“تبديليء” جي رڃ ۾ رلندي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    بنيادي طور تي هر انسان تبديلي پسند آهي ۽ تبديليء چاهي ٿو،جي سوچ ڪبي ته اسان جي آسپاس ڪائنات جي هر شيء هر لمحي ڪنهن نه ڪنهن تبديليء واري ڪيفيت مان گذري رهي آهي.اهي تبديليون ڪڏهن ته ايترو آهستي ٿين ٿيون جن جو احساس ئي نٿو ٿئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايترو ته تيزيء سان ٿين ٿيون جو انساني دنيا ئي ڊانواڊول ٿيو پوي.طوفان،ٻوڏيون،ڏڪار ۽ زلزلا وغيره به اهڙن ئي قسمن جون تبديليون آهن جيڪي انساني زندگين کي بدلائي رکي ڇڏين ٿيون.2005ع وارو زلزلو ڪنهن کي وسريو هوندو جڏهن ڌرتي ٿورو ڌٻي ته شهرن جا شهر مٽيء جا ڍير بڻجي ويا.زندگيء جون رونقون موت جي ويرانين ۾ بدلجي وييون.هزارين جيئرا جاڳندا انساني وجود لمحن ۾ هميشه لاء نظرن کان غائب ٿي ويا.اوچيون عمارتون ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ مينار صفحه هستيء تان مٽجي ميدان بڻجي ويا.زمين مان ڦٽندڙ ۽ آسمان مان ڪرندڙ آفتون ۽ مصيبتون خوفناڪ تباهي ءُ برباديء جا داستان پاڻ سان گڏ کڻي اچن ٿيون.پر قدرت جو اهو به عجيب رنگ آهي جو انهن بربادين جي ڍيرن مان به ٻيهر زندگي ڦٽي ٿي.

    آهستي آهستي ۽ مرحلن ۾ ايندڙ تبديلين جو مثال ڏسڻو هجي ته پنهنجو پاڻ کي ٿورو آئيني ۾ ڏسي وٺجي ته معلوم ٿي ويندو ته کير پيڻ واري معصوماڻي زندگي،ننڍپڻ ،جواني ۽ ٻڍاپي جي مرحلن اسان جي پنهنجي جسماني وجود کي ڪهڙين ڪهڙين تبديلين سان همڪنار ڪيو آهي؟اهو وقت جڏهن صورت گلاب هئي ۽ هڪڙو وقت جڏهن وقت جي بي رحم وهڪرن چهري کي ٻڍاپي جي لڪيرن ۽ گھنجن سان ڀري ڇڏيو.اها ايڏي وڏي تبديلي ايئن پنهنجو ڪم ڪري ويئي جو اسان کي احساس به نه ٿيو.اسان مان هرڪو هروقت ڪيترين ئي تبديلين جي عمل مان گذرندو رهي ٿو.اردوء جي ممتاز شاعر قمر جلالويء شايد ان عمل کي ئي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته

    “ يي خم جو هي ڪمر مين وو خم نهين قمر!

    جهڪ جهڪ ڪي ڍونڍتا هون جواني ڪڌر گئي.”

    يعني هي منهنجي چيلهه ۾ اوهان کي جيڪو “ور يا گڪ” نظر اچي ٿو اهو گڪ ناهي پر اصل ۾ آئون جھڪي جھڪي پنهنجي جواني ڳولهي رهيو آهيان.

    اهو تبديليء جو عمل رڳو ٻاهر تائين ئي محدود نٿو رهي پر انسان جي ذات جي اندر به اهو عمل لاڳيتو جاري رهي ٿو.پسند ۽ ناپسند بدلبي رهي ٿي.خيال،نظريا ۽ سوچون بدلجي وڃن ٿيون.جيڪر اسان پنهنجن زندگين جو جائزو وٺون ته اڄ کان پندرهن ويهه سال پهرين آئيڊيل سمجھي جن نظرين ۽ شخصيتن سان اسان پيار ڪندا هئاسين،جن سان اسان جي جذباتي محبت هئي ۽ جيڪي اسان جي خوابن ۽ّخيالن تي هروقت سوار رهندا ٿي آيا ۽ جن کي اسان پنهنجن خوابن جي تعبير ٿي سمجھيو،ڇا اڄ به ساڳي حالت ۽ ڪيفيت برقرار آهي؟ڇا انهن نظرين ۽ سوچن کي اسان اڄ به ساڳي حيثيت ڏيون ٿا؟ گھڻي ڀاڱي جواب نه ۾ ايندو.ڪيترائي خوبصورت آئينا حقيقتن جي ٺوڪر لڳندي ٽڪرا ٽڪرا ٿيو وڃن.ڪيتريون ئي عظيم “هستيون “ جن جي ويجھو وڃڻ سان معلوم ٿيو ته اهي رڳو “ پستيون” آهن.جيئن جيئن زندگيء جو ٿال تجربن جي موتين سان ڀربو ويندو آهي تيئن تيئن پنهنجي دانش عذاب محسوس ٿيڻ لڳندي آهي.چون ٿا ته تجربو هڪ اهڙي ڦڻي آهي جيڪا انسان کي صرف ان وقت نصيب ٿيندي آهي جڏهن انسان جي مٿي جا سمورا وار ڪري چڪا هوندا آهن. زندگيء جي ڪڙن ۽ مٺن تجربن جي آئيني ۾ جڏهن انسان کي وچون چهرو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته پوء هو سخت حقيقتن کي مڃڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي.پر ڪيترا هوندا اهڙا خوشقسمت جيڪي پنهنجن تجربن مان سبق سکن.ڪيترن وٽ هوندي اها دانش جيڪي جاڳندڙ اکين جي خوابن مان جان ڇڏائي کليل اکين سان حالتن ۽ حقيقتن جو مشاهدو ڪري سگھن. پنهنجن حالتن جو جائزو وٺن ۽ پنهنجي نفعي نقصان جو حساب ڪتاب جاچي پنهنجي لاء صحيح فيصلا ڪري سگھن.پنهنجي ديس جي ماڻهن تي نظر وجھبي ته محسوس ٿيندو ته اهڙي بصيرت،دانائي ۽ دانش جو گھڻو ڏڪار آهي.هي اهي ماڻهو آهن جيڪي رهبريء جو جبو پائي ايندڙ هر رهزن تي بنان دير جي ايمان آڻيو ويهن. نجات جي نعرن تي ڌمالون هڻيو ويهن.ڪوڙين تسلين کي ئي پنهنجن زخمن جو مرهم سمجھيو ويهن.هر ڀيري تبديليء جي نالي تي نئون دوکو کايو ويهن. پوء مير وانگر جنهن جي سبب بيماري لڳي انهيء جي ئي ڇوري کان دوا وٺڻ جو سلسلو جاري آهي. ڇوته هر ڀيري تبديليء جو جادوئي نعرو انهن جي گھايل جسم۽ جان ۾ وري هڪ نئين توانائي ڀريو ڇڏي ۽ هر ڀيري اميد جي ڪا نئين لهر انهن کي مستي ڀريل ناچ نچڻ تي مجبور ڪريو وجھي . ڪڏهن هتي روٽي،ڪپڙو ۽ مڪان جو نعرو لڳو ته بي گھرن ۽ بک کان بدحالن انهيء کي پنهنجي لاء عظيم انقلاب جي نويد سمجھيو.انقلاب آيو ضرور پر رڳو انهن جي زندگين ۾ جن اهو نعرو لڳايو هو،باقي عوام کي جيڪي مليو سو حبيب جالب جي لفظن ۾ ته

    “ وهي حالات هين فقيرون ڪي، دن ڦري هين فقط وزيرون ڪي،

    هر بلاول هي ديس ڪا مقروض، پائون ننگي هين بي نظيرون ڪي.”

    ڪڏهن سادڙي عوام “قرض لاهيو،ملڪ سنواريو“ جي پرفريب نعري تي پنهن جي پگھر جي پوري ڪمائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي ،خبر تڏهن پيئي جڏهن معلوم ٿيو ته ان موڙيء سان ملڪ نه پر ڪجهه معززين جي سهڻي سنوار ٿيندي رهي.عوام کي ڪنهن اڄ تائين اهو ٻڌائڻ جي تڪليف به نه ڪئي ته سندن ڏنل نذراني جي رقم ڪهڙي ديوي يا ديوتا جي آستاني تي قربان ٿي. ڪڏهن ڪو آمر اچي احتساب جو نعرو ٿو بلند ڪري ته تبديليء جا خواهشمند ان کي به ڀليڪار چون ٿا ته شايد انهيء وٽ ئي سندن دردن جي ڪا دواهجي.پوء ڪرپشن ڪيسن جي جاچ جوچ ۽ تحقيقات تي عوام جا ڪروڙين روپيا خرچ ٿيندا رهيا۽ آخر ۾ انهيء جو نتيجو عوام کي اين آر او جي صورت ۾ ملي ٿو جنهن ذريعي هر قسم جي ڏوهن جي عام معافي ملي وڃي ٿي.عوام تبديليء جي ان رڃ پويان چرين وانگر لاڳيتو ڊوڙندو ۽ دوکو کائيندو آيو آهي.تبديليء جي ان خواهش ۾ هزارين مرد ۽ عورتون، ٻار ۽ ٻڍا سرديء جي موسم ۾ اسلام آباد جي شاهراهه دستور تي ويٺا رهيا پر ڇا تبديلي اچي ويئي؟ ملڪ ۾ احتساب جو وري نئون سلسلو شروع ٿيو،عدالتن ازخود نوٽيس وٺڻ شروع ڪيا،ڪي صداقت ۽ امانت جون سندون وڃائي ويٺا،ڪيترن تي ملڪ جا خزانا ڦرڻ ۽ لٽڻ جا ڪيس هلي رهيا آهن.سون جي خلاف نيب جي تحقيقات هلي رهي آهي،ڪي شاديانا وڄائي رهيا آهن ته ڪي ماتم ڪري رهيا آهن.ڪي ڪنهن جا لاڏلا ۽ ڪي ڪنهن جا پيارا سڏجي رهيا آهن.هڪ ٻئي تي الزامن جو هڪ نه کٽندڙ داستان آهي، پراسرار سوالن جو ڊگھو سلسلو آهي.سيني ۾ دفن رازن جون ڪهاڻيون آهن،نوان نوان سياسي ۽ انتخابي اتحاد جڙي رهيا آهن.موسمي پکين جون هن تڙ کان هن تڙ تي اڏارون جاري آهن.انتخابي سياست کي پاڪ،صاف ۽ شفاف بنائڻ جا دعويدار ٻين پارٽين جي سمورن لوٽن لاء در کوليو ويٺا آهن.هي هيڏانهن آيو ،هو هوڏانهن ويو.سياسي لانڊري پوري آب تاب سان پنهنجا جوهر ڏيکاري رهي آهي جنهن ۾ هن بدنصيب قوم جا ليڊر ڌوپندا ۽ صاف ٿيندا ٿا وڃن.آمريت جو سمورو سامان ڳٺڙيون ڀرجي جمهوريت پسندن جي گھر پهچي چڪو آهي.روٽي ۽ ڪپڙي جي دعويدارن ماڻهن کان ٻن وقتن جي ماني به کسي ورتي آهي.ترقيء ۽ خوشحاليء جي راڪاس غريبن جا هانء ڦاڙي ڇڏيا آهن.لوڊشيدنگ جي بي لغام جن روزيدارن جو سک چين حرام ڪري رکيو آهي.مهنگائي روڪڻ جي معاملي ۾ ڄڻ ته حڪومتون مري وييون هجن.اهي اسان جا عظيم حڪمران جن گذريل ستر سالن کان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هن ملڪ تي پنهنجي شهنشاهيت قائم رکي آهي پوء اهي آمراڻو جوتو پائي آيا هجن يا نام نهاد جمهوريت جو جبو،سڀني جيڪا تبديلي هن وقت تائين هن ملڪ ۾ آندي آهي انهن کي سلام ۽ سلام انهيء عوام کي به جيڪي پوري زندگي تبديليء جي رڃ ۾ رلندي ۽ ڌڪا کائيندي اڄ به اهو گمان رکن ٿا ته اهي ئي بار بار آزمايل جڏهن هڪ دفعو وري ايندڙ اليڪشن کٽي ايندا ته سڀ ڪجهه بدلجي ويندو،اهڙي چرپڻ تي ٻيو ڇا ٿو چئي سگھجي سواء انهيء جي ته “خدا تيري جنون ڪا سلسلا دراز ڪري!”
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو