پوري ڪائنات جا جاندار جڏهن ننڊ جي آغوش ۾ هوندا آهن تہ تنهن مهل منهنجا هي نماڻا نيڻ بيدار ٿي پوندا آهن، بيدار ٿيل نيڻن ۾ تنهنجي يادن جا قيد ٿيل لمحا نظر اچڻ لڳندا آهن، هڪ تہ ڌرتي تي رات جي سانت ڀريو ماحول ٻيو آڪاش تي ستارن جي حسين سجاوٽ، ٽيون منهنجو اڪيلو وجود جيڪو تنهنجي متلاشي هجي، ڇا ٿو سمجهي، ڪيڏي نہ ڪهر ڀري رات هوندي سا جيڪا مون تي گذري هوندي ……!!! ڪنهن مهل رات جي وقت هلندڙ ٿڌڙي هير کي پنهنجو آئيني گواھ بڻائي پنهنجي بي وسي جو حال ڏيندو رهندو آهيان تہ وري ڪڏهن پنهنجي آس پاس موجود هر هڪ وجود سان مخاطب ٿي ڪري تنهنجي لاءَ کين سلام دعا بطور امانت ڏيندو رهندو آهيان، ڪائنات منجھ موجود هر هڪ وجود پيار واري ٻولي سمجهي ٿو ۽ پيار ڪرڻ وارن جا ساٿاري پڻ بڻجن ٿا، ان لاءَ ڪڏهن ڪڏهن کين پنهنجو همراز بڻايندي پنهنجا سمورا راز ٻڌائي ڇڏيندو آهيان……!!! جڏهن سڪ صرف نيڻن کي هجي تہ ان کي ڍڪي سگهجي ٿو، جڏهن سڪ صرف دل کي هجي تب ان کي ڍڪي سگهجي ٿو پر ان جي برعڪس جڏهن محبوب جي سڪ پوري وجود کي هجي تہ ان مهل انهي سڪ کي نہ ئي ڍڪي سگهجي ٿو ۽ نہ ئي کيس دٻائي سگهجي ٿو، تڏهن اُها سڪ پوري وجود کي باندي بڻائي ڪري انسان جا سڀ هوش ۽ حواس اڏاريو ٿي ڇڏي ……!!! تڏهن ئي تہ محترم حليم باغي لکيو هو تہ ”اکيون به باندي رڳون به باندي، پرين ڪجي ڇا تنهنجو شهر آ “.