• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪيل ٽوٽل 1296ڪتاب

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو اوھان دوستن کي اھو ٻڌائيندي خوشي ٿي رھي آھي تہ سنڌ سلامت ڪتاب گھر کي اوھان پاران ڀرپور موٽ ملي آھي. سنڌ سلامت سٿ پاران پبلشر دوستن، ليکڪن ۽ ڪمپوزرس جا ٿورائتا آھيون جن اسان جي سٿ تي اعتماد ڪيو آھي. ساڳي وقت اسان ليکڪن، شاعرن، اديبن، صحافين، سينيئر دوستن، پڙھندڙن جا بہ ٿورائتا آھيون جن اسان جي رھنمائي ڪئي آھي، اسان جي حوصلا افزائي ڪئي آھي.
اڄوڪي ڏينھن يعني 2 جون 2018ع تائين اسان ٽوٽل 1296ڪتاب اپلوڊ ڪري چڪا آھيون. جن مان 617 ڪتاب سنڌ سلامت فورم جي ھن لنڪ تي پي ڊي ايف ۾ اپلوڊ ٿيل آھن، جڏھن تہ 679 نوان ڪتاب ٽيڪسٽ ۽ پي ڊي ايف ۾ سنڌ سلامت جي ڪتاب گھر واري ويبسائيٽ تي موجود آھن. اسان ڪوشش ۾ آھيون تہ فورم تي اپلوڊ ڪيل پي ڊي ايف ڪتاب بہ سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي ويبسائيٽ تي منتقل ڪيون جيئن سڀ ڪتاب ھڪ ھنڌ موجود ھجن جيئن ڳولھا ۾ ۽ ريفرنس لاءِ آساني پيدا ٿئي.
ھي سفر جاري آھي .... اوھان دوستن جو ساٿ کپندو، تبسم صاحب جي ھنن سٽن وانگر ....

ھا مان تنھنجي بنان ڪجه بہ تہ ناھيان
تون جي گڏ گڏ ھجين پوءِ مان آھيان
 
Back
Top