هاڻي پراڻو ڪوبه ”ڪارڊ ” نه هلندو.

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سنڌ جي پي پي پي حڪومت پنهنجو ڏهه سالن جو دور اقتدار مڪمل ڪري ورتو آهي پر حڪومت جي گڏيل طور تي ڪارڪردگي نهايت ئي ناقص رهي آهي.هڪ يا ٻه نه پر اٽڪل چار سو اهڙيون ترقياتي اسڪيمون آهن جيڪي اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگھيون آهن.اهڙيء طرح ڪروڙن جي بجيٽ منظور هئن باوجود ورڪس اينڊ سروس ڊپارٽمينٽ مختلف رستن ۽ عمارتن جا اٽڪل ڏيڍ سو منصوبا مڪمل نه ڪري سگھيو آهي.ڪجهه اهم اسڪيمن جو ذڪر مثال طور هتي ڪجي ٿو.

    2012ع ۾ لاڙڪاڻو پيرا ميڊيڪل انسٽيٽوشن جي منظوري ڏني ويئي هئي پر انهيء تي اڃا تائين ڪم شروع نه ٿي سگھيو آهي.تعليم،صحت،اقليتي مامرن ۽ راندين جي وزارتن جا به ڪيترائي منصوبا مڪمل نه ٿي سگھيا.سانگھڙ،ٽنڊو محمد خان،ٽنڊو الهيار،گھوٽڪي ۽ مٽياري ۾ پبلڪ اسڪول قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني ويئي هئي پر نون سالن جي عرصي ۾ انهن رٿائن تي عمل نه ٿي سگھيو.اهڙيء طرح صوبي جي پنج سو کان وڌيڪ اسڪولن کي اپگريڊ ڪرڻ جي منظوري 2008ع ۾ ڏني ويئي هئي پر اڃا تائين ان تي عمل نه ٿي سگھيو آهي.

    چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي لاء پنجاهه بسترن وارو سرجيڪل آئي سي يو وارڊ قائم ٿيڻو هو جيڪو اڄ تائين قائم نه ٿي سگھيو آهي.2013ع ۾ ٺٽي لاء واٽر سپلائي سڪيم جي منظوري ڏني ويئي هئي پر اڃا ٺٽي وارن کي پاڻي نه ملي سگھيو آهي.سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سمال انڊسٽريز يونٽن کي اپ گريڊ ٿيڻو هو پر ان ڏس ۾ به ڪو قدم نه کڄي سگھيو.گذريل ڪيترن سالن کان اسڪولن کي روزمره جي تدريسي عمل،سامان جي خريداري ۽ ننڍي وڏي مرمتي ڪم لاء جيڪا سالياني اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ ملندي هئي اها پيپلز پارٽيء جي موجوده حڪومت بند ڪري ڇڏي جيڪا آخري سالن ۾ به اسڪولن کي مهيا نه ڪئي ويئي.

    سنڌ حڪومت جيڪا ارڙهين آئيني ترميم کي آصف زرداريء جو عظيم ڪارنامو ته ڳڻائيندي رهي آهي پر اهو ڪارنامو ان لحاظ کان انهن جي ڳچيء ۾ پئجي ويو آهي جو هاڻي انهن وٽ پنهنجي ناقص ڪارڪردگي، ترقياتي اسڪيمن جي نه مڪمل ٿيڻ ۽ سنڌ ۾ عام ماڻهوء جي زندگي بهتر نه بنائڻ جي جواب ۾ ڪوبه عذر يا بهانو هلي نٿو سگھي.ايندڙ اليڪشن ۾ وري “سنڌ ڪارڊ” ضرور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ هينئر کان به ٿي رهي آهي پر شايد هاڻي ان ڪارڊ مان بيلنس ختم ٿي چڪو آهي.ماڻهو سمجھي چڪا آهن ته جڏهن صوبي جي پوري حڪومت ٻين جي شرڪت سواء انهن وٽ،چڱي خاصي بجيٽ سندن هٿن ۾،نه ڪو روڪڻ وارو نه ڪو ٽوڪڻ وارو جو سنڌ ۾ اپوزيشن نالي ڪا شيء ئي موجود نه رهي ته پوء به عام ماڻهوء جي زندگي پهرين کان به وڌيڪ بدتر آخر ڇو ٿيندي ويئي ۽ وزيرن،مشيرن ۽ عملدارن جو بينڪ بيلينس رات وچ ۾ آسمان تائين ڪيئن پهچي ويو؟اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته ارڙهين ترميم بعد خزاني،پرڏيهي مامرن،دفاع،ڪميونيڪيشن ۽ ريلوي کي ڇڏي ڪري ٻيا سمورا کاتا صوبن جي اختيار هيٺ اچي چڪا آهن جڏهن ته تيل،گئس ۽ واپڊا جا معاملا اڃا ويچار هيٺ آهن.سنڌ جاحڪمران جيڪي پنهنجن آخري ڏينهن ۾ ماڻهن جي ڪاوڙ پاڻ کان وفاقي حڪومت طرف موڙڻ جي منصوبي تحت وفاق خلاف بجليء جي لوڊشيڊنگ جي نالي تي احتجاج ۽ ڌرڻن جو ڊرامو ڪري رهيا هئا اهي چاهين ها ته پنهنجي بجلي پيدا ڪري سگھيا ٿي پر ايئن نه ڪيو ويو.هاڻي آسرا ڏنا پيا وڃن ته ٿر ڪول پروجيڪٽ ذريعي جلد ئي بجلي پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندي پر ان جو انتظام ايندڙ سنڌ حڪومت پاڻ وٽ رکندي يا انهيء جي چاٻي به وفاقي حڪومت کي پيش ڪئي ويندي.ڪجهه چئي نٿو سگھجي.

    صحت،تعليم،هائير ايڊيوڪيشن.لوڪل گورنمينٽ،سوشل ويلفيئر،رورل ڊولپمينٽ،زڪوات ۽ عشر، نوجوانن جا معاملا،لائيو اسٽاڪ،زراعت،آبپاشي،اوقف،ثقافت ۽ راندين وغيره وارا سمورا کاتا ته سنڌ حڪومت جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ هئا انهن ۾ ڪهڙي بهتري آندي ويئي؟سنڌ جي ڳوٺن کي ڇڏيو،شهرن جي اها حالت آهي جو سکر، روهڙي، شڪارپور، خيرپور. ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي، دادو،ٽنڊو آدم، ڄامشورو، بدين، خيرپور، لاڙڪاڻو،سيوهڻ،سانگھڙ مطلب ته سنڌ جي سمورن شهرن جو انفرا اسٽرڪچر ئي تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي،رستا ۽ گھٽيون گند ڪچري ۽ گندي پاڻيء سان ڏينهن رات ڀريل رهن ٿا.پيئڻ جي پاڻيء جي باري ۾ اسان نه پر سپريم ڪورٽ طرفان بنايل اعليٰ عدالتي ڪميشن ٻڌائي رهيو آهي ته پوري سنڌ گٽر جو پاڻي پيئي ٿي.بلدياتي نظام ڪرپشن ۽ اقرباپروري سبب بلڪل ئي غيرفعال ۽ ناڪام بڻيل رهيو.انهن جي بجيٽ جو هڪ وڏو حصو حڪومت جي پيارن جي پيٽ ۾ هليو ويو.صحت جو سڄو نظام ڪرپٽ ۽ ناڪارا،پوري سنڌ جي اسپتالن جي حالت جيڪر واقعي مثالي آهي ته پوء حڪمران پاڻ انهن اسپتالن ۾ علاج ڇو نٿا ڪرائين؟ڪاغذن ۾ ڪروڙن جي بجيٽ هئڻ باوجود تعليم جوپورو نظام ئي تباهه ٿي چڪو آهي،سنڌ جي اسڪولن جي رحم جوڳي حالت ڏسو جتي ڪيترن اسڪولن ۾ ٻارن جي ويهڻ لاء فرنيچر يا اسڪول کي ڇت ئي ڪانهي.گذريل ڏهن سالن دوران سنڌ جي حڪمرانن اربين روپيا بجيٽ هئڻ باوجود پوري سنڌ ۾ ڪو هڪڙو ماڊل اسڪول،ڪا هڪڙي ماڊل اسپتال،ماڊل شهر،ماڊل ڳوٺ يا ماڊل يونيورسٽي نه ڏني.اهو پئسو آخر ڪيڏانهن ويو؟ سڀڪو سمجھي سگھي ٿو.سنڌ جو وڏو وزير ويندي ويندي جنهن کي وڻيس تنهن تي لعنتون وجھي،وفاق جي ظلم ۽ ستم جا داستان به ضرور بيان ڪري پر اهو به ته ٻڌائي ته عوامي ڀلائيء جون جيڪي شيون سندس حڪومت جي هٿ ۽ وس هيٺ هيون ڇا انهن مان ڪجهه سيڪڙو به ٿي سگھيون آهن؟اهو هڪ اهڙو سچ آهي جنهنجي بيان ڪرڻ لاء به سياسي ۽ اخلاقي جرئت گھربل هوندي آهي.ايندڙ انتخابي مهم ۾ شهيدن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ماڻهن کي ڀلي ٻڌائين پر اهي شهيد سنڌ جو هي غريب ۽ لاچار عوام جيڪو انهن جي حوالي ڪري ويا هئا انهن جي دکن،دردن.صدمن ۽ سورن،آزارن ۽ ايذائن،مصيبتن ۽ مونجھارن ۾ گذريل ڏهن سالن ۾ انهن ڪا ڪمي آندي آهي يا ويتر انهن کي وڌائڻ جو سبب بڻيا آهن؟جيڪر ان سوال جو جواب اهي عوام کي ڏيڻ نٿا چاهين يا انهن وٽ جواب آهي ئي ڪونه ته پوء مهرباني ڪري شهيدن جي عظيم نالن تي عوام سان هاڻي اهو مذاق بند ٿيڻ گھرجي.پورا پنج سال انهن کي نه ته اهي شهيد ياد ايندا آهن ۽ نه ئي انهن جو منشور،اها عجيب محبت آهي جيڪا صرف اليڪشن جا ڪجھه ڏينهن ڇوليون هڻڻ بعد وري پنجن سالن لاء سمهي پوندي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو