شفيق الرحمان شاڪر 27 آڪٽوبر 1958ع پاڪستان جي تاريخ جو اهو ڏينهن جڏهن ان وقت جي فوجي فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان پنهنجي ئي هڪ دوست ۽ ان وقت جي پاڪستاني صدر اسڪندر مرزا سان بيوفائي ڪندي پاڻ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو.بس پوء اهوئي ڪجهه ٿيو جيڪو آمراڻين حڪومتن ۾ ٿيندو آهي.سياسي سرگرمين کي “شجر ممنوعه” قرار ڏيندي سياسي ڪارڪنن ۽ آمريت مخالف دانشورن،شاعرن ۽ صحافين سان جيل سٿڻ،پابنديون،سزائون ۽ سختيون اهڙا تحفا هئا جيڪي ايوب خان ايندي ئي قوم کي ڏنا. انهن ئي ڏينهن ۾ ملڪ ۾ کاٻي ۽ ساڄي ڌر وارا اصطلاح عام ٿيا هئا.ان وقت ايوب خان کي ذوالفقارعلي ڀٽو،نواب آف ڪالاباغ امير محمد خان،عبد المنعم خان ۽ اٽڪل سمورن وڏن سردارن،چوڌرين،خانن ۽ سرمائيدارن جي مڪمل حمايت ۽ مدد حاصل هئي جنهنجي نتيجي ۾ ايوب خان ترت ئي اقتدار تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.هڪڙي ڏينهن خبر ناهي ايوب خان کي اوچتو ڪيئن جمهوريت جو شوق جاڳيو يا سندس مخلص مشيرن مان ڪنهن کيس اهو عظيم مشورو ڏنو ته جيئن ته بادشاه سلامت عوام جي دلين ۾ گھر ڪري چڪو آهي ۽ ماڻهو مٿانئس سر ساهه صدقو ڪرڻ لاء تيار آهن ان ڪري مناسب موقعو آهي ته بادشاه سلامت پاڻ کي باقائدي جمهوري صدر چونڊرائڻ لاء چونڊون ڪرائي وٺن. نه ته ڪو اميدوارسائين جن جي سامهون بيهندو ۽ نه ئي عوام انهن کي ووٽ ڏيندو.مشيرن جو ڪم آهي صلاحون ڏيڻ پوء انهن جي نتيجي ۾ جيڪر ڪنهن جو سر به هليو وڃي ته مشيرن جو ڇا؟سو همراهن ايوب خان کي اچي اهڙو ته آسمان تي کنيو جو هو چونڊن جي ڌٻڻ ۾ ٽپو ڏيئي ويٺو.سندس هوش حواس ان وقت خطا ٿيا جڏهن هن ڏٺو ته هتي ته قصو چڙهيل آهي! پاڪستان جي بانيء جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح سندس سامهون ميدان ۾ لهي پيئي آهي.اچي جو اپوزيشن جا سياسي جلسا سجيا ۽ محترمه فاطمه جناح ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ايوب خان کي پهريون ڀيرو پنهنجي خوشفهي يا غلط فهميء جو احساس ٿيو.بهرحال پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن تي تئو ڇنڊڻ بعد فيصلو اهو ئي ڪيو ويو ته صدارت جون اهي چونڊون هرقيمت تي کٽڻيون ئي آهن.جڏهن کٽڻيون ئي آهن ته پوء چونڊن جي عمل ۽ نتيجن جو تجزيو ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟بس ان “ ڌانڌلي خان“ کي واڌايون جنهن ايوب خان کي “وسيع تر قومي مفاد۾” چونڊون کٽائي ملڪ خلاف سٽيل عظيم “سازش” کي ناڪام بنائي ورتو.انهن چونڊن جو اهو ئي نتيجو نڪرڻو هو جيڪو نڪتو پر پاڪستاني عوام کي پهريون دفعو پنهنجي سياسي بيوسيء جو احساس ٿيو ۽ هنن سمجھي ورتو ته هي دنيا جو اهو عجيب ۽ غريب ملڪ آهي جتي نتيجا پهريان ٺهندا آهن ۽ چونڊون بعد ۾ ٿينديون آهن.حقيقت ۾ انهن چونڊن ۾ محترمه جناح نه هارايو هو پر پاڪستان جو عوام هميشه لاء هارائي چڪو هواقتدار جي اصل ڌڻين اڳيان! 1973ع ۾ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيء جي قائم ٿيل ڀٽو حڪومت کي 1978ع ۾ نيون چونڊون ڪرائڻيون هيون پر 1977ع ۾ڀٽو صاحب جي وزيرن ۽ مشيرن حالتن کي سندن حق ۾ بهتر سمجھندي کيس وقت کان پهرين چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏنو.اهي چونڊون ٿيون جن جي نتيجي ۾ هڪ دفعو وري پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي پر اپوزيشن جي سمورين پارٽين انهن چونڊن باري ۾ سخت ڌانڌلين جا الزام هڻندي تحريڪ شروع ڪري ڏني جنهن کي پي اين اي جي تحريڪ جي ڀيٽ ۾ “نون ستارن جي تحريڪ” جي نالي سان وڌيڪ ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. مولانا ڪوثر نيازي جيڪو پيپلز پارٽيء جو مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ڀٽي صاحب جي ڪابينا ۾ اهم وزير رهيو تنهن انهن چونڊن جي باري ۾ پنهن جي ڪتاب “۽ لائين ڪٽجي ويئي” ۾ لکيو آهي ته “ ان وقت مون کي ته اها خبر ئي نه هئي ته مسٽر ڀٽي جو وڪٽري آپريشن منصوبو دراصل ڇا هو.البت مون کي ايتري ضرور خبر هئي ته هو وقت بوقت ڪنهن ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي تائين سڌو سنئون پاڻ معلومات وٺندو هو.پر مون کي اها خبر نه هئي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلين جو ڪو منصوبو رائو رشيد اينڊ ڪمپني ترتيب ڏيئي چڪي هئي.اهي پردي پويان ڪم ڪري رهيا هئا جڏهن ته اسان سامهون منظر تي سياسي جنگ سياسي طريقي سان وڙهي رهيا هئاسين.اليڪشن ۾ ڌانڌلين جو انڪشاف مون تي ستين مارچ کان ٻه ڏينهن پوء ٿيو جڏهن حزب اختلاف جي جماعتن جي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ۽ انهن اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو هو.هڪ ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ مسٽر ڀٽو،آئون،حفيظ پيرزادو،رفيع پاشا ۽ ٻه ٽي ٻيا دوست ويٺل هئاسين جو وزيراعظم پيرزادي ڏانهن متوجه ٿيندي پڇيو؛ حفيظ! ڪيترين سيٽن تي گڙٻڙ ٿي هوندي؟ حفيظ مختصر جواب ۾ چيو؛ سر! ٽيهن کان چاليهن سيٽن تي. جنهن تي ڀٽي صاحب چيو؛ ڇا ايئن نٿو ٿي سگھي ته اسان پي اين اي وارن سان ڳالهايون ته اهي ايترين سيٽن تي پنهنجا اميدوار ڪامياب ڪرائي وٺن ۽ اسين انهن سامهون ضمني چونڊ ۾ پنهنجا اميدوار نه بيهارينداسين. وزيراعظم جي اها ڳالهه ٻڌي منهنجو ڇا حال ٿيو؟ بس اهو سمجهو ته آئون سندس منهن ڏي ڏسندو ئي رهجي ويس ۽ ترت پنهنجو پاڻ کي نهايت ئي اڻ ڄاڻ ۽ بيوقوف محسوس ڪرڻ لڳس.” جنهن کان پوء يارهن سالن جو ڊگھو ڪارو آمريت جو دور ملڪ جو مقدر بڻجي ويو.ضياءالحق کان پوء اوچتو آئي جي آئي ٺهي پيئي.ڇو ٺهي ۽ ڪيئن ٺهي؟ انهيء باري ۾ ايترو ڪجهه سامهون اچي چڪو آهي جو ان تي وڌيڪ مغز کپائڻ جي ضرورت ڪانهي.اڳين ٻارهن سالن ۾ پيپلز پارٽي ۽ شريفن جون واري واري سان حڪومتون جڙنديون ۽ ٽٽنديون رهيون.انهيء دوران احتساب ۽ مقروض سياستدانن کي اليڪشن جي عمل کان ٻاهر رکڻ جا سڀ ڍونگ ۽ تماشا به ٿيندا رهيا.1997ع۾ ميان صاحب کي هيوي مينڊيٽ ڏيارڻ ۾“ جنن ۽ ٻي مخلوق ” پنهنجو ڪردار اهڙو ته “سهڻي ” نموني ادا ڪيو جو ميان صاحب جي جيالن سپريم ڪورٽ جي سر سان سر وڄائي ڇڏي ۽ 1999ع ۾ مشرف صاحب “وسيع تر قومي مفاد” ۾ پنهنجي اقتدار کي ايترو ته وسيع ڪري ڇڏيو جو سندس شفقت جي سايي هيٺ ٿيل 2005ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ پنجاب مان نون ليگ ۽ سنڌ مان پيپلز پارٽي ايئن غائب ٿي جيئن ڳئون جا مٿيان ڏند غائب ٿيندا آهن،ظاهر آهي ته اهي چونڊون به نهايت ئي“ صاف ۽ شفاف” ٿيون هونديون جو ايڏين وڏين عوامي پارٽين جو ماڳهين ايڏو وڏو صفايو ٿي ويو! ان کان اڳ 2002ع جي عام چونڊن ۾ قاف ليگ،ايم ايم اي ۽ پيٽريات جون جيڪي کچڻيون، چٽڻيون،مربا،مسالا۽ حليم تيار ٿيا انهيء جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل جمهوري بدهضمي ء ايندڙ چونڊن تائين هڪ ٻئي پويان ٽن وزراء اعظم جي اٿل پٿل تي هڻي وڃي هنڌ ڪيو.اهڙيء طرح 2008ع جي اليڪشن ۾ ٻيا جيڪي ڪرشما ۽ ڪرامتون ظاهر ٿيون سي پنهنجي جڳهه تي پر ڪراچيء جي ڪجهه تڪن ۾ ووٽ وجھندڙن جو انگ ٻڌي خود ووٽ ڏيندڙن جا به وات حيرت وچان ڦاٽي ويا. پروفيسر ليون پنهنجي ڪتاب “ پاڪستان هڪ ڏکيو ملڪ آهي.” ۾ ان خيال سان سهمت آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل سموريون سياسي،مذهبي پارٽيون،شهري گروپن جا اڳواڻ،شهري تنظيمن جا نمائندا ۽ جاگيردار وغيره سڀ رياستي سرپرستي يعني اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد جا خواهشمند هوندا آهن.انهن مان گھڻا سياستدان وراثتي يعني پيء يا ماء يا ٻئي ڪنهن رشتيدار طرفان ڇڏيل سيٽ تي قبضو ڪن ٿا.جڏهن به سياستدانن کي اختيار ملي ٿو ته اهي اهڙا اصول ۽ قائدا وضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ڪنهن سبب ڪري سندن ڇڏيل اقتدار ۽ اختيار سندن اولاد مان ئي ڪنهن کي ملي سگھي.هو وڌيڪ لکي ٿو ته پاڪستان ۾ پارلياماني سطح تي نسلي،قبائلي، لساني، علاقائي ۽ مذهبي تفريق ۽ تقسيم موجود رهي آهي.جنهن ڪري اليڪشن ۾ ڪابه هڪڙي پارٽي واضح ۽ قطعي اڪثريت حاصل نٿي ڪري سگھي توڙي جو انهن کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ئي حاصل ڇونه هجي.پر جيڪر انهن کي اڪثريت ملي به وڃي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته انهن کي سڀ ڪجھه ملي ويو آهي ڇوته انهن سياستدانن جا ملڪي ۽ قومي مفادن جي ڀيٽ ۾ذاتي ۽ خانداني مفاد اوڌيڪ اهم هوندا آهن جنهن ڪري آخر ڪار کين اسٽيبلشمينٽ جي اشارن تي ئي هلڻو پوي ٿو.اهڙين حڪومتن کي پاڻ به اهو اندازو ڀلي ڀت هوندو آهي ته انهن جي اقتدار ۽ اختيار جي حد ڇا آهي.انهيء ڪري اهي عوامي حقن لاء ڪنهن ڌر سان مهاڏو اٽڪائڻ بدران پنهنجو ڪم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. ڏٺو وڃي ته سياسي جماعتن جو پنهنجي منشور ۽ مقصد سان وفادار نه رهڻ ۽ انهن جماعتن جي پنهن جن اندروني ڪمزورين سبب ملڪ ۾ شخصيتن ۽ برادرين،زبان ۽ نسل ،مسلڪ ۽ فرقي جي بنياد تي ووٽ پون ٿا ۽ آمراڻن دورن ۾ اهڙا فتنا ۽ رجحان وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا. مثال 1985ع ۾ ٿيل غيرجماعتي چونڊن جي اهڙن منفي اثرن جي مصيبت ملڪ اڃا تائين ڀوڳي رهيو آهي. ايترين اليڪشنن ٿيڻ باوجود اڄ به حقيقت اها آهي ته ڪنهن به اميدوار کي چونڊ کٽڻ لاء ڪنهن وڏي جماعت جي ٽڪيٽ سان گڏوگڏ برادريء جي حمايت ضروري آهي.اليڪشن جي موسم ويجھي ايندي ئي سياستدان ووٽرن سان مختلف ترقياتي منصوبن جا وعدا ڪندا آهن ۽ حڪومت سان لاڳاپيل سياستدان وري پنهنجن حڪومتن جي ڪارڪردگين جون سچيون ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻڌائي ووٽ گھرندا آهن.ميتن جون تعزيتون ۽ ڪاڄن ۾ شرڪت ڪندا آهن.جلسا،جلوس ،ڪارنر گڏجاڻيون،نعرا، ناچ،تقريرون ،بينر ،اشتهار ۽ تصويرون وغيره اليڪشن جي عمل جو حصو هوندا آهن.اليڪشن ختم ٿيڻ کانپوء ڪي فتح جا شاديانا ته ڪي وري ڌانڌلين ۽ سازشن جو ماتم ڪندا رهندا آهن ايستائين جو پنجن سالن بعد وري اليڪشن واپس اچيو وڃي.پر انهن پورن پنجن سالن دوران صرف اختيار جي جنگ ۽ رسا ڪشي جاري رهي ٿي ۽ عوام پري کان بيهي ڪڏهن دلچسپيء سان ته ڪڏهن بيزاريء وچان پنهنجن چونڊيل پهلوانن جا ڪرتب ڏسندو رهندو آهي.انهيء سوال کان بي نياز ته انهن پنجن سالن ۾ سندن تقديرون تبديل ڪرڻ لاء ڪهڙيون تدبيرون ڪيون وييون؟