ئي آهي سو اهو ته ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح اهو ڀروسو ڏياريو وڃي ته انهن جا پيارا ۽ سچا سياستدان انهن جا سور ۽ سختيون گھٽائڻ لاء ننهن چوٽيء جو زور هڻي رهيا آهن پر ڪنهن خلائي مخلوق يا ڪنهن اڻ ڏٺل طلسماتي قوت انهن جا هٿ پير ٻڌي ڇڏيا آهن.هي پناما،اقاما،ڪرپشن وغيره جو ڪو وجود ئي ناهي،اهي ته رڳي بهانا هٿ ڪري هنن عظيم اصول پسند ۽ نهايت ئي ديانتدار ۽ ايماندار جمهوري نمائندن کي هروڀرو بدنام ڪيو پيو وڃي.هي عدالتون جيڪي به فيصلا ڪري رهيون آهن اهي انهن جي چوڻ مطابق انهن اڻ ڏٺل قوتن جي اشاري تي ڪري رهيون آهن. سڄي دنيا کي خبر آهي ته هن کي ڇو ڪڍيو ويو پر بار بار اسٽيج تي چڙهيو عوام کان اهوئي فضول قسم جو سوال ڪندو ٿو رهي ته ٻڌايو ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟جڏهن عوام طرفان ڪو جواب نٿو اچي ته صاحب موصوف عوام جي مشڪل حل ڪندي پاڻ ئي سوال جو جواب ڏيڻ لڳي ٿو سو اهو ته مون کي صرف ان ڪري ڪڍيو ويو جو مون پنهنجي پٽ کان پگھار نه ورتي هئي.ماڻهن کي پاڳل بنائڻ جي به ڪا حد ٿيندي آهي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته ٽي دفعا ڪيئن پاڪستان جو وزيراعظم رهندڙ شخص اهڙيون عجيب ڳالهيون ڪيئن ڪري سگھي ٿو! هاڻي صاحب وري خلائي مخلوق ۽ اڻ ڏٺل قوتن جوهڪ نئون شوشو ۽ نئون تماشو سجايو آهي.ميان صاحب کي ته وڏو صدمو رسيل آهي پر پاڪستان جي هاڻوڪي وزيراعظم کي به خبر ناهي ڇا ٿي ويو آهي.هتان سندس دل جي وزيراعظم جي زبان مان ڪا ڪهاڻي نڪتي ناهي ته هو به ان سان سر ۾ سر ملائڻ لڳي ٿو.عوام مان جن جي حالتن تي ڳوڙهي نظر آهي اهي ته ان سموري ناٽڪ کي چڱيء طرح سمجھن ٿا ته ان جو مقصد ايندڙ چونڊن کان ڀڄڻ ۽ انهن کي تڪراري بنائڻ ۽ ساڳئي وقت ماڻهن جو ڌيان ڪرپشن ڪيسن تان هٽائڻ آهي.جيڪر اهو سارو سلسلو صرف خلائي مخلوق ۽ اڻ ڏٺل قوتن جي ڪاريگري آهي ته پوء پاناما ليڪس ۽ ان جو فيصلو،اقاما جو ثابت ٿيڻ، نيب ڪيسز ،پيشيون،عدالتي ڪاروائيون،جي آئي ٽي جي تحقيقات،شاهديون ۽ گواهيون،ميگا پروجيڪٽن ۾ گھپلا،پنجاب ۾ 56 ڪمپنين ۾ ريڪارڊ ڪرپشن جو سامهون اچڻ،پيراگون سٽي،ڪيترن ئي بيوروڪريٽس جي گرفتاري ۽ جاچ عمل ۾ اڳڀرائي وغيره اهي سڀ جون سڀ شيون شايد رڳي افسانا آهن.عوام ايترو به بيوقوف ڪونهي.سڀ سمجھن ٿا ته ميان صاحب ،سندس صاحبزادي۽سندس ساٿين جون زبانون جو ڇرين ۾ بدلجي چڪيون آهن ته انهيء جو واحد سبب ئي اهو آهي جو پهريون ڀيرو ڪن پاڻ زورن جو پير قانون جي ڪوڙڪيء ۾ ڦاٿو آهي.سڀني کي خبر آهي ته انهن دڙڪن ۽ ڌمڪين سان گڏوگڏ عرصي تائين ڪنهن اين آر او جون ڪوششون به ٿينديون رهيون جيڪي ناڪام ٿيڻ جي نتيجي ۾ زبانون زهر اوڳاڇي رهيون آهن. اڄ به جيڪر ڪنهن مناسب اين آر او جي ڪا ممڪن صورت نڪري پوي ته نظرين جي سمورن بتن مان ساهه نڪري ويندو،خلائي مخلوق ڦري خدائي مخلوق بڻجي ويندي ۽ زبانن تي زهر بدران ماکي اوتجي ويندي. اين آر او ٿيندو به ڪيئڻ؟ اين آر او جو مطلب ته اهو ٿيندو ته ڪرپشن،ڦرمار،ڪوڙ ،دوکو ۽ غلط بياني سڀ جو سڀ جائز،پوء عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي،جنهن وٽ به ڌمڪائڻ ،ڊيڄارڻ ۽ بليڪ مييل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ طاقت هجي سو رياست کان پنهنجي مرضيء جا فيصلا ڪرائي وڃي.دنيا جي ڪنهن به سڌريل سماج ۽ ڪنهن آئيني رياست ۾ ايئن ٿيندو آهي؟ ماضيء جا مردا نه اکيڙيو،ماضي ڪنهنجو به شاندار ناهي نه سياستدانن جو ۽ نه ئي ادارن جو.هاڻي حال کي ڏسڻو آهي.ڪڏهن ته ماضيء جي جھنجھٽ مان جان آجي ڪرائڻي آهي يا قيامت تائين غير مهذب ۽ اڻ سڌريل سماجن واريون حرڪتون ڪري جھنگل جي قانون جو منظر دنيا سامهون پيش ڪري پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي تماشو بنائڻو آهي؟ رپورٽن مطابق ويجھڙ ۾ وزيراعظم صاحب پنهنجي فوج ظفر موج سميت سرڪاري خرچ تي لنڊن ويو،انهن ئي ڏينهن ۾ ميان نوازشريف پنهنجي صاحبزاديء سميت لنڊن لاء اڏام ڀري.پاڪستان ۾ مقرر هندستاني سفير “ اجي بسيارا” به ان وقت لنڊن ۾ هو.اتي حڪومتي ۽ غيرحڪومتي شخصيتن سياسي اوطاق لڳائي موجوده ڏکين حالتن تي ويچار ونڊيا، ڊگھا صلاح مشورا ٿيا،عالمي قوتن جي نمائندن سان به ملاقاتون ڪيون وييون.اشتهاري ملزم اسحاق ڊار جيڪو عدالت جي ريڪارڊ ۾ سنڌ ئي سوري نٿو سگھي سو به وڏي ڦڙتيء سان انهن محفلن ۾ ڊوڙندو ۽ ڊڪندو نظر آيو ۽ لڳو نٿي ته هي همراهه بيمار آهي.سعودي عرب جي ناڪام مشن تان واپسيء لهجن ۾ جيڪا ڪڙاڻ ڀري هئي سا لنڊن ۾ مصالحت ۽ مفاهمت جا سمورا ويليل پاپڙ سڙي وڃڻ بعد اها ڪڙاڻ نج زهر ۾ بدلجي ويئي. جنهن کان پوء ٽي وي ڪيمرائن اهي منظر به ڏٺا جو ملڪ جو وزيرداخلا جنهن کي ملڪ جي امن امان ۽ سلامتيء جي صورتحال سنڀالڻي آهي تنهن وڏي واڪي رڙيون ڪندي ڌمڪين جي انداز ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي للڪاريندي چيو ته “ چيف جسٽس صاحب! اوهان جي عزت آهي ته اسان جي به عزت آهي.بس چيف صاحب! گھڻو ٿيو،هاڻي وڌيڪ گنجائش ناهي.” ميان صاحب ان بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته “ احسن اقبال جيڪي چيو ٺيڪ چيو.” هاڻي ميان صاحب پنهنجي هر گفتگوء ۾ فرمائي رهيو آهي ته “منهنجو مقابلو زرداري يا عمران خان سان پر ان خلائي مخلوق سان آهي جيڪا نظر نٿي اچي.” هو اهو به فرمائي ٿو ته “ اها خلائي مخلوق پنهنجي مرضيء جي حڪومت آڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪيو پيو وڃي.” هو اها ڌمڪي به ڏيئي رهيو آهي ته اها مخلوق سڌري وڃي ۽ مون کي تنگ نه ڪيو وڃي نه ته منهن جي سيني ۾ ڪيترائي راز دفن آهن جيڪي آئون ظاهر ڪري ڇڏيندس.“ انهن ٻنهي بيانن بلڪ ڌمڪين کي غور سان پڙهو،هڪڙو عدالت کي ته ٻيو فوج کي ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي توڙي جو انهن جمهوري شيرن ۾ ايتري اخلاقي جر ئت ڪانهي جو سڌو سنئون فوج جو نالو وٺي سگھن پر هرڪو ڄاڻي ٿو ته نظر نه ايندڙ قوتن مان مراد آمريڪا يا برطانيا نه پر پاڪستاني فوجي اسٽيبلشمينٽ آهي. اها هن وقت ميان صاحب توڙي ٻين گھڻن سياستدانن کي ان ڪري نٿي وڻي جو انهن سڄي معاملي ۾ پنهنجو پاڻ کي نيوٽرل رکندي قانون ۽ آئين جو ساٿ ڏيڻ جو واضح اعلان ڪيو آهي.هيء نه ته ڪا اصولن جي ويڙهه آهي ۽ نه ئي جمهوريت يا عوامي حڪمرانيء جي لاء تحريڪ! ميان صاحب جو ماضيء جيان اهو ئي مطالبو آهي ته کيس بچايو وڃي.جن دانشورن،سياسي ورڪرن ،وڪيلن ۽ صحافين کي ميان صاحب جو اهو سمورو ناٽڪ جمهوري آزادي ۽ عوام جي حقيقي حڪمراني بحال ڪرڻ جي عظيم هلچل نظر اچي ٿو انهن جي ان حسين خوشفهميء تي مرحوم نوابزادي نصراﷲ خان جوهي شعر ئي پڙهي سگھجي ٿو ته “ڪتني بي درد هين ڪه صرصر ڪو صبا ڪهتي هين، ڪيسي ظالم هين ڪه ظلمت ڪو ضيا ڪهتي هين. يي مسيحائي ڀي ڪيا خوب مسيحائي هي، چاره گر موت ڪو تڪميل شفا ڪهتي هين.” رهيو سوال سيني ۾ دفن رازن جو ته خلق خدا صرف ايترو پڇڻ جو ته حق رکي ٿي ته اهي راز اسلام آباد جي شاهي محل جي بارونق فضائن ۾ پويان پورا سوا چار سال گذاريندي توهان کي ياد ڇو نه آيا؟