شفيق الرحمان شاڪر “قومي ليڊر” هجن ته اهڙا جهڙا اسان جي ملڪ ۾ آهن.پنهن جي ديس سان سچا ۽ سر ساهه صدقي ڪرڻ وارا،پنهنجي قوم ۽ عوام کي همت ،اميد ۽ حوصلو ڏيڻ وارا،سماج کي بحرانن ۽ انتشار مان حڪمت ۽ دانائيء سان ٻاهر ڪڍڻ وارا، پنهنجي رياست جي سلامتي ،حفاظت ۽ مان مرتبي جي لاء قومي راز دل ۾ دفن ڪرڻ وارا،چيليجن کي موقعن ۾ مٽائڻ وارا،بين الاقوامي حالتن ۽ آسپاس جي ماحول کي ڳوڙهائيء سان سمجھڻ وارا، ذاتي مفادن کي ملڪي مفاد تي قربان ڪرڻ وارا ! ڇا ڳالهه ڪجي.اهڙا باضمير ۽ باتدبير اڳواڻ صرف ڪنهن اسان جهڙي سڀاڳي قوم جي حصي ۾ ئي اچن ٿا. هاڻي اچو ته انهن عظيم قومي اڳواڻن ،جمهوريت جي علمبردارن،اصولن جي مينارن،ديس جي حبدارن ۽ ضمير جي پرستارن جي ڪجهه عظيم ڪارنامن جي وچورن کان واقف ٿيون. انهيء لاء اسان کي ٿورو پويان يعني اسي واري ڏهاڪي ۾ وڃڻو پوندو جڏهن دنيا جو هڪڙو بدترين فوجي آمر پنهنجي ڏاڍ جي زور تي خلق خدا کي غلام بنائي ويٺل هو.جنهن عوام طرفان آئيني طور تي چونڊيل هڪ جمهوري وزيراعظم کي پنهنجن غلام بنايل عدالتن هٿان قتل ڪرائي سندس لاش وارثن حوالي ڪرڻ به پسند نه ڪيو جو اهي کيس پاڻ دفنائي سگھن.سياسي ڪارڪنن سان جيل سٿيل، ميڊيا جي زبانن تي ڪلف ۽ سياسي سرگرمين تي مڪمل پابندي لڳل هئي.مسڪينن ۽ بي ڏوهين کي هڪ سياسي پارٽيء سان محبت رکڻ جي ڏوهه ۾ سندن اگھاڙين پٺين تي ڪوڙا ۽ ڦٽڪا وسايا پئي ويا.اهو هو اهو“ خداترس ”۽ “عوام دوست” حڪمران جنهن جي“ نظر عنايت” پنجاب ۾ هڪ اهڙي نوجوان تي پيئي جنهن کي لوهارڪي ڌنڌي سواء سياست سان ڪو سروڪار نه هو. چوندا آهن ته ”جي ڀاڳ ڏئي ڀيڙو ته دال مان سيرو.” سو ڪنهنجي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس؟ڏسندي ئي ڏسندي همراه انهيء آمر کان پنجاب جي ناڻي واري وزارت جي چوسڻي ڇڪي ورتي.پوء “اچي جو ويو ناڻو ته پنهنجو آ هر ماڻهو ۽ نوڪر آ هر ٿاڻو.” سو ڪمائڻ جو ڏانء ته هن وٽ خانداني هو تنهن ڪري“ ترقيء“ جون منزلون طيء ڪرڻ ۾ نه ته کيس ڪا تڪليف ٿي ۽ نه ڪا گھڻي دير لڳي.ويتر جو ان “اميرالمومنين ” جي قدمبوسين جي ڊوڙ ۽ سندس شان ۾ قصيدا پڙهڻ جي سونهاري محفل ۾ همراه سڀني کان اتم مقام حاصل ڪري ورتو تنهن ڪري 1985ع جي ٿيندڙ انهن ٻه نمبري چونڊن ۾ پنجاب جي وڏ وزارت جو ڪڻو سندس ئي نالي نڪري پيو.اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، هو اقتدار جي ديويء مان ڀاڪر ڪڍڻ لاء تيار ناهي.آمريت جي ٻج مان ڦٽل اهو ٻوٽو اڄ جمهوريت جو هڪ قداور وڻ ڪيئن ٿي ويو،اهو “راز ” اڄ تائين سندس ئي سيني ۾ دفن آهي . اهي جن 1983ع جي ايم آرڊي تحريڪ ۾ ٻارن،ٻڍڙن ۽ عورتن تي ٿيندڙگولين جا وسڪارا ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ سڙندي ۽ خاڪ ٿيندي ڏٺا،اهي به جيڪر کيس جمهوريت جو چيمپيئن ،عوامي حڪمرانيء جو دعويدار۽ اصولن لاء مهاڏو اٽڪائيندڙ سڏي هيترن سارن جمهوري شهيدن،لٽيلن،ڦٽلين ۽ رتورت ٿيل قافلن جي تاريخ سان اهڙو سنگين مذاق ڪرڻ تي مجبور آهن ته پڪ سمجھو ته ڪٿي نه ڪٿي“ ناڻو يا داڻو ” پنهن جو ڪرشمو ڏيکاري رهيو آهي.گھڻا چون ٿا ته ضيا جي دور ۾ جيڪي به جمهوريت، جمهوري ادارن ۽ عوام سان ڪيس ٿيا انهيء جو ذميدار نوازشريف ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ انهن سان گھڻو مٿو کپائڻ سواء صرف هڪڙو سوال ٿو ڪجي سو اهو ته ڇا اڄ تائين ميان صاحب کي انهيء ضيائي آمريت جي انڌير کي سرعام واضح لفظن ۾ نندڻ جي ڪڏهن توفيق نصيب ٿي آهي ؟ انهيء ستمگر سرشتي جو سهڪاري بنجڻ تي ڪڏهن ڪا پشيماني ٿي آهي؟ ان نادر شاهي دور ۾ جمهوريت جي راهه ۾ ظلم ۽ ستم جونشانو بڻجندڙ سياسي ڪارڪنن کان ڪڏهن هن معافي گھري جمهوريت جو مان مٿانهون ڪيو آهي؟ان سڄي قصي کي به ڇڏيو، پنهنجي نج اڪيلي حڪمرانيء جي هيڏي ڊگھي دور ۾ اهو ڪهڙو مرحلو آيو جڏهن ميان صاحب ڪن به عوام دشمن پاليسن خلاف عوام جي لاء ڪو اٽل ۽ اڻ ٽر جبل بڻجي بيهي رهيو هجي؟ 1999ع جو فوجي قدم بلڪل غيرآئيني ۽ غير جمهوري هو پر سوال اهو ته آئين جي بالادستيء جي هن علمبردار ان آمريت جو ملڪ ۾ ويهي مقابلو ڪيو يا رات جي اونداهيء ۾ لڪيل ٺاهه ڪري پنهنجن سياسي ڪارڪنن کي حالتن جي ستم ظريفين حوالي ڪري، پاڻ وڃي ڀلي پار پهتو جتي نهايت ئي سڪون سان ذڪر ۽ فڪر ۾ رڌل رهيو پر پويان سندس ڪيئي سچا ڪارڪن سختيون سهندا رهيا. ڇاحقيقي ليڊر اهڙا هوندا آهن جيڪي پاڻ ۽ پنهنجي دولت بچائي پنهنجن پوئلڳن کي باهه جي اوڙاهه ۾ ڌڪو ڏيئي ڇڏين؟ سو ان ڳالهه ۾ ته ڪو وزن ئي ڪونهي ته اڄ هو ڪا آئيني،انساني،عوامي يا جمهوري جنگ وڙهي رهيو آهي. سندس دوستن توڙي دشمنن کي پتو آهي ته اصل ڪهاڻي ڪهڙي آهي.دوست ان ڪري ساڻس اختلاف جي جرئت نٿا ڪن جو هن وقت حڪومت هن جي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ پارٽيء جو نه پر صرف نواز شريف جو آهي جڏهن ته سندس سياسي مخالف به پردي پويان هن کي ڀرتا ان ڪري ڏيندا ٿا رهن ته جيئن کيس اڃا به ڪنهن وڌيڪ اونهي اوڙاهه ۾ ڌڪو ڏيئي سگھجي. سڄو وقت اڻ ڏٺل قوتن جي سندس حڪومت تي قبضي ۽ مداخلت جي الف ليلوي ڪهاڻي ته وري وري ورجائيندو ٿو رهي پر انهيء “بي اختيار” حڪومت ،حڪومتي سهوليتن ۽ شاهي پروٽوڪول مان هٿ ڪڍڻ جي به هن کي اخلاقي جرئت نٿي ٿئي.دنيا جي تاريخ جي اها شايد اڪيلي حڪومت آهي جيڪا حڪومت به آهي ته اپوزيشن پڻ!جنهن جا وزير ۽ مشير رياست کان سڀ رعايتون ۽ سهولتون به حاصل ڪري رهيا آهن ته رياست جي ادارن کي گاريون به ڏيئي رهيا آهن.اهڙا حڪمران جيڪي پنهنجن اعليٰ رياستي ادارن جن ۾ عدالتون ۽ فوج به شامل آهي انهن جي باري ۾ سڄي دنيا ۾ هڪ منفي مهم به هلائي رهيا آهن پر پنهنجن عهدن تي به ويٺا آهن.گھڻن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ڪاوڙ ۾ پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي ان ڪري رياست خلاف اهڙا زهريلا بيان ڏيئي رهيو آهي؟ايئن ناهي. هو ايترو سادو ۽ معصوم به ناهي جهڙو نظر اچي ٿو.بنيادي طور تي جيڪو واپاري هجي سو سڀ نفعا نقصان سامهون رکندو آهي.هي ڪو جذباتي ردعمل ناهي پر باقائدي سوچيل سمجھيل ۽ رٿيل دعوت جو پروگرام آهي.آئين ۽ عوام وغيره سان هن جو ڪو لهڻو ليکو ناهي،انهيء ئي آئين کي ٽي طلاقون ڏيندڙ حضرت مشرف جو وزير قانون ته هن کي اهڙو پيارو هو جوختم نبوت واري معاملي تي استعيفا ڏيڻ وقت ميان صاحب منجھائس ڀاڪر ئي نه پئي ڪڍيا. جيڪر آئين جي اڪنڊ ۾ هو اهو سڀ ڪجهه ڪندو هجي ها ته پوء مشرف جا اٽڪل سمورا عاشق ساڻس گڏ نه هجن ها ۽ نه ئي هو مشرف کي ملڪ مان وڃڻ جي اجازت ڏئي ها.ڪجهه عرصو اڳ اڳوڻي گورنر سنڌ عشرت العباد جو ان سلسلي ۾ جيڪو انٽرويوهڪ اخبار۾ ڇپيو هو ،آخر ميان صاحب ان جو جواب ڇونه نٿو ڏئي؟ اصل ۾ ميان صاحب کي هر قيمت تي اقتدار کپي پر اقتدار به اهڙو جتي سندس حڪم کان سواء پن به چري نه سگھي.ملڪ ۾ مضبوط ادارا ئي هن جو پهريون نمبر دشمن ۽ سندس مشق جو نشانورهيا آهن.ان ڪري پنهنجي هر دور اقتدار ۾ هن پهريون ڪم ئي اهو ڪيو جو ادارن کي ڪمزور ۽ برباد ڪيو.هن ادارن ۾ ويٺل ذميدارن مان هرڪنهنجي قيمت لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي.جيڪي نه وڪيا انهن کي ٻئي نموني سان سوڙهو ڪيو ويو۽ جن ماڳهين سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪيو انهن لاء زمين تنگ ڪئي ويئي.جيڪر معزز ججن هن کي ڪنهن مافيا سان مشابهت ڏني ته ڪهڙي غلط ڳالهه ڪئي؟ هن جي سوچ تي هن ايڪويهين صديء ۾ اڄ به مغليه شهنشاهيت جو ڀوت سوار آهي. مغل اعظم جي آڏو ڪو آواز،اختلاف يا اعتراض بلند ڪرڻ جو سڌو مطلب بغاوت شمار ٿئي ٿو. سمورين بدعنوانين، اقربا پرورين،ڪوڙن ،دوکن،دولابن، وعدي خلافين، عدالتي فيصلن،نااهلين باوجود هو هن وقت به اقتدار تي صرف پنهنجو اڪيلو حق جتائي ٿو جو هن جي سوچ مطابق پنجاب هن جو آهي۽ پنجاب جي ووٽ سامهون ٻين ٽنهي صوبن جي ووٽ جي ڪا حيثيت ۽ وقعت نه آهي. سو سندس اقتدار جي ان رستي ۾ ڪير به آڏو آيو پوء اهو ڪو شخص هجي يا ادارو انهيء کي لتاڙيندو اڳتي وڌندو ٿو وڃي. ان رستي ۾ هن لاء ملڪ،رياست، قانون،آئين ۽ قومي سلامتيء جهڙا لفظ بلڪل بي معنيٰ آهن. ڪڏهن ڌمڪيون،ڪڏهن گاريون، ڪڏهن الزام، ڪڏهن بليڪ ميلنگ ، ڪڏهن ڪوڙ ته ڪڏهن ادارن تي زباني حملا ته ڪڏهن انهن جي تذليل ۽ تحقير،ڪڏهن طنز ته ڪڏهن طعنا پر اهو سفر اتي رڪجڻو ناهي جو هن وٽ پنهن جو مفاد ۽ مقصد حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪو آپشن آهي به ڪونه. اقتدار ۾ ته هو هن وقت به آهي پر هن جي اقتدار جي وصف صرف تڏهن مڪمل ٿئي ٿي جڏهن عدالتون ماضيء جيان وٽائنس پڇي پوء هر فيصلو ڪن . فوج پنجاب پوليس جي ليول تي وڃي بيهي . نيب احتساب الرحمان ڪميشن بڻجي وڃي.مطلب ته جيڪي به ٿئي ۽ جتي به ٿئي سو سندس رضا ۽ منظوريء سان ٿئي.رياست جي سلامتيء سان کيڏڻ، ملڪ ۾ انارڪيء جي صورتحال پيدا ڪرڻ ۽ عدالتن توڙي فوج تي هر قسم جا ڪريل الزام هڻڻ ۽ پوري دنيا ۾ پاڪستان جو تماشو بنائڻ کان پوء به جيڪر هو اڄ تائين پنهن جي سياسي سفر ۽ محبوب منزل طرف تيزيء سان ۽ بنان رڪاوٽ جي گامزن نظر اچي ٿو ته ان جي پويان ڪا اهڙي “مخلوق” ضرور ڳولهڻ گھرجي جيڪا پاڪستان سان پنهنجا ماضيء جا سڀ حساب برابر ڪرڻ گھري ٿي.اهڙي ڪڌي راند لاء اهڙين طاقتن کي گھربل مسواڙي مهرا پياري ديس پاڪستان مان ئي وافر مقدار ۾ ميسر ٿيندا رهيا آهن.ميان صاحب کي اها پڪ آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ وقت ماڻهن جا ذهن تازو پکيڙيل منظرن ۽ مونجھارن ۾ ايترو ته محو ٿي ويندا جو عدالتن جا سڀ فيصلا تڪراري بڻجي پنهنجي وقعت وڃائي چڪا هوندا ۽ ماڻهن جي ميلي ۾ هڪڙو ئي پهلوان هوندو جيڪو وڪٽريء جو نشان ٺاهيندو،ٽپا ڏيندو پنهنجي فتح جو اعلان هنن لفظن ۾ ڪري رهيو هوندو ته “ڏسو! منهنجي خلاف ٿيندڙ سمورين سازشن جو مون اڪيلي مقابلو ڪري انصاف کي شڪست ڏيئي ملڪ جا سڀ رياستي ادارا فتح ڪري ورتا آهن، هاڻي ڪوبه جمهوريت (يعني شهنشاهيت مغل اعظم ) خلاف بغاوت جي همت ڪري نه سگھندو !” ۽ ٻئي طرف ميلي مان اهو ئي آواز ايندو “ جيوي جيوي،ساڏا شير جيوي !” پر هن قسم جي سمورن قصن ۾ طاقت،دولت ۽ اقتدار جي نشي ۾ مست بڻجي ذهني ۽ نفسياتي طور تي پنهنجو توازن وڃائي ويهندڙ دنيا جا سڀ نادان پنهنجن سمورين چالاڪين،چستين ۽ اٽڪل بازين باوجود هڪ اڻ ٽر فطري حقيقت وساري ويهن ٿا ته مڪافات عمل جي وير جڏهن ورندي آهي ته وڏي بي رحميء سان محنتن سان مڙهيل منصوبن جا سمورا محل لوڙهي هلي ويندي آهي ۽ مورخ توڙي ماڻهن کي ماضيء جي انهن ڍيرن هيٺان سواء ڪنهن دردناڪ داستان جي ٻيو ڪجهه هٿ نه ايندو آهي! سنڌ سجاڳ بلاگ