• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُڌ سماءُ....05...محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ـ * دوستن کي نيڪ نيتيءَ سان صلاح. موتمار گرميءَ ۾ ٻاھر نڪرو تہ سنڌي ٽوپيون ضرورپايو (م خ س)ـ

ـ * ڪراچي پريس ڪلب وٽ سنڌي نياڻين تي تشدد کي ڪوريج، چون ٿا ته سنڌي ٽي وي چينلن: ڪي ٽي اين، مهراڻ ٽي وي، سنڌ ٽي وي ڪونه ڏنو، ڇو؟ سنڌي نياڻين تي ڪير به تشدد ڪري ۽ ڪنهن به صورت ۾ هجي تنهن کي سختيءَ سان نندڻ گھرجي، سنڌ جو نياڻيون احترام جوڳيون آهن (ڪراچي پريس ڪلب وٽ سنڌين نياڻين تي ٿيل تشدد خلاف منهنجي پوسٽنگ) ـ

ـ * پ پ پ تي تنقيد هرڪنهن جو حق آهي پر سنڌ ۽ سنڌين سان غداري ڪندڙ ٻين پارٽين جي ڪرتوتن تي پردو وجھڻ، سنڌ سان دشمني ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

ـ * ڪنھن لکيو پ پ پ سرڪار کان قيامت ڀلي......... قيامت جو ظلم نہ ڪريو.ڀلا، سنڌين سان نسلي متڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف ۽ سندس سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير بدتميز ارباب رحيم جي ڪني سرڪار سنڌ لاءِ بھتر ھئي تہ کڻي اها ئي ٻيهرآڻيوـ

ـ * ڪي چون ٿا ته نصرت سحر عباسي ايوان اندر جوتا ڏيکاري سٺو ڪم ڪيو. ڀلا اهڙو رواج هليو ته پوءِ ساک جي خيال کان سنڌ اسيمبلي ۽ هيرامنڊيءَ ۾ ڪو فرق رهندو ڇا؟

ـ * نصرت سحرعباسيءَ وٽ هڪ ايڪڙ زمين به ناهي پر 2 هزار ٻوريون بارداڻو ورتو اٿس: وزير ممتاز جکراڻي اهڙي ڳالهه تي مڇرجي پيئي ۽ اسيمبلي ميمبرن سامهون پنهنجي تنگ پاڻ مٿي کڻي سينڊل ۾ هٿ وڌائين ــ پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) جي نصرت سحرعباسي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ قائم مقام اسپيڪرشهلا رضا کي جوتو ڏيکاريو، کيس ٻاهر ڪڍيو ويو ـ ...... نصرت عباسي پبلسٽيءَ جي بُکي آهي، ننڍڙين ڳالهين تي ناٽڪ رچائيندي آهي جيئن اسيمبليءَ ۾ سينڊل ڏيکارڻ. اڳ، وڏو نانگ کڻي ٽي وي تي آئي هئي ـ پيرپڳاري اٺين، کي کپي ته بدتميز نصرت سحرعباسي کي ايندڙاليڪشن جي ٽڪيٽ نه ڏئي جنهن شهلا رضا چواڻي پ پ پ کان فائدا ورتا پرکيس جوتا ڏيکاريا ـ فيس بوڪ تي خالد پرويز چواڻي: نصرت سحرعباسيءَ ان وقت سينڊل ھٿ ۾ ڇو ڪو نه کنيو ھو جڏھن مشرف دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ٿي رھي ھئٔي؟ (جيڪا سندس پارٽي فنڪشنل ليگ به ڪئي هئي) ـ

ـ * چائنا ڪٽنگ جو نگران عشرت العباد (اڳوڻو سنڌ گورنر) هو، 80 سيڪڙو رقم لنڊن ۽ 20 سيڪڙو گورنرهائوس کي موڪلي وئي، مصطفى ڪمال (اڳوڻو ڪراچي ميئر) به مدد سندس ڪئي، شعيب ميمڻ جي نيب ۾ مڃتا ـ

ـ * 12مئي تي وسيم اختر هاڻ ميئر ڪراچي، جي هدايت تي 6 ڄڻا قتل ڪيم، ڪل 59 ماڻهن کي ماريم، رئيس ماما جو جي آءِ ٽي ۾ بيان

ـ * اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ نامزدگي في وڌائي ڇڏي.قومي اسيمبلي: 4 هزارن مان 30 هزار رپيا ۽ صوبائي اسيمبلي: 2 هزان مان 20 هزار رپيا

_ * بالي ووڊ جي نامياري اداڪار ورون ڌون، مسلمانن سان گڏجي پهريون روزو رکيو. اهڙي خبر انسٽاگرام تي ڏني وئي آهي ـ
 
Back
Top