شروعات کان وٺي هيل تائين انساني نسلن جا نسل نهايت ئي تيزي سان پنهنجي سفر ۾ روان دوان آھن. ڪيتريون قومون ۽ قبيلا پنهنجي دور جو تاريخي حصو بڻيا آھن. گڏوگڏ انهن جا چٽ محفوظ رکڻ جو نالو ئي تاريخ آھي. جڏھن ماضي مستقبل ڏانهن وک وڌائي ٿو ته اوتروئي قومون يا قبيلا تاريخ جي باب ۾ محفوظ ٿيندا ٿا وڃن. اها حقيقت آھي ته آزاد قومون پنهنجي ماضي جا تاريخي واقعا ۽ يادگيرين جا ورق ويڙھي سيڙهي مستقبل جي پرک لا يعني ان جي ترقي لا سوچينديون رهن ٿيون . ته هاڻ ڪهڙي رٿ طرف وک کڻجي جو ڪا ترقي ماڻي سگهون. تاريخ جا ورق اٿلائبا ته اها سُڌ پوندي ته اسان جي سنڌ سونهاري جيترا ماضي ۾ لاها چاڙها ۽ سرديون گرميون سٺيون شايد ئي ٻي ڪنهن خطي سٺا هجن. ڪيترن ئي واقعن کان سنڌ خطو تاريخي باب جو حصو بڻيل آھي. اهو تاريخ جو باب کولي ڏسندؤ ته ان کان ضرور واقف ٿيندؤ ته هر شهر جي ۽ واهڻ وسندي توڙي جو ٻيا ڪي پهلو رونما هجن پر انهن ۾ لازم طور ڏسڻ ايندو ته اهو تهذيب و تمدن جو ڪيئن حصو بڻيا ۽ ڪيئن پنهنجي ثقافت تي فخر ڪرڻ لڳا. اسان وٽ هڪ ته موئن جي دڙي جي تهذيب آھي جيڪا پنج هزار سالن جي اوائلي دور کان هيل تائين اسان جي معاشري تي ڪيترو اثر ڇڏيو آھي اهو اسان کي اسان جي معاشري مان ئي پتو پئجي سگهي ٿو .آڳاٽي دور جي تاريخ جي دري کولبي ته سنڌ جا هر ڳوٺ واهڻ وسنديون ويرانين تي ور چڙهيل نظر ايندا. ڳوٺن جي ويرانين جا ڪارڻ جڏھن معلوم ڪبا ته ان جو اول ڪارڻ اهو آهي ته جڏھن قومون ۽ قبيلا پاڻ وڙھندي ڪاهون ڪندا آھن ته پوءِ ضرور اهي تباه ڪاريون منه ڪڍنديون آھن .ٻيو سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته شايد ان وقت بين الاقوامي سطح تي ڪو ادارو نه هجي جو ان جو نياء نبيري سگهي يا ڳوٺاڻي سطح تي شايد ئي ڪا ڪميٽي هجي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته دادو کان ست ميل جنوب طرف ڪلهوڙن جو دارالخلافه خدا آباد شهر هو جيڪو پنجاه ڪوهن تي پر رونق پر ڪشش ۾ نظر ٿي آيو. خبر ناهي ته ڪهڙي ويل مٽي جو ڀڙو بنجي ويو. فقط اتي هڪ شاهي مسجد وڃي رهي آھي باقي ان کانسواءِ سڄو تر ڪلراٺيل زمين جي ور چڙهيل آھي. تاريخ چٽي ثابتي ڏي ٿي ته ارغونن ۽ ترخانن جو دور طوائف الملوڪي جو دور رهيو آھي. سنه 1780ع واري عرصو ڳوٺن جي ويرانين جو دور رهيو آھي. ساڳئي عرصي ۾ اچي مدد خان پٺاڻ ڍل نه ڏيڻ جي عيوض ڪاهون ڪيون جو پوري حصي تي باهين جا شعلا ۽ مارا ماريون گڏوگڏ هزارن جا هزار ڳوٺ تباه ڪارين جي ور چاڙهي ڇڏيا ۽ جلد ئي ان علائقي کان سنڌ ۾ گهوڙا ڙي گهوڙا جا آواز گونجڻ لڳا. راقم الحروف هن تاريخ کي ڪجھ ثابت ڪيو ته ويرانين جا سبب ڇو عيان ٿيندا آھن .گڏوگڏ اهو ٻڌايندو هلان ته هن سموري تحرير جو مددي ڪتاب ٿڌا وڻ ولهار جو رهيو آھي ليکڪ مولانه عبدالڪريم لغاري.