سُڌ سماءُ....04... / محمد خان سيال / 14 مئي 2018

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * ڀا شا ڊيم ٺهي ها ته اڄ پاڻيءَ جي کوٽ نه ٿئي ها: سنڌ جو وزير نثار کهڙو
    تاريخي سچائي: لياري بلوچ گينگوار جي سربراهه عذير بلوچ گھٽ ۾ گھٽ 80 سنڌي، لياريءَ ۾ شهيد ڪيا هئا ـ *
    * فوج دهشتگرديءَ خلاف رڌل آهي پر نواز شريف پٺيءَ ۾ خنجر هنيو آهي، هو پيسي جو بکيو آهي، کيس سٺو سنوڻ نٿو سمجھان: اينڪر حسن نثار ـ
    * لڳي ٿو پنجاب جووڏو وزير شهباز شريف جنهن جو ڪردار سدائين سنڌ دشمن رهيو آهي سو سنڌ جي دوري دوران اوچتو سنڌ جي ڳڻتيءَ ۾ ڳري ڪنڊا ٿي پيو آهي ـ
    * شهباز شريف ته ڪوڙ جي حد ڪري ڇڏي! سنڌڙي ۾ دعوا ڪيائين ته چئني صوبن کي پاڻيءَ جو ”حق ۽ حصو“ ملي ٿو، سنڌيو! هوشيار رهو ـ
    * ياد رکو، سنڌيو! سنڌڙيءَ ۾ شهباز شريف طرفان ڪالاباغ ڊيم نه ٺهرائڻ جو اعلان کليوکلايو دوکو آهي، مٿس ويساهه نه ڪجو ـ
    * اڳ به ڪيترا ڀيرا عرض ڪيو اٿم ته فيس بوڪ تي پوسٽنگس ٽيگ نه ڪريو پر ڪي دوست نٿا مڙن، هاڻ اهڙن کي ان فرينڊ ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو (محمد خان سيال) ـ
    ـ * سپريم ڪورٽ، پي آءِ اي جي هوائي جهازن جي پڇڙيءَ تان پاڪستاني جهنڊو هٽائڻ جو نوٽيس ورتو
    * بلاول ڀٽي زرداريءَ جي، مخدوم جميل الزمان سان ملاقات، سندس شڪايتون دور ڪرڻ جي خاطري ـ
    * فاروق ستار، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻي ڇڏي ڏني، اليڪشن ۾ نه بيهندو پر چوي ٿو: موت کانپوءِ به ايم ڪيو ايم نه ڇڏڻ جو اعلان ڪريان ٿو ـ
    * “جي ايم سيد جي ٺهراءُ وارو پاڪستان” وڃائڻ نٿا چاهيون، ڪالاباغ نه ٺهندو،صوبن کي پاڻيءَ جو حق ۽ حصو ملي رهيوآهي، شهباز شريف جي سنڌڙيءَ ۾ دعوا ـ
    * ڪراچيءَ جي صورتحال، اليڪشن دوران نازڪ صورتحال اختيارڪري سگهي ٿي، سنڌي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ڇڏي سارو ڌيان گڏجي سنڌ جي يڪجهتيءَ تي ڏين (محمد خان سيال جي صلاح) ـ
    * پياري امڙ جي 24 ورهين جي وڇوڙي دوران اهڙو ڏينهن ناهي لنگھيو جو مون کيس ياد نه ڪيوهجي، سندس مثالي ڪردار منهنجي لاءِ گائيڊ بڻيل آهي (محمد خان سيال جو مائرن جي عالمي ڏينهن تي تبصرو) ـ
    * پشتون تحفظ مومينٽ، ڪراچي بد نيت لڳي ٿي. سندن مطالبو آهي: پشتونن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۽ ڪي ايم سي وغيرهه ۾ نمائندگي ڏيو ـ
    *ماضيءَ ۾ مختلف پشتون اڳواڻن چيو هو: پشتون، ڪراچيءَ ۾ پورهئي لاءِ آيا آهن، جڏهن چوندو موٽي ويندا، سنڌ تي سندن ڪا دعوا ڪانه هوندي ـ
    * ڪي سنڌ جا ٺيڪيدارچون ٿا ته هاڻوڪي پ پ پ ۾ خاميون آهن ته انهن جو ذميدار به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آهي، ڀلا، هاڻوڪن قومپرستن جي ڪرتوتن جو ذميدار به سندن مرحوم ليڊرآهي ڇا؟ـ
    * مون فيس بوڪ تي سو بار بار ڄاڻايو آهي ته ڏنل موضوع تي بحث پهريان ڪريو پوءِ واسطيدارموضوع تي تبصرو ڀلي لکو پر اها ڳالهه سنڌين کي سمجھه ۾ ڪونه ٿي اچي. ڀلا، اهڙي بحث مان ڪهڙو فائدو؟ ـ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو