قرآن شريف بابت

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏18 مئي 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    بسم اللہ الرحمٰن الرحيم

    قرآن پاڪ ڇا آھي؟
    اللھ تعاليٰ جو پيغام آھي جيڪو پيغمبر ذريعي پنھنجن ٻانھن کي موڪليو ويو آھي.
    ھن جو مقصد ڇا آھي؟
    پيغام جو مقصد انسان ذات لاءِ سمجهہ ۽ ھدايت آھي.
    ھن جي مقصد جي خبر ڪيئن پئي؟
    قرآن پاڪ جي تلاوت سان نہ پئي پر ابن ڏاڏن ۽ دوستن يا مولوين کان خبر پئي.
    قرآن پاڪ عربي ٻوليءَ ۾ ڇو نازل ٿيو؟
    ڇوتہ امت جي ٻولي عربي ھُئي ۽ اُھي ٻي ٻولي نہ سمجهندا ھُئا نہ تہ عبراني يا ڪنھن ٻي ٻوليءَ ۾ نازل ٿي سگهيو پئي ۽ حضور ﷺ کي اُھا ٻولي سيکاري سگهجي پئي، جيئن معراج جو واقعو وغيرہ.
    قرآن پاڪ جو عربي ٻوليءَ ۾ نازل ٿيڻ خود ھڪ وڏو دليل آھي تہ اللھ پاڪ جي نظر ۾ ٻوليءَ جي نہ پر پيغام جي اھميت آھي نہ تہ سڀ الھامي ڪتاب ھڪ ئي ٻوليءَ ۾ نازل ٿين ھا.
    قرآن پاڪ ۾ خود اللھ تعاليٰ اِن ڳالھہ جو ذڪر کوڙ ڀيرا ڪيو آھي.
    اللھ پاڪ تہ ھر ٻوليءَ کي سمجهي ٿو، ماڪوڙين جي ٻولي بہ، تہ ھُو ھر اُھا ٻولي جيڪا انسان سمجهي سگهي، سمجهي سگهي ٿو. مقصد اللھ جو پيغام انسانن کي سمجهائڻ آھي اللھ پاڪ کي سمجهائڻ نہ.
    اقراء يعني پڙھڻ جيڪو وحيءَ جو پھريون لفظ آھي يا reading جيئن خط پڙھڻ، اخبار پڙھڻ وغيرہ وغيرہ ۽ ان جو مطلب ڪٿي بہ ڏِسجي تہ اُھو سمجهڻ ئي آھي. سمجهڻ ۾ گهٽ وڌائي ٿي سگهي ٿِي.
    ناظرہ پڙھڻ بابت
    ڪٿي بہ وصف يا defination ناھي، شايد ھِي برصغير پاڪ و ھِند جي پيداوار آھي.
    ۽ جيڪڏھن سموري عمر قرآن پاڪ کي ناظرہ پڙھندا رھون تہ اللھ پاڪ جو پيغام سمجهہ ۾ نہ ايندو ۽ اللھ جو قرآن نازل ڪرڻ وارو مقصد فوت ٿي ويندو.
    باقي جيڪو مولوي صاحب ٻُڌائيندو ان تي گذارو ڪنداسين تہ پوءِ اسان بدعتن ۾ ئي رھنداسين، جيئن اڄڪلهہ ٿئي پيو. عام طور تي ناظرہ پڙھڻ وقت چيو وڃي ٿو تہ زبر زير جو فرق نہ ڪرڻ کپي نہ تہ مطلب بدلجي ويندو، ان مان بہ ظاھر ٿو ٿئي تہ مطلب ۽ معنيٰ اھم آھن ٻولي اھم ناھي.
    جڏھن اسان قرآن پاڪ ناظرہ پڙھي ٿا وڃون ۽ پڙھي رھيا آھيون تہ پوءِ عربي اخبار ڇو نٿا پڙھي سگهون؟
    مون پنھنجي زندگيءَ ۾ سوين يا ھزارين ڀيرا ناظرہ قرآن شريف جو ختم پورو ڪيو آھي، پر سمجهہ ۾ ھڪ لفظ بہ نہ آيو. پر جڏھن مون سورة البقرة آية 2 ”ذالڪ الڪتاب لاريب فيہ“ کي سمجهيو تہ لڱ ڪانڊارجي ويا، يعني اللھ پاڪ پھرين ئي جملي ۾ فرمائي رھيو آھي تہ ”ھِي اُھو ڪتاب آھي جنھن ۾ شڪ جي ڪابہ گنجائش ناھي“. جڏھن پھريون جملو ايترو اھم آھي تہ اڳيان ڇا ھوندو، سمجهڻ ۽ پڙھڻ تي دل چوندي آھي.
    ھن مان صاف ظاھر ٿيو تہ پڙھڻ جو مطلب ئي سمجهڻ آھي ۽ ناظرہ پڙھڻ تہ پڙھڻو ئي ناھي.
    تہ جڏھن حضور ﷺ فرمائن ٿا تہ قرآن جي ھر حرف جي بدلي 10 نيڪيون آھن تہ لازماً اُھي پڙھڻ لاءِ چوندا ھوندا (يا سمجهڻ لاءِ)، اِن لاءِ نہ تہ صرف ناظرہ پڙھجي. تہ ھِي اسانجي سوچ ۾ فرق آھي ڇوتہ اسان پڙھڻ کي ناظرہ پڙھڻ سمجهيو ويٺا آھيون.
    جڏھن اسان دنياوي ڳالھيون سمجهڻ ضروري ٿا سمجهون، جاپان ۾ روس ۾ يا چين ۾ جيڪو ڪُجهہ ٿئي پيو تہ جيڪڏھن اسان اُھي پنھنجي ٻوليءَ ۾ نہ سمجهون تہ اسانکي ڪھڙي خبر تہ ڇا پيو ٿئي! پر جڏھن قرآن پاڪ پڙھڻ جي ڳالھہ ٿي اچي تہ ناظرہ پڙھڻ تي ئي دنگ ڪري ڇڏيندا آھيون يعني ان کي ئي گنج (ڪافِي) سمجهندا آھيون، ڪيتري بدقسمتي آھي!؟
    حاصل مقصد:
    قرآن پاڪ کي سمجهڻ لازمي آھي، جيڪڏھن عربي ۾ پڙھڻو آھي تہ پوءِ عربي ٻولي سِکو نہ تہ ناظرہ پڙھڻ سوبہ بنا ڪُنھن سمجهڻ جي.؟ ۽ ترجمي سان پڙھندؤ تہ سمجهہ ۾ بہ ايندو ۽ شوق بہ وڌندو.

    واللھ اعلم
    _ الھڏنو چنا
    ترجمو : عبيدٿھيم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو