هڪ اولياء الله جو تذڪررو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    هڪ اولياء الله جو تزڪرو


    اسان جي سنڌ هن صوفين جي ڌرتي تي ڪيترائي اولياء الله ٿي گذريا آهن جن پنهنجي روحاني فيض سان عالم اسلام ۾ پنهنجي روحاني نگاه سان فيض جا سمنڊ جاري ڪيا جن جي نگاه نظر سان لکين غير مسلم اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا آهن لکين ڀٽڪيلن کي سڌي راها تي آندو آهي انهن اولياء الله ۾ مرشد سائين خواجه نور احمد جان نقشبندي قادري سهروردي چشتي رحمته الله عليه به ٿي گذريا آهن سائين جن پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي نفس کي ماري دنياوي خواهشات کي ترڪ ڪري مرشد سائين ڪامل اڪمل ولي خواجه گل محمد جان رحمته الله عليه بلوجستان وڍ ورن بزرگن جي هٿ مبارڪ تي سلسلا ء نقشبندي جي دست بعيت ڪئي سائين گل محمد جان رح عليه جن جي ڏسيل شريعت ۽ طريقت جي سبقن تي استقامت تي هليا ۽ پنهنجي مرشدن جي درگاه تي مسلسل چلا ۽ ڏاها ڪٽيندا رهيا حضرت نور احمد جان رح اڪثر دادو سنڌ کان پيرن پيادل پنهنجي مرشد جي زيارت لاء بلوجستان ويندا هئا سائين گل محمد رح پنهنجي هن پياري فقير جي محنت ۽ محبت استقامت ڏسي سندن خلافت جي ڪڙتي سان نوازيو جنهن ۾ فيض ڏيڻ فيض کسڻ فيض سليب ڪرڻ يعني هر نموني سان مالا مال ڪيائون ۽ دين جي تبليغ لاء سنڌ ۾ مقرر ڪيائون سائين گل محمد رح جي وصال کان پوء سندس جي صحبزاده حضرت عبدالقادر جان نقشبندي کي ئي پنهنجو مرشد تصور ڪندا رهيا ۽ سندس فيض به حاصل ڪندا رهيا پوء سائين حضرت نور احمد جان نقشبندي رحمته الله عليه جن جي نگاه ڪرم جو اهو اثر هوندو هو جيڪو بدڪردار ايندو هو ۽ واپسي ۾ ان جي دامن ۾ استغفار ۽ ان قلب تي جيڪو سائين الله جو اسم لکندو هو ان ذڪر جي زربن سان گڏ اسلام جي درد کان سوا ٻيو ڪجه به نه هوندو هو اهو بدڪردار انسان پنج وقت نماز سان گڏ اشراق چاشت اوابنين سان گڏ تهجد گذار ٿي ويندا آهن ۽ حق حلال جي ڪمائي سان پنهنجي ٻچن جو گذارو ڪندي وقت تمام صبر ۽ تحمل سان گذارڻ انهن جو معمول ٿي ويندو ھو اُٿي وٺي قلبي ذڪر جون صدائون اندر ۾ ائين پيو موجون هڻديون هيون جئين سمنڊ جون لهرون هجن سائين مرشد نور احمد جان نقشبندي رح پنهنجي فقيرن خليفن کي هر جمعي رات قلبي ذڪر جون تمام گهڻيون تلڪينون حق حلال جون هدايتون اوڙي پاڙي جي حقن جو خيال فرضن سنتن ۽ نفلي عبادت سان آخرت کي سوارڻ لاء پنهنجي فقير مريدن ۽ خليفن کي تمام گهڻو زور ڀريندا هئا رات جو ۽ صبح فجر نماز کان پوء سڃي جماعت کي مراقبو تا اشراق ڪرائيندا هئا پنهنجي فقيرن کي پنهنجي مسجد ۾ رمضان پاڪ ۾ اتڪاف به ڪرائندا هئا, اهو ئي سبب آهي جو سائين جي فقيرن مريدن ۽ خليفن مان به ڪرامتون وقتن به وقتن ظاهر ٿينديون رهنديون آهن هڪ دفعي سائين جن جي هڪ فقير جي گئون چوري ٿي وئي فقير سائين جن وٽ آيو عرض ڪيائين قبلا منهنجي گئون چوري ٿي وئي آهي دعا ڪيو واپس ملي سائين فرمايو فقير گئون چورن کي معاف ڪري ڇڏ , قفير پريشان ٿي ويو پڇو سائين گئون چورن کي معاف ڪري ڇڏيان سائين فرمايو ها بابا گئون چورن کي معاف ڪري ڇڏ فقير چيو جي حاضر قبلا گئون مون چورن کي معاف ڪئي ائين چئي فقير موڪلائي هليو ويو ٻئي ڏينهن سائين وٽ آيو ۽ عرض ڪيو سائين مون کي منهنجي گئون ملي وئي سائين فرمايو فقير الحمدولله چوء ۽ چور تنهنجي چوري ڪري ويا هئا ان وقت تنهنجي گئون انهن لاء حرام هئي جڏهن تو انهن کي معاف ڪيو ته انهن کي حلال ٿي وئي پر الله پاڪ انهن کي حلال نصيب ئي ناهي ڪيو انهن کي حرام نصيب آهي حرام ٿا کائين پيا کائين اسان جي دعا آهي الله انهن کي صالح ڪرين
    سائين جن جي لفظن ۾ وڏي حڪمت ۽ وڏو درس هوندو هيو ۽ آخرت جي فقر ۾ ايڏا ته محو هوندا هئا جو هروقت قلبي ذڪر ۽ نفي اثبات جي سندس تسبح ساڻ هوندي هئي وڏا وڏا پير فقير اچي سائين کان ئي فيضياب ٿي ويندا هئا , سائين اڪثر پنهنجي مريدن کي ۽ پنهنجي صحبزادن کي دين جي تبليغ ڪرڻ جو گهڻو درس ڏيندي هي وصيتون به ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا الله جي ذڪر سان پنهنجي قلب ۾ معرفت واري نور کي جاء ڏيو دل جي سياهي الله جي ذڪر سان صفا ڪيو ڪڏهن به ڪا ڪرامت ڏيکارڻ جي ڪوشش نه ڪيو ڪڏهن به ڪاڪرامت ظاهر به ٿي ان تي فخر نه ڪيو هٺ وڏائي تڪبر ڪڏهن به نه ڪجو شيطاني وسوسن شيطاني عمل کان پاڻ بچايو سادو کائو سادو پيو سادو پهريو غفلت جي ننڊ کان الله ۽ ان جي حبيب جو ذڪر ڀلو آهي جڏهن به ڪا مشڪلات اچي ته مسجد جو در نه ڇڏجو سائين اڪثر نصيتون ڪندي فرمائيندا هئا آيت ڪريمان , تحليل ثاني, نفي اثبات (( جيڪي نقشبندي سلسلي جا سبق آهن )) ڪثرت سان ڪندا ڪريو, دنيا ۾ نه ڪنهن اولياء جي نه ڪنهن انسان جي بار ۾ بي ادبي وارا الفاظ ڳالهايو نه ئي ان بابت سوچو دنيا جو درد سور سولو آهي مگر جيڪو اولياء الله جي نگاه مان ڪريو اهو سور ڏاڍو ڏکيو آهي ,
    مرشد سائين نور احمد جان نقشبندي رح پهرين رجب 1436ھ عسوي سن مطابق 21/4/2015ع تي هن فان دنيا کي الودع چئي باقي جهان ڏي روانه ٿيا,سندس وصيت مطابق مسجد جي ڀهر سان سپردخاڪ ڪيو ويو جتي اڄ عاليشان مقبرو روضو آهي جيڪو سندس صحبزاده خليفه نورالله جان نقشبندي جي محنت محبت سان تيار ڪرايو ويو آهي فقيرن ۽ مريدن جي پڻ زيارت گاه آهي
    _______________________________________ _________________ اصغر علي جمالي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو