• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيجل منھنجي قسمت : مرحوم دلبر چانڊيو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جيجل منھنجي قسمت“ اوهان اڳيان پيش آهي. ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ مرحوم دلبر چانڊيو آھي.
دلبر جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به!
دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مرتضيٰ لغاريءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.
سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي هن لنڪ تان ڪتاب آنلائين پڙهو يا ڊائونلوڊ ڪريو.
 
Back
Top