اسان کي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مسڻ وڏي ڪو ترقي يافته ڳوٺن مان نه هو بلڪه وچٿرو هڪ عام قصبو هو جتي تعليم جو ڪو نظام نه هو جو اتان جو باشندو تعليم جي زيور سان سينگهارجي .اهڙا ڪي مٿائين ليول تي ورلي چند وڏا ادارا هوندا هئا.جن ۾ علم جا گهورا پنهنجون گهرجون پوريون ڪندا هئا. ان هوندي به هن تر يعني مسڻ وڏي ۾ لغاري بلوچن ۾ ڪي گهڻگهريا فطرت جا رونق افروز صاحب ضرور موجود هئا جتي فقط وقت جي تقاضائن کي ڄاتو بلڪه ان خيال کان روشناس ڪندي ان دور جا سر بسته احوال ڏنائون ۽ پنهنجي شاعري جي وسيلي تخيل جا عمده گڻ ظاهر ڪيائون. آئون ان ماضي جي طرف اوهان کي وٺي ٿو هلان جنهن وقت لغارين کي سري مان آئي ٿورو عرصو ٿيو هو ته مٿن اتي جي رائج سرائيڪي زبان جو اثر رسوخ تمام گهڻي کان گهڻو رهيو . هڪ ته هن علائقي جي مٿان دولت سان مالامال گڙنگ واپاري طبقا جتي لهاڻا ذات جا ڄاتل سڃاتل صاحب مالدار هئا ۽ ڪافي حد تائين هتي جي آباد مسلم باشندن مٿان اثرائتا ڇانيل هئا. هر دور ۾ ھر وقت ۾ ڳوٺن توڙي ننڍن علائقن تي جنسي اختلاط جهڙا موذي مرض منهن ڪڍندا هئا ته ان وقت جي انهن قصبن يا ڳوٺڙن جا پٽيل ئي اڳواڻ ھوندا هئا جتي پنهنجي لڄ لحاظ اشرافت جي ڪردارن سان اهڙن بدڪار وحشي انسانن تي ڪڙڪانوي اک رکي پنهنجا حڪم جاري ڪندا هئا ته ڪابه اهڙي نابري واري حرڪت ٻيهر منهن ڪڍي متان ڪو هتان کان لاڄو لڄ ڌاران لڏپلاڻ طرف رخ رکي. اهو سمورو ڪريڊٽ ان وقت جي بيباڪ حوصلامند دلير جيد مجاهد مرد پٽيلن جو ڪارنامو ئي هو جيڪي هر وقت پنهنجي علائقي جي رئيت سان هڏڏوکي وارو سلوڪ هو . اسين هتي ذڪر ڪندا هلون ته پٽيل مجاهدن جي گهر ۾ اک کوليندڙ ھڪ اهڙو مرد مجاهد پيدا ٿيو جو ڄمدي ئي ڄام وارن گڻن سان نوازيل هو جي ها اهو هو گل محمد خان لغاري جيڪو شاعري جي گڻن سان گهڻگهريو دلبر انسان هو.جيڪو هن تر جي علياڻي خاندان جو رئيس طور سڃاتل هو جن جو انتقال تقريبن سکر بئراج کان ٻه چار سال اڳ ۾ ٿيو . اهڙن ڪارنامن سان سندن صفت ڀريل آھي جو اڄ تائين پئي ڳائجي.عجب جهڙي هي ڳاله ظاهر ڪري ٿي ته تعليم جي نه هجڻ جي ڪري به مسڻ وڏي جي چمڪندڙ تاريخ جي باب ۾ وڏي حيثيت رکن ٿا. سندن ڪلام جي ذوق طرز خيالاتن جا ادبي گوهر تمام دل کي موهيندڙ نظر اچن ٿا. اچو ته سندس شاعري جا ڪي سرائيڪي زبان ۾ ڪافي صنف ۾ راز پروڙيون. اهو هيمان اڙسيا مولاڀائي جمان جيسا برجو ڀومان بنيا بانڪا صدق وڃان مين سومان چنجها اٽڪي ڀٽڪي کيمان مهتا جسڪا ڀائي ڄيٺا لولا بصر گرڙا حوا ڀٽاري چپان پڙهدي توبه زاري آڻ متي هي چڱي جا خواري ملڪان وچ مشھولا کٻڙخيرڻ يوسف اياڻا ساجن سانوڻ ملار مهاڻا ساران نه ڪر مونسان ماڻا لڪمي تيرا بولا ماڏو محرم حال م ميرا صاحبي نه سڃاڻي ميرا ديرا مولا نه جاني اهوئي ڦيرا شير خان پٺاڻ هي ڀولا .