عوام سان محبتون يا مڪاريون؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    عوام سان محبتون يا مڪاريون؟

    شفيق الرحمان شاڪر

    اسان جي ديس ۾ زندگي گھارڻ ڏاڍي ڏکي ٿيندي ٿي وڃي.گھڙيء گھڙيء هڪڙو گھاء ۽ هر ساعت هڪڙو صدمو آهي جيڪو انساني جيو جي وجود کي گھائل ڪندو ٿو وڃي.ڪو هڪ الميو ناهي جنهنجو سهڻ مقدر بڻيو هجي، هتي ته انيڪ ۽ اڻ ڳڻ الميا آهن جن مان بيوس انسانيت گذري رهي آهي.انهن المين جا ذميدار بنيادي طور تي اهي ڪجهه ٿورڙا انسان آهن جن جو انگ اٽي ۾ لوڻ جهڙو آهي اهي ئي هن ديس ۾ رهندڙ خلق خدا جي تقدير لکندا آيا آهن.جيڪي پنهنجو پاڻ کي هن زمين ۽ هن سماج ۽ هن ديس لاء اڻ ٽر سمجھن ٿا.انهن جي نظر ۾ هن ڪائنات ۾ هر چرپر سندن ئي دم سان ۽ چمن ۾ چهچٽو سندن ئي برڪت سان آهي.اهي خلق خدا کي پاڻ جهڙو انسان نه پر ڪيڙا ۽ ماڪوڙا سمجھن ٿا.انهن لاء مسئلو صرف اهو آهي جيڪو کين پريشان ڪري،مشڪل رڳو اها آهي جيڪا سندن سڪون ڦٽائي ۽ الميو فقط اهو آهي جيڪو اتفاق سان سندن محلن ۾ ماتم وجھي.باقي ٻيو جيڪي ڪجھه آهي سو خير آهي،سک ۽ شانتي آهي،سرور ۽ سڪون آهي،امن ۽ آشتي آهي.سندن ئي نظر ڪرم سبب ملڪ جي اٽڪل پنجاسي سيڪڙو انسانن جي زندگي غربت جي انتهائي سطح کان به ڪري خاڪ بڻجي چڪي آهي.هڪ ننڍڙي اقليت پنهنجي ڏاڍ، مڪر، دوکي،چالاڪي،اقتدار ۽ اختيار جي بنياد تي هڪ وڏي اڪثريت کي پنهنجو غلام بنائي رکيو آهي. خلق خدا سمجھي سڀ ٿي ته سندن سورن جا ذميدار ڪير آهن،سندن مٿان المين جا ميزائل ڪٿان ڇٽي رهيا آهن،سندن ئي نالي تي ساڻن چٿرون ڪرڻ وارا ڪير آهن؟ پر هر طرف قبرستان واري خاموشي ڇانئيل آهي،انقلاب جا سڀ نغما پنهنجو رس وڃائي چڪا آهن،تبديليء جا سمورا ساز سڪرات ۾ آهن.آزاديء جا سڀ گيت پنهنجو سوز وڃائي ويٺا آهن ۽ اميدن جا سڀ ديپ اجھامي چڪا آهن.هر طرف ساهه منجھائيندڙ مايوسين جو راڄ ۽ هر پاسي اداسين جو هانء ڦاريندڙ راڪاس ڦيرا ڏيندي نظر اچي ٿو.انهيء عظيم مايوسي ۽ پراسرارخاموشيء جا ڪيئي سبب آهن. ماضيء ۾ تبديليء جي نالي تي چڪنا چور ٿيندڙ خوبصورت خوابن جا تاج محل،رهبريء جي روپ ۾ رهزنين جا اڻ وڻندڙ داستان ۽ محبتن جي پردي ۾ مڪروه مڪارين جون ڪهاڻيون،بار بار جون شڪستون ۽ ماضيء ۾ منزل نه ملڻ جون مايوسيون.شايد انهن سمورين شين ملي ڪري خلق خدا جو اهو وهم يقين ۾ بدلائي ڇڏيو آهي ته “ جا اپني حسرتون پي آنسو بها ڪي سوجا.” اهي وڙهندا رهيا آهن،ڦٽبا ۽ ڌڪبا رهيا آهن،اگھاڙين پٺين تي هنٽر سهندا ۽ پنهنجن اکين آڏو پنهنجن پيارن جا جسم گولين سان پروڻ ٿيندي ڏسندا رهيا آهن پر نتيجي ۾ انهن کي ڇا سريو؟ هر ايندڙ هر ويندڙ کان وڌيڪ ڪٺور ۽ سنگدل نڪتو.هر آئيندو ماضيء کان وڌيل المناڪ ۽ اذيتناڪ نڪتو.هڪ اهڙو ديس جتي خلق خدا جي درد جي نالي تي خلق خدا سان ئي دوکو ٿيندو هجي،جنهن ديس جو نام نهاد پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور طبقو ظالم حڪمران طبقي جا پير چمندو هجي، جتي ملڪ جي دانشورن جي سموري دانش درٻاري گوين وارو ڪردار ادا ڪندي هجي،جتي پنهنجو پاڻ کي صحافت جا ديوتا سمجھندڙ وڏا وڏا صحافي ڪوڙ جي قافلي ۾ نچندي،ٽپندي ۽ ٺمريون هڻندي نظر اچن ته ڪهڙن خوابن جو تذڪرو ڪجي،ڪهڙن اصولن جو ويچار ڪجي ۽ ڪهڙين تبديلين جي پچار ڪجي ۽ ڪهڙين منزلن جي اميد رکجي؟ شايد جيڪي مانجھي هئا تن مات مڃي ورتي آهي ۽ جيڪي مڪار آهن اهي ميدان ماري چڪا آهن.شايد شاهه جي سورمن جا آواز مير جعفر ۽ مير صادق جي فتح جي ترانن ۾ دٻجي ويا آهن ۽ ارڏن آڻ مڃي ڇڏي آهي.هن جنهن ابهم وجود ڪنهن لاوارث سرڪاري اسپتال جي بدبوء ڀريل بستري تي پهرين اک کولي آهي تنهن لاء زندگيء جي سختين ۽ تلخين جو هڪ تيز طوفان مٿي تي منتظر آهي. کاڌي جي کوٽ سبب هن جي اڻ پوري ۽ نٻل جسم کي ايندڙ هر لمحي هڪ نئين الميي جو انتظار ڪرڻو آهي،سندس ڏٻري ڏيل جي ڦاٽل پهراڻ تي هر گھڙيء ڪنهن گھاء جي چتي لڳڻي آهي.اميرن جي هن بي رحم نگريء ۾ پيدا ٿيڻ جي ڏوهه جي هن کي ضرور سزا لوڙهڻي آهي.پوري زندگيء جي سخت پورهيي سان سزاَ!بکن ۽ بيمارين مان بچي ويو ته قدرتي آفتن جو شڪار ٿيندو.قدرتي آفتن مان به چڙهي ويو ته چرٻٽن جا چهڪ سهڻا پوندس.تاريخ ۾ اسان وڏن وڏن ڪروڌين،سنگدل ظالمن ۽ انسانيت کي آزاريندڙن جا نالا پڙهي ۽ ٻڌي اجايو ڇرڪ ٿا ڀريون،اهي ويچارا ته صرف نالي جا بدنام آهن.انهن جي اندر به ڪڏهن ڪڏهن انسانيت جو احساس اٿلي پوندو هو پر اسان جو واسطو جنهن موذي مخلوق سان آهي،خدا ڏي پناهه!مردن جو ڪفن کايو وڃن.ٻارن کي مستقل معذوريء کان بچائڻ لاء لڳندڙ پوليو وارن ٽڪن ۾ به ڪميشنون کائي ٻيو ۽ ٽيون نمبر دوائون وٺي آڻي اسان جي مٿي ۾ هنيائون.ميونسپلٽين جي ڀنگين جون پگھارون هضم ڪري ويا.بيواهن ۽ معذورن جي لاء مليل زڪوات جي رقم جو اڌ ڪڍي ويا.مار! هوس ۽ حرص جي به ڪا حد ٿيندي آهي.تقريرون ٻڌون ته عوام جي اڪير ۾ سندن اندر ٿو ڦاٽي،دعوائون ٻڌون ته اٺ جي آنڊي جيڏيون ڊگھيون.ياجوج ماجوج جيسين ٻاهر اچن ڪي اچن پر هن جناتي مخلوق خلق خدا سان ويل وهائي ڇڏيا آهن.ڪو سندن ڪرتوتن تي آڱر کڻي ته چوندا ته الزام نه لڳايو،ثبوت آڻيو.هاڻي انهن منهن جي ڏاڍن کي ڪهڙا ويهي ثبوت پيش ڪجن ته جن وٽ ڪجهه عرصو پهرين گڏهه به در تي نه هو انهن جو اوچتو ڪهڙو بانڊ کليو جو اهي هاڻي پجيرو جي پينگھن ۽ ليند ڪروزر ن جي لوڏن ۾ لڏندا ٿا رهن.مائي جمهوريت خلق خدا کي جهڙي طرح سڃو ۽ ڀينگيو بڻايو سو بڻايو پر هنن جي ته هر روز نئين لاٽري نڪري پيئي.ڪهڙو سيلاب آيو جو نئون ٺهيل روڊ ٽن مهينن ۾ ئي اکڙي ويو،ڪهڙو زلزلو آيو جو نيون ٺهيل سرڪاري عمارتون ڪجھه عرصي ۾ ئي ڏري وييون ۽ ڪهڙي قيامت آئي جو ڪاغذن تي ڏيکاريل ترقياتي اسڪيمون سرزمين تان ئي غائب ٿي وييون؟عوام لاء گذريل ستر سالن ۾ اوهان جيڪي ڦاڙها ماريا سي ماريا پر مليو ته اڃا انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ناهي.وري چوندا ڇا ته عوام اسان سان گڏ آهي.بلڪل سائين عوام ويچارو واقعي انهن سان گڏ آهي.ڇو گڏ آهي ۽ ڪهڙيء طرح گڏ آهي انهيء راز کان انهن کان وڌيڪ ٻيو ڪير واقف هوندو؟ٿورو عوام کي کيڏڻ لاء کليل ميدان ڏين ۽ پنهنجن صوبيدارن ۽ ڪامورن کي رسو وجھن ته پوء ڏسون ٿا عوام جون انهن سان محبتن جون موجون! جيڪر ڏنڊو ڏيکاري محبتون حاصل ڪرڻ سندن ڪتاب ۾ جائز آهي ته پوء مسوليني،هٽلر،صدام،حسني مبارڪ ۽ ٻين ويچارن جو ڪهڙو قصور هو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو