سنڌ جي سرير کي نه رهنڊيو!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏11 مئي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پنهنجو پاڻ کي مظلومن جو ترجمان،وچين ۽ هيٺئين طبقي جا نمائندا ۽ خبر ناهي ڇا جو ڇا سڏائيندڙ جڏهن به ڳالهائين ٿا ته صرف زهر اوڳاڇين ٿا.پوري پاڪستان جي قومي سياست جي دعويدارن جو ڪانٽو ڦريو سريو لفظ ”مهاجر” تي دنگ ٿيو وڃي.اهي پنهنجي سمورين نااهلين ۽ ناڪامين جي سزا صرف سنڌ کي ڏيڻ گھرن ٿا.جن“ ڏاڍ زورن” سان پهچن نٿا انهن جي ڪاوڙ سنڌ جي اصل ڌرتيء ڌڻين مان ڪڍڻ لڳن ٿا.سندن سياست جي سچائي صرف اها آهي جو ڪرندڙ لاش ۽ وهندڙ رت ئي انهن جي سياسي وجود لاء آب حيات رهيو آهي.انهن جي اصليت جي حقيقيت رڳو ايتري آهي جو آمريت جي پيٽ مان جنم وٺي مفادن جي گود ۾ نپبا ۽ نسرجندا رهيا آهن.بندوق سندن منشور ۽ نفرت سندن نعرو رهندو ٿو اچي.تعصب ۽ ساڙ سوا سنڌ کي ڏيڻ لاء انهن وٽ ٻيو ڪجهه ڪينهي جو اهي سياسي طور تي صفا سڃا ۽ سندن دليون محبت جي ماکيء کان هميشه خالي رهنديون ٿيون اچن.ڀلي سياست،جمهوريت ۽ حقن جي نالي ۾ خلق جي منهن ۾ ڌوڙ وجھندا رهن پر انهن سنڌ جهڙي سڪون واري صوبي ۾ ٻورين بند لاشن جو نئون ڪلچر متعارف ڪرايو. مخالفن جي ڏيلن کي ڊرل مشينن سان ڏاري وڌو.سنڌ جي نياڻين جو ڇاتيون ڇلڻ وارا ڪي ٻيا نه پر اهي ئي مهذب مهانڊا هئا جيڪي پوري انسانيت کي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي عذاب ۽ اذيتن مان آزاد ڪرائڻ جا اڀ ڏاريندڙ اعلان ۽ پاڪستان ۾ غريبن جي حڪمرانيء جا نعرا هڻندا رهيا آهن. انهن سنڌ ته ڇڏيو پر ڪڏهن پاڪستان کي ئي دل سان تسليم نه ڪيو آهي.سندن اهڙا سمورا ڪرتوت ۽ ماضيء جا ڪارا ريڪارڊ انهن“ باخبرن ” وٽ محفوظ آهن جن کي زمين جي تهه هيٺان سرندڙ ماڪوڙي به چٽي نظر اچي ٿي.ڪنهن عقل جي ويريء کي ڀلي شڪ هجي ته هنن جا لنڊن جي پير سان لاڳاپا ختم ٿي چڪا آهن پر افعال ته هنن ڪراچيء وارن باغي مريدن جا به پنهنجي سياسي پير کان ٻه رتيون ڪسر آهن.اهي ئي دل کي گھائل ڪندڙ ۽ روح کي رهريندڙ لفظ،اهو ئي نفرتن جو دوڪان،اها ئي تعصب جي زهر سان ڀريل زبان،اهي ئي سنڌ جي سينڌ کي بي آبرو ڪرڻ جي منصوبابندي،اهي ئي ورهاستن جون ديوارون اڏڻ جي ڪني سوچ ۽ اها ئي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش.خبر ناهي اهي ڪهڙي نرجي مخلوق آهن جن کي نه ته وقت ٿو ڪو سبق سيکاري ۽ نه حالتن جون ستم ظريفيون ٿيون پنهنجا رويا بدلائڻ تي آمادا ڪن ۽ نه ئي مڪافات عمل مان ٿي انهن کي ڪا عبرت حاصل ٿئي.ماضيء ۾ هر حڪومت جا مزا ماڻڻ ۽ پنهنجا ذاتي ۽ گروهي مفاد حاصل ڪرڻ باوجود به سندن “محروميت ”جي بت جي بک نٿي لهي.اڄ به جڏهن اهي اختيارن جي اڻ هوند جي واويلا ۽ ايم ڪيو ايم کي سياسي طور تي يتيم ڪرڻ جو ماتم ڪري رهيا آهن ان وقت به پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي شهر توڙي سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي وڏن شهرن تي سندن سياسي سورهيه ئي تخت نشين آهن.پر کڄن ته وٽانئن ڪچري جا ڍير به نٿا.سنڌ آخر انهن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو اٿندي ويهندي سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جو تسبيحون پڙهڻ لڳن ٿا.هيء ڪهڙي مستقل مصيبت اختيار جي اصل ڌڻين پنهنجي ۽ پوري پاڪستان جي ڳچيء ۾ وجھي ڇڏي آهي جنهن مان جان ئي آجي نٿي ٿئي.پاڪستان جا اصل وارث بنجڻ جا دعويدار ته ٿين ٿا پر سنڌ ۽ اصل سنڌين سان سندن ساڙ پوڻين صدي گذرڻ باوجود اڃا برقرار آهي.ڇا هنن جا وڏڙا هندستان ڇڏي پاڪستان ان ڪري آيا هئا ته جن ماڻهن انهن کي پنهنجي جيء ۾ جايون ڏنيو ن انهن جي نسلن کي نشان عبرت بنائي ڇڏجي.سنڌي شاگردن تي ڪراچيء جي تعليمي ادارن جا در بند ڪرڻ وارا ڪي ٻيا نه پر اهي ئي روشن خيال ۽ ترقي پسند اڳواڻ آهن جيڪي ڀوتارڪي سياست جي خلاف ليڪچر ڏيندي نٿا ٿڪن.روشنين جي شهر کي اونداهين ۾ ڌڪڻ وارا،نسلي بنيادن تي شهرن ۾ نوگو ايريا جا دائرا ڇڪڻ وارا،ڪاروباري طبقي ۽ صنعتڪارن کي ڀتاخوريء جي صورت ۾ هميشه جي خوف ۽ بي يقينيء ۾ مبتلا ڪرڻ وارا ڪي ٻيا نه پر اهي ئي مهربان آهن جيڪي وڏن شهرن تي حاڪميت جو حق اڪيلو پنهنجي لاء مخصوص سمجھن ٿا. سچ ته اهو آهي جو انهن “مهاجر سياست” جي راند ۾ خود مهاجرن کي ئي پوري سماج کا ڪٽي،جدا ڪري ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي.اها ئي نفرت ڀري سياست انهن لاء سازگار رهي ٿي. نسلي ۽ لساني تعصب جي زهر سان ئي انهن جي سياسي گلشن جي آبياري ٿئي ٿي.سڄي سنڌ چوي ٿي ته مهاجر سنڌي آهن پر هي متعصب چون ٿا ته مهاجر پوري پوڻين صدي سنڌ ۾ رهڻ باوجود اڄ به فقط مهاجر آهن.ڇو ته جيڪر مهاجر سنڌي بڻجي ويا ته ته هنن جو سڄو سياسي دوڪان ئي بند ٿي ويندو.جيڪر زيادتيون مهاجرن سان ٿي رهيون آهن ته ان کان وڌيڪ قسم جا ظلم ته اصل سنڌين سان به ٿي رهيا آهن.اهو نسل يا زبان جو نه پر نظام جو الميو آهي.اهو استحصالي نظام انهن نام نهاد انقلابي اڳواڻن بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا هر استحصالي نظام جوپاڻ حصو بڻجي انهيء کي دوام بخشيندا رهيا آهن؟ماڻهن کي نسل،زبان،مذهب ۽ فرقي تي ويڙهائڻ جي راند هاڻي بند ٿيڻ گھرجي.گھڻو ٿيو.سنڌ رڳو ڪو جاگرفيائي ڌرتيء جو ٽڪرو نه پر سنڌين جو سريڙ ۽ ساهه آهي،الفت ۽ اتساهه آهي،سوچ،سونهن ۽ سندرتا آهي،تهذيب،ثقافت ۽ سماج آهي.جوش،جنون ۽ جذبو آهي،آدرش،آتما ۽ ويساهه آهي. جڏهن توهان سنڌ جي سريڙ تي تي ڪا لڪير وجھڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا ته هڪ ئي وقت ايترين سارين شين جي روح کي رهنڊيو ٿا ۽ صدين جي تاريخي حقيقتن کي تار تار ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ٿا.ايترو اڳتي به نه وڃو جتان واپسيء جو ڪو رستو نه ملي سگھي. جنهن کي سنڌ جي سرحدن ۾ ساهه منجھي ٿو ۽ جنهن کي لطيف جي نگريء ۾ نينهن واري رسم اوکي ٿي لڳي ان کي اها ته اجازت آهي جو سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر نڪري پنهنجي مرضيء جو ڪو نئون جهان جوڙي وٺي ۽ پنهنجي لاء ڪي نوان ليڪا ڪڍي وٺي پرسنڌ ۾ رهندي جيڪر ڪو سنڌ جي صدين کان موجود ليڪن کي لتاڙڻ جي بدنيتي ڪري ٿو ته انهيء جو شمار سنڌ جي غدارن ۾ ٿيندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو