اها ڳالھ ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته شاه سائين جو سمورو ڪلام پنهنجي امڙ جي پياري سٻاجهڙي ۽ سريلي مٺي سنڌي ٻولي ۾ چيل آھي . شاه سائين وڏي علم ۽ فضيلت وارو انسان هو. کين عربي، فارسي، هندي ۽ ٻيون به ٻوليون ڄاڻندڙ ھو ۽ ان زماني ۾ فارسي ٻولي تي رواج ڇانيل هو . ان زماني ۾ جيڪو به فارسي ٻولي ۾ شاعري ڪندو هو ته ان کي وڏو اڪابر ڪري ڪوٺيندا هئا ۽ وقت جا بادشاه به ان جي وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا هئا ۽ کين انعام اڪرام سان نوازيندا هئا. پر پوءِ به شاه سائين سندن پورو ڪلام سنڌي ۾ چيو. اها ڳالھ ھن سوچ ۽ ويچار وٽان آھي ته شاه سائين جيڪو ڪجھ ڪلام سنڌي ٻولي ۾ چيو ان جو صاف ۽ سڌو ڪارڻ اهو ئي آھي ته هن پنهنجي مٺڙي کنڊ ۽ مصري برابر پنهنجي ديس جي ٻولي کي مان ڏنو . ان سان گڏوگڏ هو هڪ وطن پرست انسان هو جنهن کي پنهنجي وطن سان ۽ سندن رهواسين سان بيحد گهڻي ميٺ ھئي.اوهان ٿورو سوچو ته جيڪڏھن اسين به پنهنجي اباڻي ٻولي کي ترڪ ڪري ڪنهن ڌاري زبان کي ترجيع ڏيڻ شروع ڪنداسين ته ڪيئن هن اباڻي ٻولي کي شاهوڪار ۽ مقبول ڪنداسين .سوچ هن ڳالھ جي آھي ته شاه سائين جي سنڌي ۾ شاعري ڪرڻ سان سنڌي ٻولي ايتري ته مقبوليت ماڻي جو سگهاري ۽ طاقتور بڻجي وئي .هيل تائين اسين کيس سنڌي ٻولي جو معمار يا ٺاهيندڙ ڪري ڪوٺيون ٿا ۽ کيس تمام گهڻي پيار محبت وچان ياد ڪريون ٿا. پر جن شاعرن پرائي يعني ڌاري ٻولي ۾ شاعري ڪئي ته اڄ ھنن کي ڪير به نٿو سڃاڻي . شاه سائين جي پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ پنهنجي ديس واسين لا جيڪي سڪ وچان ٻول ونڊيا سي صاف ۽ چٽي نموني اها نصحيت ڏين ٿا ته اسان کي به پنهنجي ڌرتي جي ٻولي سان پيار ۽ ميٺ رکڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ خدمت جو مظاهرو ڪجي هر وقت سڀ گڏجي سڪ ۽ پيار کي وڌ کان وڌ ونڊيون .