سندس هر هڪ ادا لاجواب ۽ ڪمال جي هوندي هئي، سندس نهارڻ، نيڻن جو هيڏي هوڏي ڦيرائي ڪري چور اکين سان ڏسڻ، بي سبب تمام کان تمام تر ننڍي ڳالھ تي ٽهڪ ڏئي کلڻ، مور وانگر ٽلي ڪري هلڻ، بار بار چيچ کي چپن جي وچم مهٽو ڏئي ڪري نهارڻ، ڇا ڳالھ ڪجي سندس حسن جي، سندس هر هڪ گفتار جي، سندس مهڪ توڙي ٻهڪ جي، اُن مهڪ جي جنهن مهڪ منهنجي من کي موهي وڌو هو سندس نيڻن ۾ شرم انتهائي درجي جي حد تائين سمايل هئي، فون تي سامهون اچڻ جون فرمائشون ڪندي هئي وري جڏهن سامهون ايندي هئي تہ شرم وچان اکين کي هيٺ ڪري ڇڏيندي هئي، ڏسڻ کان اصلي قطع نبيري وٺندي هئي، سندس ان رويي تي مون کي ڪنهن حد تائين ڪاوڙ بہ ايندي هئي مگر ڇا ڪجي، چوندي هئي تہ ” عورت جو سينگار ئي شرم آهي، جنهن عورت منجھان شرم جو عنصر نڪري وڃي ٿو تہ پوءَ سمجھ ان کان هڙ نڪري وئي“ سندس ڳالهيون، ڪنهن مهان گرو جي گيان جهڙيون هونديون هيون، سندن لبڙن کان جاري ٿيل هر هڪ لفظ کي آءُ پنهنجي ذهن منجھ سمائي ڇڏيندو هيس، ڪنهن ڪنهن وقت تہ مون چڱي ڀلو ليڪچر ڏئي وٺندي هئي، شال نہ مون کان ڪا اربع خطا ٿِي، سندس گفتار جو هڪ پهلو مونکي تمام تر محبوب هوندو هو، ڳالهائيندي ڳالهائيندي مون کي چوندي هئي ”يار ناراض تہ نٿو ٿي نہ“، آءُ ڀلي پيو ان مهل اندر ۾ پچرا تب ان وقت ڪنڌ کي نهڪر ۾ لوڏي ڪري کيس اهو اطمنان ڏياريندو هيس تہ ” سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي“