شفيق الرحمان شاڪر سياسي سسپينس،مهانگائي ۽ ٻين ڪيترين ئي روزمرهه مصيبتن ۽ مايوسين جي بڇڙين خبرن جي وچ ۾ هڪ اهڙي خبر به ملي آهي جيڪا حيرتناڪ پر خوشيء ۽ اميد جي خبر آهي سا خبر اها ته دنيا جي سڀ کان گھڻي ڳتيل حصي ڏکڻ ايشيا ۾ رهندڙ اٽڪل هڪ ارب ۽ اسي ڪروڙ ماڻهن مان ٻاويهه ڪروڙ پاڪستاني سڀني کان وڌيڪ پرسڪون ۽ خوش آهن.گڏيل قومن جي 156 ملڪن جي 2017ع وارن انگن اکرن تي بڌل هن “ورلڊ هيپي نيس رپورٽ” مطابق انهن ملڪن جي درجا بندي اتي رهندڙماڻهن جي آمدني،صحتمند زندگي،ڏکئي وقت ۾ سهارو ملڻ جي اميد،وڏي دل،آزادي ۽ اعتماد جهڙين شين جي ڪسوٽي تي پرکڻ بعد ڪئي ويئي آهي.انهن ملڪن جي درجابنديء ۾پاڪستان 75 نمبر تي آهي تنهن هوندي به هن خطي جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن کان اڳڀرو آهي.خاص طور تي پنهنجي پاڙيسري ملڪ هندستان جنهن جو ڳاڻيٽو دنيا جي تيزيء سان ترقي ڪندڙ معيشتن ۾ ٿئي ٿو ۽ جيڪو فوجي لحاظ کان به نهايت ئي طاقتور ملڪ سمجھيو وڃي ٿو،گڏيل قومن جي ان رپورٽ مطابق پاڪستان سڪون ۽ خوشيء جي معاملي ۾ ڀارت کان 57 ڀيرا بهتر آهي. هڪ ڊگھي زماني کان هرڪو اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته آخر “ خوشي ” آهي ڪهڙيشيء؟اها پاڻهي مليو وڃي يا ان کي حاصل ڪرڻو پوي ٿو؟ڇا ان کي حاصل ڪرڻ اهم ۽ ضروري آهي؟جيڪر ها ته ڇو؟ خوشي ڪهڙي شيء آهي ان جي وصف ڪجھه مشڪل آهي جو هر ماڻهوء وٽ خوشيء جو تصور جدا جدا آهي،مثال ڪا ساڳي شيء يا واقعو جيڪو هڪڙي ماڻهوء لاء خوشيء جو سبب آهي ته ساڳئي وقت اهو ساڳيو واقعو يا شيء ٻئي ماڻهوء لاء غم جو سبب ٿي سگھي ٿي.امن،سڪون ۽ خوشي ظاهر ۾ توڙي جواهي ٽيئي لفظ هڪجهڙو تاثر ۽ مطلب ڏين ٿا پر انهن ۾ ڪجھه فرق به آهي. ٻن حادثن جي وچ وارو وقفو امن سڏجي ٿو،هر ٻن تڪليف ڏيندڙ ساعتن جي وچين وقفي کي سڪون ۽ هر هڪڙي غم کان ٻئي غم جي وچين وقفي کي خوشيء جو نالو ڏنو وڃي ٿو. مشهور فلاسافر ارسطو چيو هو ته خوش ٿيڻ انساني زندگيء جو هڪ اهم مقصد آهي.انهيء ئي مقصد حاصل ڪرڻ لاء پوري دنيا جا ماڻهون پنهنجون زندگيون گذاري ڇڏين ٿا، جدوجهد ڪن ٿا،جوڙ ٽوڙ ڪن ٿا ته شايد اهو مقصد حاصل ٿي وڃي ۽ انهيء سموري جدوجهد جي اندر ئي وري خوشي ڪٿي غائب ٿيو وڃي. انهيء ۾ شڪ ناهي ته خوش رهڻ جو انساني صحت سان به سڌو سنئون تعلق آهي.عالمي صحت جي اداري مطابق“ صحت رڳو بيماريء جي غير موجودگيء جو نالو ناهي پر ان مان مراد اهڙي ڪيفيت آهي جنهن ۾ هڪڙو شخص جسماني،ذهني ۽ سماجي لحاظ کان پوري طور تي ٺيڪ هجي.” انهيء تعريف کي جيڪرخّوشيء جو نالو ڏجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو.اهڙي ذهني ۽ جذباتي ڪيفيت جنهن ۾ مثبت ۽ وڻندڙ جذبا جنم وٺن تنهن کي خوشي چئبو آهي انهيء جا مختلف درجا ٿي سگھن ٿا،مثال پهرئين درجي ۾ بنيادي ضرورتن کي رکجي ته مادي شين جي حاصل ٿيڻ کي خوشي چئبو، ٻئي درجي ۾ پنهن جي خوديء جي خواهش ۽ ٻين تي فوقيت ۽ برتري آهي،ٽئين درجي ۾ ٻين جي مدد ۽ انهن کي سک پهچائڻ خوشيء جي وصف ۾ اچي ٿو۽ آخري درجي ۾دلي سڪون يا اندروني خوشي به چئي سگھجي ٿو.خوشيء کي سڪون،اطمينان جي ڪيفيت جي نسبت ۾ ڏسجي ته ان جو اثر صحت تي ٿئي ٿو.خوش رهندڙ ماڻهن جي قوت مدافعت وڌيڪ مضبوط هوندي آهي ۽ اهڙا ماڻهو ڊگھي عمر پائين ٿا.خوشي ماڻهن جي دلين ۾ ڪشادگي پيدا ڪري ٿي،اطمينان جو احساس جاڳائي ٿي ۽ تڪليفن مان گذرڻ جو حوصلو ڏئي ٿي.خوشي ٻين ماڻهن سان لاڳاپا بهتر بنائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.خوش مزاج ماڻهو رشتن کي بهتر ۽ ڪامياب انداز ۾ نڀائين ٿا.اهڙا ماڻهو وڌيڪ تخليقي ۽ تعميري صلاحيتن جا مالڪ ٿين ٿا. ذهني ڇڪ يعني ٽينشن خوشيء کي کائي وڃي ٿو ان ڪري خوش رهڻ لاء ان تي قابو پائڻ ضروري آهي،جن ۾ ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت گھٽ هوندي آهي،اهي ڏکي صورتحال ۾ اوچتو پريشان ٿي وڃن ٿا ۽ حوصلو هاري ويهن ٿا.اهو چيو ويندو آهي ته هر ڏک کان پوء سک هوندو آهي،اهڙيء طرح هر غم کان پوء خوشي هوندي آهي. خوشي ڇا آهي ۽ ڇو ضروري آهي واري سوال کان پوء هاڻي اهو جائزو وٺڻو پوندو ته خوشي ڪهڙيء طرح ملي ٿي؟اهي ڪهڙا ذريعا آهن جيڪي اسان لاء خوشيء جو سبب بڻجي سگھن ٿا؟ اها ته حقيقت آهي جو ماڻهن جا خوشيء جا معيار جدا جدا هوندا آهن.ان ڪري خوشي حاصل ڪرڻ جا ذريعا به الڳ الڳ آهن.مثال ڪنهن تخليق ڪار جي لاء ان جي تخليق،ڪنهن شاعر لاء ان جو نظم يا غزل،ڪنهن ڪرڪيٽر لاء ان جو سٺو اسڪور،ڪنهن واپاريء لاء ان جي ڪاروباري ڪاميابي خوشيء جو سبب بڻجي سگھي ٿي.جيڪر اسان اميدن ۽ خواهشن جو دائرو مختصر رکون ته وڌيڪ خوش رهنداسين،جيتريون وڌيڪ اميدون اوتري ئي وڌيڪ مايوسي ۽ جيتريون گھڻيون خواهشون اوترو ئي وڌيڪ بي اطميناني هوندي آهي.ايئن سمجھو ته ٻار دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خوش مخلوق آهن،جيئن وڏا ٿيندا آهن ته اميدون ۽ خواهشون به وڌنديون وينديون آهن ۽ خوشي گھٽبي ويندي آهي. ٻار ان ڪري خوش آهن جو اهي وڏن جيان پنهنجي سينن ۾ بغض ۽ ڪينو نٿا سانڍين،هتان وڙهيا ته انهيء ئي ساعت وري پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا.اها ساڳي شيء وڏا به پنهنجي زندگيء ۾ شامل ڪري وٺن ته ٻارن جيان خوش رهي سگھن ٿا.ڪجهه ماڻهو مذهب ۽ روحانيت ۾ خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندا آهن.جيڪر روح مطمئن ۽ پرسڪون هجي ته جسم ۽ دماغ به پرسڪون ۽ خوش رهي ٿو.پر خوش رهڻ لاء ٻيا به ڪيترائي عوامل آهن جن ذريعي خوشي اسان تائين پهچي سگھي ٿي. انهن ۾ قابل اعتماد ويجھا دوست،پيارن سان مضبوط رشتو،پنهنجن صلاحيتن مطابق نوڪري يا ڪاروبار،بهتر معاشي زندگي،جيڪي ڪجھه زندگيء ۾ حاصل آهي ان جو قدر ڪرڻ ۽ ناشڪري ۽ شڪايتن کان پاسو ڪرڻ،انهيء سان گڏ ڪافي ٻيون شيون به خوشيء ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون، مثال خدا تي ڪامل ايمان ۽ ڀروسو،ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ پنهنجن ناڪامين کي پنهنجي بد نصيبي سمجھڻ بدران انهن کي زندگي سنوارڻ جو سبق سمجھڻ ۽ پنهنجي صحت جو خيال رکڻ وغيره. 1970ع ۾ ڀوٽان جي بادشاهه خوشيء کي هڪڙو انساني بنيادي حق قرار ڏنو هو،گڏيل قومن طرفان هر سال 20 مارچ تي پوري دنيا ۾ خوشيء جو عالمي ڏينهن به ملهايو وڃي ٿو. پنهنجو پاڻ کان ٻين جو وڌيڪ خيال رکجي،ٻين ماڻهن کي مناسب وقت ڏجي،انهن کي زندگي بهتر بنائڻ لاء پرخلوص مشورا ڏجن،اهي شيون به خوشيء ۾ اضافي جو سبب بڻجن ٿيون.اسان جي جسم جو دماغ سان گهرو تعلق آهي ،اسان جي جسماني صحت بهتر هوندي ته اسان کي ذهني پريشانين کان نجات ملندي ۽ اهڙيء طرح اسان خوشي محسوس ڪنداسين.ماضيء جي تلخين کي وسارڻ ۽ آئيندي جي انديشن کي ذهن مان جھٽڪو ڏيئي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.وڌيڪ نت نيون شيون سکڻ جو جذبو به اسان جي ذهن کي چست رکي ٿو ۽ اسان جي سوچ کي جمود جو شڪار ٿيڻ کان بچائي ٿو.هن وسيع ۽ ڪشادي ڪائنات جي ڪتاب کي هر وقت پڙهندو رهڻ گھرجي،چوندا آهن ته واندو دماغ شيطان جو گھر هوندو آهي ان ڪري پريشانين ۾ دفن ٿيڻ بدران پنهنجو پاڻ کي مختلف ڪمن ۽ مثبت وندرن ۾ دفن ڪرڻ گھرجي.زندگيء جو مقصد جيترو بلند ۽ عظيم هوندو اوترو ئي انسان ۾ مختلف مشڪلن ۽ ناڪامين جو مقابلو ڪرڻ جو وڌيڪ حوصلو پيدا ٿئي ٿو.وڏي ،وسيع ۽ بلند سوچ رکڻ وارا ماڻهو اڪثر خوش رهن ٿا.خوش مزاجي ۽ کل ڀوڳ به طبيعت جو حصو هئڻ گھرجي،ڳالهه ڳالهه تي منهن سڄائڻ ۽ هر معاملي کي سنجيدگيء سان وٺڻ به پريشانين کي دعوت ڏيڻ آهي.البته خوش طبعي ۽ کل ڀوڳ ۾ ان ڳالهه جو گھڻو ڌيان رکجي ته ڪنهن ٻئي جي اجائي دل آزاري نه ٿئي.خوش رهڻ جو آخري قيمتي نسخو اهو ته پنهن جي سوچ کي هر وقت مثبت ۽ هاڪاري بنائي رکڻو آهي،زندگيء جي روشن پاسن تي نظر رکجي ۽ مايوسين کي ويجھو اچڻ نه ڏجي. “ گلاس اڌ خالي آهي” اهو سچ آهي پر سچ اهو به آهي ته “گلاس اڌ ڀريل آهي،” هاڻي اهو اسان جي سوچ ۽ نظر تي دارومدار رکي ٿو ته هروقت گلاس کي اڌ خالي ڏسندا رهون يا وري مثبت سوچ ۽ نظر سان ان کي اڌ ڀريل ڏسون!