(سُر ڪارايل ۾ پکين جو ذڪر ) سِپ مُوتي پيٽ ۾، ڪَڇي ڪِين مَھاءُ. ڪارايل يا ڪاريهر ٻنهي جو مفهوم ساڳيو نڪري ٿو،ڪارو هنج،مور ۽ ڪاريهر نانگ کي ڪارايل چيو وڃي ٿو. هن نالي کان اڳ جي هڪ سنڌي راڳڻي به ملي ٿي جيڪاشاه جي رسالي جڙڻ جي اڳ کان آھي.شاه جو رسالو مختلف مصنفن مختلف انداز ۾ ترتيب ڏنو آھي، شري ڪلياڻ آڏواڻي واري شاه جي رسالي ۾ هي سُر ستاويهين نمبر تي، غلام محمد شاهواڻي واري شاه جي رسالي ۾ اٺاويهين نمبر تي ۽ گنج ۾ اوڻٽيهين نمبر تي ترتيب ڏنل آھي. جڏهن ته استاد لغاري واري شاه جي رسالي ۾ ٻارهن نمبر تي ترتيب ڏنل آھي. غلام محمد شاهواڻي واري رسالي ۾ ھن سُر جا جُملي چوٽيه بيت ٻه وايون آيل آھن. شري ڪلياڻ آڏواڻي واري رسالي ۾ هن سُر جا اوڻٽيه بيت، جڏھن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري رسالي ۾ ڇاونجاھ بيت ۽ چار وايون ترتيب ڏنل آھن ۽ جڏهن ته گنج تي نظر ڊوڙائينداسين ته ٻاهتر بيت ۽ چار وايون شامل ڪيل آھن. هي سُر خاص ڪري ٻن پکين مور ۽ هنج جي زندگي گذارڻ جو ۽ سندن ماحول تي مبني سُر آھي. راڳ جي اصولن مطابق هي سر ” هنس“ راڳڻي واري اصول تي ٻڌل آھي. اڃا تائين ڪافي مرتبن جو خيال ان طرف واضع نموني چٽو نه ڪيل آھي. مضمون جي حوالي سان هن سُر کي مور ۽ ھنج کي استعاري طور ڪم آندو ويو آھي. انهن ٻنهي پکين کي سڄي پکڻ ذات ۾ وڏي صفتن سان سڃاتو وڃي ٿو، ۽ جيڪڏھن هڪ طرف ڏٺو وڃي ته ٻنهي جو ماحول هڪ ٻئي کان جدا جدا آھي، پر پوء به اهي ٻئي پکي سڀني پکين کان اتم ذات وارا پکي آھن. هڪڙي هنڌ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته سر ڪارايل هنج ۽ اصيل نانگ جي روايتي تمثيل سان اجاگر ٿيل آھي. شاه سائين هن بيت ۾ ذڪر ڪندي چوي ٿو ته. سنها ڀانءِ مَ سپ، ويا واسينگن جا جنين جي جهڙپ، هاٿي هنڌان نه چري. هتي هاٿي جهڙي وڏي جانور کي به جيڪر اصيل نانگ ڌڪ هڻي ته ان هنڌان ان جو اڳتي وڌڻ محال آھي. وري ساڳئي نانگ کي مور خوشي سان کائيندو آھي ۽ کائڻ کانپوء زهر کي امرت ۾ تبديل ڪريو ڇڏي. ڪارايل اصل ۾ هنج ۽ مور کي ڪوٺيو وڃي ٿو وڏي اها خوبي هنج جي اندر آھي جو پٿر جهڙي موتي کي به آب ڪريو ڇڏي. شاه سائين جي هن سر ۾ بار بار هنج پکي جو ذڪر آيل آھي ۽ هن پکي کي علامتي طور ذڪر ڪيو ويو آھي ۽ نه رڳو هن کي پر ٻين مرغن(پکين) جو به ذڪر ڪيو ويو آھي جهڙوڪ ڪڪڙ، ٻاٻيهو، سيچاڻو ۽ باز پڻ هن سر ۾ مذڪور ٿيل آھن. روحاني طور ڏٺو وڃي ته عام ماڻھو ڪنگ ۽ ٻگه جي مثال هيٺ رکيل آھن. انهن ٻنهي جي کاڌ خوراڪ عشق جي اوڙاه هيٺ آھي ۽ اهي ٻئي عام ماڻھن جي صحبت کان تمام پري آهن. لَل : لل هنج به ڍانڍي مرغ آھي. هي به هنج جو هڪڙو نوع آھي، جنهن جو ڪلر وائيٽ آھي، لل هنج جڏھن ٻوليندو آھي ته سر اندر چمڪاٽ ٿي وڃي ٿو. هي للو ڇاڇر ۾ ڇيريون پائيندڙ سڀني پکين کان مختلف پکي آھي هي در ، گاه ۽ ککي مڇي کي نه کائيندو آھي. هي پکي عمومن اونهي پاتال جو پکي آھي جيڪو اڪثر ڪري ڪنڌي جي پاسي کان ڪوهين ڏور هوندو آھي ۽ هن جو جياپو فقط ماڻڪ ۽ موتي تي هوندو آھي. شاه سائين هن پکي کي هن طرح ڳايو آهي ته ويٺو جنءِ وماسيين، حيرت پو مَ ھاڻ للن کي لطيف چئي، اڇي ساڻ اراڻ ڪنگن لٿي ڪاڻ، گڏيو هنج حبيب کي. هنج : هي پکي پاڻي وارو پکي آھي. هنج ٻين ڍانڍي پکين جيئان مڇي ، در ۽ گاه تي پنهنجي جياپي جو آجپو نه ڪندو آھي. هن جو کاڄ صرف ۽ صرف ماڻڪ ۽ موتي هوندا آھن جن کي اونهي پاتال مان ڳولي اچي پاڻ وٽ رکندو آھي. هنج لڙ ۾ لڙاٽيل پاڻي کان اڇو ڪندو آھي، جنهن ڪري شاه سائين هن سيلائي سفيرکي پنهنجي هڪ.بيت ۾ ذڪر ڪري ٿو ته ماڻڪ چوڻو جن جو ، هنج حضوري سي. چلر ۾ چهنب هڻي، مڇي کين نه اي لوڪ نه لکيا تي، جيلانه ڀوڻن ٻگهن نه گڏئا. مور: هن پکي کي خشڪي جو پکي چيو وڃي ٿو سُڪي جا ٻيا به ڪيترائي پکي آھن پر هن جي مقابلي کان گهٽ درجي جا آھن .اتي اهو سوال پيدا ٿئي ته اهو آخر ڇو؟ ان سوال کي مرشد لطيف پنهنجي ادارڪ موجب عام ٻولي ۾ مثال ڏيئي سمجهائي ٿو ته هي پکي زهر کي امرت ۾ تبديل ڪري ٿو . وري هن جو کاڄ اڪثر ڪارو نانگ ئي هوندو آھي. اهڙي طرح سنڌي ۾ پاراتي طور مشهور آھي ته”ڪاري تي پير پوي “ يعني ڪاري نانگ تي پير پوي پر مور پکي ترياق هڻائي پنهنجي جياپي جي طاقت رکي ٿو. هڪڙي نانگ ڳهيڻ کانپوء مور سمورو هفتو خماريل حالت ۾ رهي ٿو. شاه سائين فرمائي ٿو ته ڪنهن ڪنهن ڪاري ذات کي مور به مٽائين جي چترا چکيا ڪري ته وڳ ورائي ڏين. ساٿ سمورا نين، مٺن ڀائي موٽيا. ڪائنرو: هي پکي اڪثر ڪري ڍنڍ سان واسطو رکندڙ آھي جيڪو آڙي کان ٿورو ننڍو ۽ ڪاري رنگ جو آھي.هن جو کاڌو گهڻو ڪري مئل مڇي ۽ گاه هوندو آھي ۽ طبعن سست ۽ ڪاهل پکي آھي ۽ وري اڏامڻ جي سگه ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ گهٽ اٿس .شاه سائين سر ڪارايل ۾ ڪانئري کي اهڃاڻ بڻائي انسان جي سستي ۽ ڪاهلي کي مثال طور ڏنو آھي يعني ٽوٽي ماڻھو وٽ حلال ۽ حرام جي تميز تمام گهٽ هوندي آھي. اهڙي طرح ڀٽ ڌڻي جي بيت چواڻي موجب ته. ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو وطن وري ٿيو ڪوڙن ڪائنرن جو . ٻگھ : هي پکي وري ديسي پکي آھي. رنگ جو اڇو ٿئي ڳچي ڊگهي، پير ڦڪا ۽ چنهب به ڦڪي ٿيس ڪن ٻگهن جي ٽڪڻ به ڦڪي ٿيندي آھي ۽ وري ڪي ٻگها ٽڪڻ گل نما چوٽي مثل ٿين. اڪثر گهوڙن جا شائيقين ان مان گل ٺاهيندا آھن جيڪي لغام طور سرواڳ ۾ سھڻي سونهن سجائيندا آھن.هي پکي مڇي ، ڏيڏر ، گاه کائيندو آھي. لطيف سرڪار چوي ٿو ته. ٻگهن سين ٻاڻ ھڻي، اڏاڻو آڪاس جتي پرين سنداس ،سو سر مٽي هنجڙو. ٻگهن جو ڪم ئي دٻن مان در کائڻ ۽ جڏھن ته اڇو پاڻي ڪنگ ڪوڙا ٺوڳي ميرو ڪندا رهن ٿا ته وري هنج اتي موتي چڻيندا رهن ٿا. ڪڪڙ: ڪڪڙ گهريلو پکي آھي . ڪڪڙ جي نر کي ٻانگو سڏين وري ڪڪڙ ڳاڙھي، ڪاري ،جهري ۽ خاڪي رنگ جي ٿئي. هتي سنڌ ۾ پهاڪو ڏيندا آھن ته ” گهر جو ڪڪڙ ته ناهين“ هي پکي اڪثر.جيت جڻيان کائيندي آھي . ڪڪڙ سال ۾ ٻه دفعا تور ڪندي آھي ۽ ھر تور ۾ اٺن کان پندرهن عدد آنا ڏيڻ جي سگھ رکي ٿي ۽ آرو ايڪويھين ڏينهن تي ڪندي آھي. ڀلاري ڀٽ ڌڻي چيو ته. سپ موتي پيٽ ۾، ڪڇي ڪين مهاءُ ڪڪڙ آنو ڪڙھ ۾ گهر گهر ڪري گواه ڪڪڙ جي ٻور مان آنو پڪو ٿي ڇڄي پيٽ ۾ ايندو آھي ته هوءَ ڪٽوس ڪٽوس ڪري ڪاڪرائي پوري گهر کي مٿي تي کڻندي آھي. پر موتي جڏهن جڙي راس ٿيندو آھي ته سپ پنهنجي زندگي جا آخري پل به موتي کي ارپي هميشه جي لا پنهنجو پاڻ ختم ڪريو ڇڏي. ( ليکڪ سجاد حسين ساقي