شفيق الرحمان شاڪر خيرن سان “جمهوري ” حڪومتون پنهنجا وڌيڪ پنج سال مڪمل ڪرڻ بعد اليڪشن جي ”اڻ ڌرئي“ عمل طرف اهڙي ته من موهيندڙ ادا سان گامزن آهن جوگھٽيء گھٽيء ۽ شهر شهر سياسي رونقون لڳيون پييون آهن.ڪٿي اڌ رات جو ماڻهن کي ننڊن مان اٿاري سندن وسري ويل مردن جون تعزيتون ڪيون پييون وڃن ته ڪٿي اسپتالن ۾ مريضن جا بسترا سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آهن. هيء موسم پاڪستاني عوام لاء ڪيڏي نه خوبصورت ۽ مدهوش ڪندڙ هوندي آهي.جتي هونئن ووٽرن کي پاڻيء جو ٿڌو گلاس نٿو ملي اتي چانهيون،پڪوڙا،شربت،بوتلون( خاص بوتلون به) ۽ سموسا مطلب ته عوام جا ٺٺ لڳا پيا آهن.سامهون جتي اڳ ۾ سڪو هٿ به نه ملندو هو اتي ڀاڪرن جا ڌوڙيا آهن.سچ اهو ته ان موسم ۾ ويچاري ووٽر کي جيڪا اوچتي ۽ اجائي عزت ملندي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ووٽر حيرت وچان وات پٽي ڪڏهن سامهون واري صنم کي ته ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ڏسندو آهي۽ کيس پنهنجن اکين ۽ ڪنن تي اهو دوکو ٿيڻ لڳندوآهي ته “آئون اهو ئي ساڳيو “ آئون ”آهيان يا ڪو ٻيو؟”پر اها موسم هر موسم جيان هڪ بي وفا موسم آهي جيڪا جلد گذري ويندي آهي ۽ پوء “شبي غم هي اور هم هين دوستو.“ جي مثال اهي ئي صدين تي محيط ساڳيا سور۽صدما، اهي ئي اڻ ڳڻيا ايذاء ۽ انيڪ آزار ،اهي ئي گھرن جا اجھاميل چلها ۽ پيٽ جي نه اجھامندڙ باهه، اهي ئي عيد برات تي معصومن جي انگ ڍڪڻ لاء چند نون وڳن جي اڻ تڻ،اهي ئي لٽجندڙ قافلا ۽ گم ٿيل رستا.اهيئي رهبرن جي ويس ۾ رهزنيون،اهي ئي ڌن دولت جي دهشت جو راڪاس ۽ طاقت جي تئو کان توائي حرڪتون.اها مڪار موسم هر بار اسان کي مست ۽ مدهوش ڪري، سياسي طور تي لٽي ۽ ڦري ،وڏي ڦڙتيء ۽ بي نيازيء سان اڳتي نڪريو وڃي. اسان ان سياسي مدهوشيء کان ٻيهر هوش ۾ صرف تڏهن ايندا آهيون جڏهن اسان جو هڏ هڏ هيڻو،سنڌ سنڌ ساڻو ۽ احساسن ۽ اميدن جو پورو وجود ئي رتورت ٿي چڪو هوندو آهي.ان وقت اسان پنهنجن انهن سڄڻن کي اهو ڏوراپو ڏيڻ لڳندا آهيون ته “ مجهي تو هوش نهين ،تم ڪو خبر هو شايد لوگ ڪهتي هين ڪي تم ني مجهي برباد ڪيا ! ” سو هن موسم ۾ هرهنڌ جلسن ۽ جلوسن جا جلوا جرڪي رهيا آهن،تقريرن جا طوفان لڳي رهيا آهن،طنزن جا تير وسي رهيا آهن،هڪٻئي تي الزامن جا ڀالا اڇليا پيا وڃن.عوامي محبت ۽ مقبوليت جا ماپا ماپيا پيا وڃن. جمهوريت ۽ عوام جي راهه ۾ کاڌل گهرن گھائن جاگھنِڊ وڄي رهيا آهن.عوام جي عشق ۾ پيش ڪيل “قربانين ”جون لازوال ڪهاڻيون ٻڌايون پييون وڃن.چند ڏينهن پهرين جيڪي جان ۽ دل کان عزيز هئا سي قاتل،دهشتگرد ۽خبر ناهي ڇا ڇا بڻجي پيا وڃن ۽ جن سان جڳن کان جهيڙو هو انهن سواء هاڻي ساعت نٿي سري. مصبيت ۾ مٺن هنن ماڻهن کي ڪنهن جلسي توڙي تقرير ۾ ڪوبه اهو ٻڌائڻ جي تڪليف نٿو ڪري ته آمريتن جي مختلف دورن تي گھڻي لعنت ملامت ٿي ويئي،اڃا به ڪري وٺو پر گذريل ڏهن سالن ۾ ته صرف اوهان جي جمهوري ۽ آئيني حڪومت هئي،انهن ڏهن سالن ۾ هن غريب عوام جي لاء ڪيل ڪجهه ڪارنامن تي به ته ڪڇو.گذريل موسم ۾ ووٽ وٺي وري هن وقت ٻيهر پنهنجن سياسي ڪمالن جون قواليون ٻڌائڻ سان گڏ عوام لاء پاپڙ ويلڻ جو به ته ڪو وچور ڏيو.نه ڏيندا ۽ نه ئي انهن کان ڪو پڇندو. ،انهن وٽ ڏيڻ لاء ڪو جواب آهي ئي ڪونه، سو اهي رڳو “هان هان ”۽ “ هون هون ”ڪندا،دليل سان ووٽ وٺڻ بدران ماڻهن جي جذبات سان کيڏندا،مخالفن خلاف ماڻهن جا جذبا ڀڙڪائي انهن تي گارين جا ميزائل فائر ڪرائيندا. جمهوريت خلاف سازشن جا قصا ڪهاڻيون گھڙي پيش ڪندا،پنهنجن مجبورين ۽ محرومين جو ماتم ڪندا.عجيب غريب ۽ کل جوڳا مطالبا ڪندا.مثال ؛ هڪڙا فرمائين ٿا “ ووٽ کي عزت ڏيو.” ته ٻين جو ارشاد مبارڪ آهي ته ” سياستدانن کي عزت ڏيو.”اهو ڪوئي نٿو چوي ته ” ووٽر کي عزت ڏيو.“ ان ڪري جو ووٽر کي اهي پاڻ جيڪا عاليشان “عزت ” ڏيندا آهن اها ئي ڪافي آهي. بجليء جي لوڊ شيدنگ ختم ڪرڻ جي وعدن جو ڇا ٿيو؟ لاڙڪاڻي کي پيرس بنائڻ جي خوابن جو ڇا ٿيو؟ تعليم ڪيتري سڌري؟ صحت جا بنيادي مسئلا ڪيتري قدر حل ٿيا؟ بد عنواني،بدامني ۽ لاقانونيت تي ڪيترو ضابطو آيو؟معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ سندن قتل جي ڏوهن کي ڪيترو ڪنٽرول ڪيو ويو؟ ظلم جي چڪي۾ پيسجندڙ عورتن،ٻارن،مزدورن ۽ هارين جي حقن جي تحفظ لاء قانون ڪيترو حرڪت ۾ آيو؟نوجوانن کي روزگار ۽ صحتمند سرگرميون مهيا ڪرڻ لاء ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ماحول جي حفاظت ۽ ماحولياتي گدلاڻ خلاف ڪهڙا اپاء ورتا ويا؟ صنعتن ۽ سيڙپڪاريء جي ميدان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون پاليسيون جوڙيون وييون؟ننڍن آبادگارن کي مناسب رليف ڏيڻ لاء ڪهڙا پيڪيج آندا ويا؟پوليس،روينيو،انصاف ۽ ٻين کاتن ۾ ڪهڙيون مثبت تبديليون آنديون وييون جن سان عوام جا اهنج ۽ آزار گھٽجي ويا هجن.حڪومتن پنهنجن شاهاڻن خرچن ۾ ڪيتري ڪفايت شعاريء کان ڪم ورتو؟ ترقياتي اسڪيمن جي معيار مطابق وقت سر پورائي ۽ انهن ۾ لڳندڙ گھوٻين کي روڪڻ لاء ڪهڙو عملي پروگرام جوڙيو ويو؟ڳوٺن ۾ زندگيء جون بنيادي سهوليتون جيئن پاڻي، گئس،بجلي،صحت ۽ تعليم وغيره جي سلسلي ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي؟ اهڙا ٻيا سوين سوال آهن جن جو جواب حاصل ڪرڻ انهيء ووٽر جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي جنهن کي عزت ڏيڻ جو اهي هروقت ڍنڍورو ڏيندا ٿا رهن.هڪڙا سنڌ ڪارڊ ته ٻيا وري پنجاب ڪارڊ کيڏندي نظر ايندا.هڪڙن کي مهاجرن جو درد جاڳندو ته ڪن کي پشتونن جو سور سوايو ٿيندو. ڪن کي مذهب خطري ۾ نظر ايندو ته ڪن کي تبديليء جو جن مست ڪندو.ڪن کي انهن شهيدن جو غم کائيندي محسوس ٿيندو جن جا قاتل انهن پنهنجي سموري اقتدار ۽ اختيار هئڻ باوجود اڄ به آزاد آجا ڇڏي ڏنا آهن.ڪي پنهنجون بدعنوانيون ۽ بداعماليون قوم کي ٻڌائڻ بدران اهو گردان پڙهندي ٻڌبا ته کين عوامي خدمت جي سزا ڏني پيئي وڃي. بس اها ئي هن موسم جي سياست آهي.اها ئي ان عظيم جمهوريت طرف پيشقدمي آهي جنهن جمهوريت ۾، جمهوريت جي اصل ڌر يعني جمهور لاء جيء جي جھورين، جياپي جي جھنجهٽن ۽ جيئڻ جي جڳاڙن جي نويد سواء ٻيو ڪجهه ڪونهي! سنڌ سجاڳ بلاگ