ايشيا ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون پُلون آھن ۽ ايشيا جي وڏي ۾ وڏين پلن ۾ ھڪ پل پاڪستان جي صوبي سنڌ ضلعي دادوءَ ۾ بہ آھي اھا پُل"دادو مورو پل" آھي هي پل 1981 ۾ تعمير ٿي هئي جنهن کي 37 سال گذري ويا آهن جڏهن ھي پُل تعمير ٿي ھئي تہ رات جو دبئي جو ڏيک ڏيندي ھئي ھن پل تي جديد لائيٽون لڳل ھيون ھي ھڪ ڪلوميٽر جي ڊگهي پل آھي ھن پل کي انتظامي بي ڌياني سبب تباھ ٿيئي ڪيئي سال ٿي ويا آھن پر ھن پل جو مرامتي نہ پيو ڪيو وڃي دادو مورو پل جيڪا سنڌو جي ٻن ڪنڌين کي زميني رستي پاڻ ۾ ملائي ٿي جڏهن 2010 ۾ ٻوڏ آئي ھئي تہ درياھ جي ڪجهہ پلن تان ڳري ٽريفڪ بند ڪئي وئي ھئي لاڙڪاڻي واري پل ڳري ٽريفڪ سبب پل جهول کائي رھي ھئي جنھن ڪري ان پل تان ڳري ھيوي ٽريفڪ بند ڪئي وئي ھئي پر دادو مورو پل واحد پل آھي جنھن کي نہ پاڻي ۽ نہ ئي وري وڏيون گاڏيون جهڪائي سگهيون ھي پل پاڪستان جي ناياب پل آھي اگر ھن پل جي مالڪي ڪئي وڃي گذريل 37 سالن ۾ ڪڏهن بہ پل جي مرمت وغيره نہ ڪئي وئي آهي ۽ نہ ئي ڪنهن توجھ ڏيڻ جي زحمت ڪئي آهي ھن وقت ھن پل جي حالت رحم جوڳي آھي ھن وقت ھن پل جا جوڙ اکڙي رھيا آھن پل تي ٺھيل روڊ تي جوڙ اکڙڻ سبب کڏا پئجي ويا آھن ھڪ ڪلوميٽر تائين لڳاتار کڏا پئجي ويا آھن ۽ اھي کڏا پھرين معمولي ھئا پر گاڏين جي اچ وڃ سبب اھي کڏا ھڪ فوٽ تائين وڏا ٿي ويا آھن جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي تيئن تيئن روڊ اکڙندو ۽ کڏا وڌندا پيا وڃن ان کان علاوه پل جي باڊر لائين تمام ڪمزور ٿي چڪي آھي ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ لڳل پينل بہ ڀڳل آھن ڪنھن پينل تي تہ ڍڪڻ بہ ناھن پھرين جيڪي لائيٽن جا ٿنڀا لڳل ھوندا ھئا انھن ٿنڀن جا نشان ئي ميسارجي چڪا آھن ھن وقت ڪو بہ ٿنڀو لڳل نظر نہ پيو اچي پل تي گاڏي چڙھڻ کان ويندي لھڻ تائين گاڏيءِ جي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو پينل کليل نظر اچن ٿا بارڊر لائين ڪٿان تہ ڀڳل نظر اچي ٿي خدا نہ خواصتہ اگر ڪو اھڙو اوڻندڙ حادثو پيش آيو تہ گاڏي درياھ جي تر ۾ ھلي ويندي هن پل جي تباھي جا ذميوار ٻہ کاتا آهن هڪ کاتو ايريگيشن آهي ٻيو کاتو روڊس کاتو آهي ھر سال روڊ ۽ پلن جي مرمتي ڪم لاءِ ڪروڙين رپيا رکيا وڃن ٿا پر اھي ڪروڙ ڪٿي ۽ ڪير خرچ ڪري ٿو اھا اڄ تائين خبر نہ پئجي سگهي آھي سنڌ حڪومت ۽ ٻنهي کاتن پاران هن پل جي ڪا بہ مالڪي نہ ڪئي آهي جنهن جي ڪري اڄ اها تاريخي پل زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آهي جيڪا ڪنهن بہ وقت وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهجي ٿي ان کان علاوه دادو مورو پل هڪ تفريح گاھ پڻ آهي جڏهن برسات پوندي آھي يا هلڪي بونده باري جهڙالي ۽ خوشگوار موسم ٿيندي آھي تہ وڏي تعداد ۾ مرد عورتون ۽ ٻار تفريح لاءِ هتي اچي لطف اندوز ٿيندا آھن پر پل تي تفريح تي ايندڙ عوام لاءِ ڪي بہ سھولتون ميسر ناھن جنھن ڪري تفريح لاءِ ايندڙ ماڻهن کي مشڪلات جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو ۽ اها تفريح گاھ هن وقت مڪمل تباھ ٿيل آهي اسان سنڌ جي واڳ ڏڻين کي گذارش ڪريون ٿا تہ مھرباني ڪري دادو مورو پل جو مرامتي ڪم ڪرائي اکڙيل جوڙ ۽ پينل بند ڪرائي بارڊر لائين نئين ٺھرائي وڃي ۽ رات لاءِ اسٽريٽ لائيٽون لڳرايون وڃن جيئن پل جو پھريون دور واپس اچي سگهي.