نوان ذهن نڌڻڪا نه ٿيڻ گھرجن!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڪنهن به تهذيب،زبان ۽ ادب جي زندهه رهڻ ۽ ترقيء لاء اهو ضروري آهي ته اهي شيون جمود جو شڪار نه ٿين ۽ انهن ۾ آسپاس ٿيندڙ مثبت تبديلين کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت هجي.زندگيء جو ڪهڙو به شعبو هجي پر جمود (بيهڪ) ان لاء موت جو ٻيو نالو هوندو آهي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته سماج جا نوان ذهن ڪنهن به تهذيب،ٻوليء ۽ ادب لاء نهايت ئي اهم سرمايو هوندا آهن.انهيء سرمايي جي قدر ۽ قيمت جو اندازو رڳو انهن ماڻهن کي هوندو آهي جيڪي تاريخ جي انقلابن ۽ تبديلين تي گهري نظر رکن ٿا.جيڪا قوم يا تهذيب پنهن جي نئين نسل کي قدر جي نگاهه سان نٿي ڏسي يا انهن نون ذهنن جو مناسب آڌرڀاء نٿي ڪري اها ڪڏهن به تاريخ ۾ ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام نٿي ڏيئي سگھي. جيڪر ڏٺو وڃي ته نئون ذهن هڪ اهڙو موثر ذريعو آهي جنهن ۾ لکين نين روشنين کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي جنهن بنياد تي اهو مستقبل کي ماضيء کان بلڪل الڳ انداز۾ تعمير ڪرڻ جي طاقت ۽ توانائي رکي ٿو.نئين ذهن ۾ نين اميدن،امنگن ۽ خواهشن جو ذخيرو هوندو آهي ۽ اهو نين بلندين جي سوچن سان سينگاريل هوندو آهي.انهيء ۾ اها صلاحيت به ٿئي ٿي جو زندگيء جي پراڻي ۽ زبون حال عمارت کي نون بنيادن تي تعمير ڪري سگھي ۽ تهذيب جي بي معنيٰ پاسن کي نت نوان رنگ روغن ڪري ڪائنات ۾ زندگيء جي حسن کي وڌائي سگھي. ڪنهن به قوم يا تهذيب جو نئون ذهن ئي انقلاب جو پهريون آواز بڻجي ٿو.ان ڪري نون ذهنن جو قدر نه ڪرڻ پنهنجي قيمتي سرمايي کي زيان ڪرڻ برابر آهي.ادب،تاريخ،ثقافت،سياست،فنون لطيفه، ٻولي،مطلب ته زندگيء جي سمورن شعبن ۾ نئون ذهن نيون واٽون ۽ نوان رستا تلاش ڪري ٿو. جنهن وٽ ماضيء جي تجربن جي حوالي سان هڪڙو هنرمند هٿيار به هوندو آهي ته گڏوگڏ سوچڻ لاء اميدن سان ڀرپور هڪ تازو توانو رنگين دماغ پڻ! جنهن ذريعي هو پنهنجن بلند چاهتن جا حسين تاج محل جوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي.نون ذهنن جي آڌرڀاء لاء تيار رهڻ جو مطلب اهو آهي ته اها قوم پنهن جن ايندڙ نسلن تي ڀرپور اعتماد ڪري ٿي ۽ مايوسيء نالي ڪا شيء انهن کي پريشان ڪرڻ لاء موجود ناهي. قوم جي نون ذهنن جا رنگ جڏهن وقت جي ڪينواس تي پکڙجڻ لڳن ٿا ته اها قوم هڪ جشن جي ڪيفيت ۾ اچي ٿي اهڙو جشن جنهن کي شڪر ۽ فخر جا جذبا وڌيڪ دلڪش بڻائي ڇڏين ٿا.نوان ذهن حسد جي هر احساس کان ڪورا ٿين ٿا ۽ ماضيء جي گدلي پاڻيء کان پاڪ. انهن ۾ سڙيل ۽ ڳريل بدبودار خيالن جو آکيرو نٿو ٿئي ۽ نه ئي فرسودا روايتن جو ڄار! تنهن ڪري اهي نئين ۽ اڻ ڌري نظر سان دنيا کي ڏسن ٿا ۽ پنهنجي چوڌاريء صاف ماحول جي تصور سان هڪ حسين ڪائنات تخليق ڪرڻ جو ڏانء رکن ٿا.ڪو مڃي يا نه پر حقيقت اها آهي ته نئون ذهن ڪنهن پراڻي ذهن کان هر صورت ۾ بهتر ٿئي ٿو.ان ڪري به جو ان ۾ پراڻي ذهن وانگر مادي خيالن جو قبضو نٿو ٿئي.نئون ذهن هڪ صاف سٿري نور جو پيڪر هوندو آهي جنهن ۾ پراڻن مدي خارج نظرين ۽ سوچن جو تڪرار نه هوندو آهي.جنهن ڪري هو پنهنجي مرضيء سان اهڙيون بلنديون تعمير ڪري سگھي ٿو جيڪي آسمان کي ڇهي سگھن.نئين ذهن جي هڪڙي خوبي اها آهي جو اهو شين کي ابتائي ڏسڻ جو هنر به ڄاڻي ٿو پر ان ۾ سڌي ۽ ابتي جا ڪي دائمي ماپا نٿا جڙن،اهو تصوير جي هڪ پاسي کي ان جو پهريون ۽ ٻئي پاسي کي ان جو آخري پاسو نٿو سمجھي.هو هڪ پاڻياٺ جيان وهي ٿو جيڪا چئني طرف هڪجهڙي وهي ٿي.اهو خوش ۽ صحتمند حال ۾ سفر ڪري ٿو جنهن مان ڪنهن خطري يا بيمار سوچ جي پيدا ٿيڻ جو امڪان نٿو رهي.هو فضول روايتن ۽ غير معياري اصولن ۾ ڦاسڻ بدران پنهن جي اندر مان اهڙو اجرو عڪس پکيڙي ٿو جنهن ۾ ڪيتريون ئي شيون پنهنجي دلچسپين ۽ تازگين سان زندهه رهن ٿيون. نون ذهنن کي آڌرڀاء چوڻ ۾ اسان کي انڪري به کليل دل جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي جو انهن ۾ ٻيائيء نالي ڪا شيء نه هوندي آهي.نون ذهنن ۾ دنيا ۽ ڪائنات جا نوان تصور هوندا آهن پوء اهي ڀلي ڪيترو ئي ناقابل قبول ڇونه معلوم ٿين پر اهي نهايت قيمتي ٿين ٿا.نئين ذهن جي ناتجربيڪاري جنهن کي اسان سندس بنيادي عيب سمجھون ٿا اهو ئي ان جو سڀ کان وڏو مثبت نڪتو آهي.جنهنجي نظر رڳو زمين تائين کتل نٿي رهي پر سندس سامهون آسمانن جون بلنديون هونديون آهن،جيڪو سج کي زندگيء جو ديوتا ۽ برسات کي صرف ڪو موسمياتي عمل نٿو سمجھي.اهو سڀ ڪجھه سمجھڻ باوجود اولهه ۽ اوڀر جي فضول جھڳڙن ۾ نٿو ڦاسي.هو هٿرادو جوڙيل طبقاتي سرشتن کي خدا جي مرضي تسليم نٿو ڪري. اهو ظاهري سرحدن کان آزاد ۽ هر قسم جي بناوٽ کان آجو هوندو آهي.هن جي معصوم ٽهڪن ۽ عيار مرڪن ۾ دنيا کي ٻيهر نئين نموني جوڙڻ ۽ سينگارڻ جي صلاحيت لڪيل هوندي آهي.نئين ذهن جو جوش،خوشي،ڦڙتي ۽ تعجب ئي اهي اهم پهلو آهن جن ۾ حيرت ۽ جستجو جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ موجود ٿئي ٿو ۽ انهن موجن سان کيڏڻ ئي هن جو محبوب مشغلو هوندو آهي.نئون ذهن هڪ نئين قدر ۽ نئين فضا جو نالو آهي ان ڪري سندس استقبال نين رسمن، رواجن، تهذيبن ،ثقافتن،ٻولين ۽ خيالن کان وڌيڪ گرمجوشيء سان ڪرڻ گھرجي.انهن کي مذهبن،نسلن ۽ تهذيبن جي تعصب ڀرين خانن ۾ ورهائڻ بدران کين ڪائناتي درجو ڏنو وڃي جيئن سج پنهنجي روشني بنان فرق جي ورهائي ٿو يا برسات جيڪا گلن تي به وسي ٿي ته ڪنڊن تي پڻ! نون ذهنن مان اڇي اجري روشني حاصل ڪرڻ لاء پراڻن ذهنن کي سندن سامهون اميد ڀرين نگاهن سان ڏسندو رهڻ گھرجي.انهن ذهنن تي پنهن جن پراڻنن ذهنن جو ڪٽ چاڙهڻ بدران انهن جي سوچن جي سيلاب سان پنهنجي خيالن تي چڙهيل ميراڻ کي ڌوئڻ گھرجي. نئون ذهن نئين عمارت جيان اجرو،صاف ۽ بارونق ٿئي ٿو جن جي ديوارن تي پراڻن سڙيل خيالن جون تصويرون ٽنگيل نه هونديون آهن.جنهن تي ڪوڙ ۽ دوکي جي رنگن جو ليپو نه هوندو آهي.هن جو اهو اصل رنگ ئي ٿئي ٿو جيڪو قدرت هن کي ڏنو آهي.انهن پراڻين عمارتن جيان نه جن تي تعصب ۽ حسد وارن بدبودار نظرين جو روغن لڳل هجي ۽جنهن جي چهري تي وقت جي لڳايل ڦوٽن کي ڀرڻ لاء غيرعقلي تاويلن جو مسالو ڀريو وڃي.

    نئون ذهن ان ڪچيء مٽيء وانگر هوندو آهي جنهن تي برسات جي پيل چند ڦڙن بعد اٿندڙهڪ عجيب قسم جي سڳنڌ طبيعتن کي سرهو ۽ هڪ نرالي مهڪ مدهوش ڪري ڇڏي ٿي.زرخيزيء جي انتها اها جو رڳو ڪجهه پسڻ جي دير آهي.“ ذرا نم هو تو يي مٽي بڙي زرخيز هي ساقي! ”

    بدنصيب آهن اهي قومون جيڪي پنهن جن نون ذهنن جو وقار ڀرئي انداز سان آڌرڀاء ڪرڻ بدران انهن کي نااميدين ۽ نراسائين جي نظرين جي ٽڪساٽ تي چاڙهي هميشه لاء نڌڻڪو ڪيو ڇڏين جنهن جي نتيجي ۾ اهي نوان ذهن پنهنجي لاء ڪو نئون ڌڻي تلاش ڪرڻ لڳن ٿا.نڀاڳا آهن اهي سماج جيڪي پنهن جن نون ذهنن جي ذهانت کي پنهن جي ضد ۽ انا جي ڪري ضايع ڪري ڇڏين ٿا.احمق آهن اهي حڪمران جيڪي انهن نون ذهنن جي صلاحتين،قابليتن،ذهانتن ۽ توانائين جي مناسب اوسر ۽ نشو نما لاء ڪو جوڳو بندوبست نٿا ڪن.ڇوته نون ذهنن جو ضايع ٿيڻ اصل ۾ ڪنهن سماج جي آئيندي جو ضايع ٿيڻ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو