شفيق الرحمان شاڪر گذريل ڏهه سالا جمهوري دور ۾ جيڪر ملڪ ۾ ڪنهن شيء نهايت ئي تيزيء سان ترقيء جون منزلون طيء ڪيونآهن ته اها آهي “مسمات ڪرپشن سڳوري”. ڪيئن چوندا آهن ته ڏينهن ٻيڻي ۽ رات چوڻي ترقي!پر ان جو مطلب اهو نه وٺڻ گھرجي ته ڪرپشن ڪا انهيء جمهوري دور جي پيداوار آهي.ان جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي جيتري پراڻي خود پاڪستان جي تاريخ آهي.انهيء مائيء کي پاڪستان جي جاڙي ڀيڻ چئجي ته بهتر ٿيندو جو اها پنهنجي پياري ديس ٺهڻ سان گڏ ئي جلوه افروز ٿي هئي.جڏهن ڪو چوي ٿو ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي،وڌي ويجھي رهيو آهي،اسري ۽ نسري رهيو آهي ته يقين سمجھو ته مائي ڪرپشن به ساڳي تيز رفتاريء سان ترقيء جون سيڙهيون چڙهي رهي آهي ۽ اسرندي نسرندي جھر جھنگ ۾ پنهنجي خوشبوء پکيڙي رهي آهي.جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته ان وقت به اسان جي ڪن ۾ لفظ ڪرپشن جو پڙلاء پيو هو.بس پوء لڳي وياسين ان جون وکون کڻڻ ۽ انهيء کي ڳولهڻ پر اها ڏائڻ ڪٿي ٿي ڳولئي لڀي!پر شايد اسان جي اکين جو به اهو ضد هو ته کين هرحالت ۾ ڪرپشن سڳوريء جي سونهاري صورت ضرور پسائي وڃي ته جيئن سندس زيارت سان زندگيء جون برڪتون حاصل ڪري سگھجن.هڪ ڏينهن نيٺ اکين جي اها آس به پوري ٿي.ڪنهن سڻڀي سرڪاري کاتي جو ڪو مست عملدار اوچتو اچي اسان جي ڳوٺ نڪتو، مون ان کان اڳ اهڙي عجيب ۽ غريب مخلوق ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. هونئن ته هن جو پورو ماڊل ئي عجيب ۽ غريب هو پر سندس پوٺوهاري پيٽ ڄڻ ته سندس اصلي چيسز سان بعد ۾ جڳاڙ ڪري فٽ ڪيو ويو هجي.ان وقت مون کي پهريون ڀيرو ان سائنسي حقيقت جي سمجھه ويٺي ته ڪجهه ماڻهو نڪ ۽ وات بدران پيٽ سان به ساهه کڻندا آهن.پيٽ هو يا لوهار جي ڪا ڌوڻي!وري جي ڪي ٻول ٻولڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته ڄڻ ايندڙ سيڪنڊن ۾ سندس روح پرواز ڪري ويندو.آئون ڪڏهن معصوميت ۽ احساس محروميء وچان پنهنجي پتڪڙي جسم کي ته ڪڏهن هن جي بحريا ٽائون جيتري ايراضي والاريندڙ پيٽ کي ڏسي رهيو هوس.اصل ۾ اهو پيٽ نه هو پر پيٽ جي مٿان ڪو ٻيو پيٽ هو،بس پوء ته ڪرپشن جو مطلب اهڙو ته ڊول ۾ ويٺو جو اڄ تائين جنهن به وڏي پيٽ واري جي زيارت ٿيندي آهي ته هروڀرو ان تي ڪرپشن جو شڪ ٿيڻ لڳندو آهي. توبه توبه ! هي اسان ڪيڏانهن نڪري وياسين،واپس موٽون ،ان کان اڳ جو اسان به پيٽ جي ڪنهن اهڙي نحوست ۾ ڦاسي پئون. سو ڳالهه پئي ڪئيسين ڪرپشن جي ته ان معاملي ۾ ڪنهن ماڻهوء کي انفرادي طور تي ڪهڙي ميار ڏجي هتي ته ادارن جا ادارا اجتماعي طور تي انهيء جا مريد آهن.خدا جو شڪر آهي جو هن وقت دنيا جي 168 ملڪن مان جيڪي پنجاهه ملڪ ڪرپشن جي ميدان ۾ ترقيء جون منزلون طيء ڪري چنڊ تي پهچي چڪا آهن پاڪستان خير سان اتي وڙهي پنهنجي جاء وٺي چڪو آهي.سارڪ ملڪن واري سنگت به اسان کي ان اڪيلي اعزاز تي دلي واڌايون ڏنيون هيون جو اسان سال 2014ع ۾ ڪرپشن جي بس ۾ پير هڻي رڍ وانگر بيهي نه رهياسين پر “چري ڪيئن؟ چئي چري ويران وير وڌ“ جيان 2015ع ۾ وري هڪ نئون ريڪارڊ جوڙي ويٺاسين.هن وقت به جيترو ٿو نيب جو ڏنڊو وسي اوتري ٿي ڪرپشن ۾ برڪت پوي.گذريل ٽن سالن ۾ چئن ئي صوبن ۾ پنجاسي سياستدانن،ڇهه سو ٽيهٺ ڪاروباري شخصيتن ۽ ٻارهن سو ڏهه ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن خلاف ڪل تيرهن سو ٽيٽيهه ريفرنس داخل ٿيا،مزي جي ڳالهه اها ته ڪرپشن جي ميدان ۾ سنڌ ٻين صوبن کي مات ڏئي ڇڏي جتي ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل آفيسرن جو انگ گھڻو آهي پر بهرحال ٻين صوبن به اهو “انب ” چٻاڙڻ لئي ٻٽيهن ئي نسن جو زور لڳايو آهي.خير تفصيل ايڏو وڏو آهي جو خدا ڏي پناهه! پاڻ وٺون ٿا ڪم جي ڳالهه کي.اڳ۾ فصيح بخاري نالي ڪو نيب جو وڏو هوندو هو ان فرمايو ته پاڪستان ۾ روزانو ٻارهن ارب روپيا ( فقط) ڪرپشن جي گودڙيء ۾ هليا وڃن ٿا.انهيء جو مطلب رڳو ايترو ٿيو جو اسان جا خدا ترس حڪمران ۽ فرض شناس عملدار سال ۾ فقط پنجويهه کرب ۽ پنجونجاهه ارب روپين جي ڪرپشن ڪن ٿا(ويچارا).هاڻي اسان عادت مطابق وري اهو ئي جملو ورجائڻ لڳنداسين ته ملڪ جي اڌ آبادي گڏيل قومن جي مقرر ڪيل “غربت واري لڪير” کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي جڏهن ته ملڪ جي اسي سيڪڙو وسيلن تي انهن ڏهه سيڪڙو لٽيرن يا فقيرن جو قبضو آهي جڏهن ته نوي سيڪڙو ماڻهن لاء رڳو اهي ويهه سيڪڙو هڏيون بچن ٿيون جيڪي اهي کائي ٻاهر اڇلين ٿا.اهي چون ٿا ته اوڙاهه ۾ وڃي اقوام متحده جيڪا روز نت نيون لڪيرون ويٺي ڪڍي.رهي ڳالهه نوي سيڪڙو عوام جي ته انهن کي ڪنهن منٿ ڪئي هئي ته هروڀرو پاڪستان ۾ ئي پيدا ٿيو.خدا جي زمين ويڪري آهي جتي دل گھرين اتي جنم وٺڻ جي تڪليف ڪن.وڃ! وڏو ڪم آهي.آڊيٽر جنرل پاڪستان جي 2014ع جي رپورٽ تي ٿورو نظر وجھو.پاور سيڪٽر ۽ ٻيون ڪمپنيون جيڪي پاڻي ۽ بجليء جي وزارت هيٺ ڪم ڪن ٿيون رڳو انهن ۾ نو سو اسي بلين روپين جون بدعنوانيون ۽ ڪرپشن سامهون آئي آهي.ٽيلي ڪام ڪمپنين ۾ اٽڪل نوي ارب روپيا قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ خرچ ڪيا ويا.قانون جي پاسداري ڏسو جو پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ۽ آئي ٽي واري وزارت ٻن مالي سالن لاء سندن مٿان لاڳو ٿيندڙ ٽيڪس ئي ادا نه ڪيو.پنجاب جو خادم اعليٰ جيڪو ٻين ڪرپٽن کي روڊن تي گھلڻ جون هروقت ڦوڪون ڏيندو رهيو انهيء جي صوبي اندر به ڪو اهڙو ادارو ناهي بچيل جنهن ۾ اهڙي وڏي لٽ مار نه ٿي هجي.پنجاب جي ڊي جي اينٽي ڪرپشن مطابق فنانس جا ضلعي اڪائونٽس دفتر ڪرپشن ۾ پهرئين نمبر تي،لينڊ ريڪارڊ ٻئي نمبر تي جڏهن ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ٽئين نمبر تي آهي.ايستائين جو ڳوٺاڻن علائقن ۾ۡ پيئڻ جي پاڻيء جا منصوبا به اربين روپين جي ڪرپشن جو شڪار ٿي ويا.سنڌ جي باري ۾ ته رپورٽون اهي آهن ته سمورا منصوبا صرف فائيلن تائين محدود رهيا.سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 19 پوليس عملدارن کي نوڪريء تان خارج ۽ 130 کي زوريء رٽائر ڪيو ويو.سنڌ ۾ ثقافت جي نالي تي سجايل ميلي ۾ به ڪرپشن جو داستان سامهون آيو،رڳو افتتاحي ۽ اختتامي تقريبون ئي ساڍن ڏهن ڪروڙن جون پئجي وييون. سوا ٻن ڪروڙن جا لغڙ اڏائجي ويا،گھوڙن تي ٻه ڪروڙ ۽ گڏهن جي ريس تي اڌ ڪروڙ کپي ويو. انهن معاملن تي نيب جاچ ڪري رهي آهي.سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي 28 ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽ مينٽ ذريعي قومي خزاني کي چوٽيهه ڪروڙ روپين جو نقصان پهتو.اهڙيء طرح سنڌ جي اطلاعات کاتي خلاف به پنج ارب روپين جي بدعنوانيء جا ڪيس داخل ٿيل آهن.اڃا ته انهن “ويچارن” کي عدالتن ۽ نيب صحيح نموني “ڪم ” ڪرڻ ڪونه ڏنو نه ته سندن اهڙين ڪارڪيدگين جا ريڪارڊ اڃا به وڌيڪ شاندار جڙن ها.اهي ته رڳو چند مثال اسان برڪت خاطر بيان ڪيا باقي جيڪر ڪنهن عقيدتمند کي انهن سياسي جادوگرن جي “عوامي خدمت “ جا جلوا ۽ “ديانت“ جا داستان ڏسڻ جو شوق هجي ته حضرت گوگل جي اوطاق تي وڃي انهن مهربانن جي نالن جي پڇا ڪري ڏسي ته سندن ڪيل ڪل ڪيسن جون ڪاريون ڪهاڻيون ڇوليون ڏيندي ٻاهر نڪري اينديون. ڪي پي ڪي ۾ ته پي ٽي آئي جي پنهنجي اسيمبلي ميمبر “بلين ٽري سونامي پروگرام ” ۾ مبينا طور تي ٿيل ميگا ڪرپشن ۽ اربين روپين جي هيرڦير جي جاچ لاء قرارداد جمع ڪرائي هئي. بلوچستان حڪومت جو داستان پڙهندي ته ٻئي هٿ مٿي تي اچيو وڃن.ساڳئي آڊيٽر جنرل پاڪستان جي رپورٽ مطابق بلوچستان جي ڇٽيهه کاتن ۾ سترهن ارب روپين جي رقم مالي بي ضابطگين جي نذر ٿي ويئي.بلوچستان جي مرحومه حڪومت کي مبارڪون جو ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ بلوچستان کي ايشيا ۾ سڀ کان گھڻي ڪرپٽ ريجن هئڻ جو اعزاز ڏنو آهي جتي حڪومتن جي منفرد خوبي اها آهي جو 85 سيڪڙو بجيٽ سال پورو ٿيڻ کان پهرين ئي قومي خزاني مان رخصتي ڪري اصل ”محتاجن” تائين پهچيو وڃي. باقي اسان جي عوامي نمائندن اسيمبلين ۾ ويهي يا ڪوڙيون حاضريون لڳائي اسان غريب عوام لاء جيڪي ڪيهون ۽ ڪيڪون ڪيون سي دنيا جي راڄن ٻڌيون هونديون.عاجز جماليء جي لفظن ۾ ته “انهن مان ڪجهه ميمبر گونگا،ڪجهه گوسڙو ۽ ڪجهه گمنام رهيا.”اهو ئي نصيب آهي اسان جمهوريت جي ماريلن جو! ڪرپشن جون ڪڙيون ڪهاڻيون ڪرٽي وات ئي ڪڙو ٿي ويو.ان ڪري اچو ته اسان جي تازو گھر رواني ٿيل وزيراعظم جي ان آخري بيان جي چاشني چکون جنهن ۾ هن فرمايو ته “اسان پاڪستان کي هڪ بهتر حال ۾ ڇڏي وڃي رهيا آهيون.“ انهيء مٺاڻ سان گڏ ڪجهه نمڪين به ٿي وڃي سو آهي خادم خاص جوالوداعي بيان ته اسان بجلي پوري ڪري پيا وڃون،سڀاڻي جيڪر بجلي اوهان کي نه ملي ته خبردار جو اسان کي ڪجهه چيو اٿو. اوهين ڄاڻو ۽ لوڊشيدنگ ڄاڻي. روئو، پٽيو يا مٿا ڀت سان هڻو اسان جو ڪجهه نه وڃي!!!