سرداري نظام ۽ وفاقي نظام

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    سرداري نظام ۽ وفاقي نظام ۾ ڪو فرق ناھي



    01جون2003 ع ۾ جڏھن منھنجو خضدار بلوجستان وڃڻ ٿيو تہ اتان جي پڙھيل لکيل طبق کان وٺي ويندي قوم م پرستن کان وٺي عام ماڻھون کان منھنجو تمام گھڻو اھيو سوال ھو تہ توھان کي ڪھڙو نظام پسند آھي يعني سرداري نظام کي توھان پسند ٿا ڪريو يا حڪومت جي انڊر اختيارن جي توھان سپورٽ ڪندوء؟؟؟ ڪنھن ھڪ ماڻھو بہ حڪومت جي فيور ۾ جواب نہ ڏنو ھو سڀن سرداري نظام کي ئي پسند ڪيو ھو ۽ ان جي ئي فيور ۾ مون سان انھن جو ھڪ لاجواب ڀھس ھليو ھو . بلوجستان جي ماڻھون ۾ مون کي صاف ظاھر چٽن لفظن ۾ حڪومت سان نفرت جو جذبو ئي نظر آيو ھو ڇو تہ انھن جو چوڻ ھو اسان ان حڪومتي نظام کي ڪئين ٿا برداشت ڪري سگھون جيڪا شام کان وٺي ويندي اسان جي ٻچن کي سڌيون گوليون ھڻي ماري ٿي ڇڏي اسان کي پنھنجي حق گھرڻ تي ٽارچر ڪيو ٿو وڄي اسان جي نوجوانن کي انٽيليجنس وارا خبر ناھي ڪٿي کڻي وڄي انھن کي ماري انھن جي لاشن کي بہ نہ ٿو ظاھر ڪيو وڄي اسان وٽ اسڪولن کان وٺي ويندي صحت مرڪزن جي اڻ ھوند جي ڪري اسان جون نسلون تباھ ٿي ويون آھن مون کي انھن جي اندر ۾ حڪومتي نظام سان تمام گھڻي نفرت ۽ سرداري نظام سان تمام گھڻي چاھت نظر آئي ھئي . پر ھاڻ بلوجستان ماحول ڪجھ. ٻيو آھي اڄ مان سوچان ٿو اسان سنڌ واسي ڪھڙي ڪھڙي نظام جي چوائس ڪيون اگر وڏير ڪئي نظام جي چوائس ٿا ڪيون تہ اسان جي سنڌ ۾ الاء جي ڪيترا خانو نوحاڻي جھڙا وڏيرا آھن جيڪي تانيا خاصخيلي کي قتل ڪرڻ کان پوء وري بہ ڪنھن نہ ڪنھن وزير مشير جي ھٿان گرفتاري ڏيڻ کان پوء بہ اھو ساڳيو خانو نوحاڻي بنا ڪنھن خوف جي آزاد ٿي وتي ٿو گھمندو ان کي ڪابہ سزا نہ ٿي ڏني وڄي.
    اسان ان وڏيرڪي نظام جي حمايت ڪئين ڪيون جنھن ۾ ھڪ پڙھيل لکيل پوري گھر جي تباھي ڪئي ٿي وڃي قابل چانڊيو سان گڏ پڙھيل لکيل ٻين سلجھيل ماڻھن کي قتل ڪرايو ٿو وڃي ان ڊرپ کان تہ ھي سلجھيل پڙھيل ماڻھون اسان جي دٻ دٻي ۽ وڏيرڪي اٿ وھي جي روڪاوٽ بڻجي ويندا سو ان خوف کان ھڪ نہ ٻہ نہ پر ھڪ گھر جا ٽي ٽي ماڻھون قتل ڪيا وڃن اسان ان وڏيرڪي يا سرداري نظام کي ڪئين ٿا پنھنجو امن وارو نظام سمجھي سگھون .
    مان سوچان ٿو اسان ڪھڙي ڪھڙي نظام کي پنھنجو امن وارو نظام سمجھون ۽ ان سان گڏ گڏ ھلون . ڇا اسان حڪومتي نظام مان مطمئين آھيون جنھن ۾ اسان عوام کي زلتون ۽ زيادتون کان سوا ٻيو ڪجھ بہ نصيب ناھي اسان جي جوڌن جوانن کي ڏھ ڏھ سالن تان گم ڪيو پيو وڄي گھڻن جا تہ لاش ئي نہ ٿا ظاھر ڪيا وڄن تعليم کان وٺي ويندي صحت تہ ڇا پر اسان جي زمين کي پاڻي نہ ملڻ ڪري بنجر ڪيو ويو حط ڪئي پيڻ جو بہ زھريلي پاڻي پيارو ٿو وڄي ڪراچي ۾ ماستر جي مٿان ڏنڊا ۽ سڌيون گوليون ھلايون وڄن اسان ان حڪومتي انظام کي ڪئين ٿا پنھنجو سمجھي سگھون جتي ڪمند جي اگھ گھرڻ تي ھارين ۽ انھن جي نياڻين جي لڄ بہ نہ رکي وڄي انھن جي مٿان ظلم ۽ زيادتين جا پھاڙ ڪرائي انھن تي وحشيانو تشدود ڪيو وڄي ھن سنڌ جي ڌرتي تي پنھنجي پيارن جي آزادي لاء روڊن ۽ رستن تي ايندڙن نياڻين جي ڪپڙن کي ليڙون ليڙون ڪيو وڄي ان حڪومتي نظام کي فرعوني حڪومتي نظام جو نالو ڏيجي تہ بہ سھي آھي پر ھن ڌرتي تي ظلم ۽ بي واجبين جي تہ انتھا ڪئي ٿي وڄي جئين پنجاب ۾ نوازي نظام رائج آھي اتي جئين جئين ن ليگ جي مرضي ائين پئي پنجاب عوام تي ظلم ۽ جبر جا داستان کوليا پيا آھن تيئن ئي وفاقي نظام جي ظلم ڪرڻ ۾ ڪا بہ ڪسر ناھي ڇڏي ھڪ طرف سنڌ غريب عوام کان وٺي ويندي بلوجستان جي حقن تي بہ ڌاڙا ھيون ويٺا ھن ٻئي طرف وفاقي نظام بہ مھنگائي جي پُڙ ھيٺيان پئي چڪي وانگر پيٺو آھي ھر نظام جبري نظام آھي اسان ڪھڙي نظام سان منصوب ٿيون ھر نظام ۾ ٺڳي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل ٿو نظر اچي ھر ڪو پنھنجي پنھنجي ذات کي چمڪائڻ لاء پنھنجي مقصد کي پائيڻ لاء پاڻ ئي مخلص ايماندار جج ٿيڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن ڀلي ڪو حڪومتي نظام وارو ھجي يا وڏيرڪائي سرداري نظام جو ڪو فرد ھجي ھر نظام ۾ ظلم ۽ جبر جا داستان ڀھريا پيا آھن ھر نظام ۾ رھز واٺا گھڻا آھن ڪنھن کي بہ ڪو احساس ئي ناھي تہ ڪو عوام جي ڪا دادرسي بہ ڪرڻي آھي سرداري نظام ۾ وڏيرن جا پنھنجا پنھنجا ذاتي جيل ھوندا آھن ۽ حڪومتي نظام ۾ حڪومت جا جيل ھوندا آھن جنھن ۾ ايم اينن ۽ ايم پي اينن جي معيار تي پورو نہ لھندڙن غريب نوجوانن جي جواني جيل جي شيخون جي پويان گذريو وڄي ھنن نظامن نہ ڪڏھن ڪو روزگار ڏنو آھي نہ ئي ڪا بنيادي سھولت ڪا ڏني ھر علائقي ۾ ھر بنيادي سھولتون جي ڪمي آھي ۽ رھندو انھن نظامن پوء حڪومتي نظام ھجي رائج ياسرداري نظام سڀن ڪا بہ ملڪ کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪسر ناھي ڇڏي رھندو ملڪ دوشمن قوتن سان شراب ۽ ڪباب جون محفلون رچائيندي انھن کي ڪو بہ شرم بہ ناھي ايندو. ايمانداري ۽ سچائي جِي تہ ڪا ڳالھ ئي
    ناھي بچي سڀ ھڙ کائو آھن
    __________________________________________________ اصغر علي جمالي/ دادو
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو