وڏي امان حاجاڻي جو وڇوڙو....! تحرير: ياسين خان شر/ ڄامشورو انسان جيڪو هن دنيا جي تختي تي آيو آهي، ان کي موت جو ذائقو ضرور چکڻو آهي. اسان کي ماءُ جيان پاليندڙ اسان جي ڏاڏي حاجاڻي جو ذڪر ڪرڻ لاءِ ڪجهه سٽون لکي رهيو آهيان، جيڪا 14 هين رمضان شريف جي ڀلاري رات تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي..! سندس جون اسان تي پيار، محبتون، قرب ايترا هئا جو سندس وڇوڙي بعد به ائين لڳي رهيو آهي ته هوءَ اسان سان گڏ ويٺي آهي. ظاهر آهي جيڪا صوم و صلواة جي پابند هجي، جنهن جي رڳ رڳ ۾ انسانيت جي خدمت جو جذبو سمايل آهي، اها ايتري حيثيت ته ضرور رکي ٿي. هن بيت المقدس جي زيارت به ڪئي، هن کي ڀلي پار وڃي حج ۽ عمري جي ادائيگي جي به سعادت حاصل ٿي. جيڪا هن ڏاڏي سائين سان گڏ هن پيادل پنڌ وڃي حج ڪيو هو، هن دستگير بادشاهه جي مزار تي وڃي دعائون به گهريون. وڏي امان حاجاڻي جي عمر اٽڪل 84 سالن کان مٿي هئي. جڏهن سندس حياتي جون آخري گهڙيون گذري رهيون هيون ته هن پنهنجي ننڍي ۽ پياري پٽ (منهنجي بابا سائين) علي خان شر کي گهڻو ياد پئي ڪيو، ڇاڪاڻ جو ننڍو پٽ وڌيڪ پيارو هوندو آهي، پر جڏهن ور جو ساٿ ٽٽي ويندو آهي، عورت بيوهه ٿي پوندي آهي ته سندس اولاد ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي. منهنجو بابا سائين آرمي ۾ حوالدار هجڻ ڪري گهر کان ٻاهر رهندو هو ته اسان گهرڀاتين، منهنجي ڀينرن، ڀائرن، امي ۽ ٻين سمورن گهرڀاتين جي وڏي منهنجي وڏي امان هئي، گهر ۾ جيڪڏهن ننڍڙو ٻار ۽ وڏو بزرگ نه هوندو آهي ته سچ پڇو ته گهر کائڻ لڳندو آهي. ننڍي ٻار سان ڳالهائڻ ۽ ان سان دل وندرائڻ ۾ مزو ايندو آهي ته وڏي عمر جي ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ، ان جون ڳالهيون ٻڌڻ، انهن کان آکاڻيون ٻڌڻ ۾ دل کي سڪون ملندو آهي. هونئن به وڏي عمر جو ماڻهو ٻار جي مثل هوندو آهي جيڪا پراڻي چوڻي آهي ۽ حقيقت به اها ئي آهي. وڏي امان سانئڻ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ دائپو جو ڪم ڪندي هئي، هوءَ عمر جي آخري حصي تائين به ان نيڪ، انسانيت جي ڀلائي واري ڪم کي نه ڇڏيو، ڀرپاسي جا ماڻهو آڌيءَ رات جو به کيس ننڊ مان اٿاري گهر نارمل ڊليوري (دائپي) لاءِ وٺي ويندا هئا. پر وڏي امان کين گرمي، سردي جي پرواهه نه ڪندي هميشه انهن جو حڪم مڃيندي هئي.هوءَ ڏکي ۾ ڏکي ڊليوري به ڪرائيندڙ هئي. اڄ کان ڪافي سال اڳ جڏهن سيزر آپريشن جو سلسلو عام نه هو، جڏهن ڊليوري گهرن ۾ٿينديون هيون، تڏهن علائقي ۾ وڏي امان ئي مشهور هوندي هئي، جيڪا ڊليوري اهڙي ريت ڪرائيندي هئي جو ٻار به محفوظ هوندو هو ته ٻار جي ماءَ به. هن اسان تي هميشه شفقت، پيار جو هٿ رکيو، ڪڏهن به ڇڙٻ نه ڏنائين، زندگي جي ڏکئي موڙ تي پاڻ تڪليفون برداشت ڪري به اسان کي سکيو رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هوءَ هئي ته اسان لاءِ دعا جا در، جاڏي ويندا هئاسون ساڻس کان موڪلائڻ کان پوءِ ئي ويندا هئاسون ته خالي نه موٽندا هئا سين، هن کي انسانيت سان وڏو پيار هو. هوءَ هڏ ڏوکي ۽ هميشه ٻين جي خدمت ڪندڙ عورت هئي. هاڻي پنهنجي امي کان موڪلائي ٻاهر ويندا آهيون، جنهن جي قدمن هيٺيان جنت آهي. هوءَ اسان جي وچ ۾ نه آهي ته اسين کيس ياد ڪري لڙڪ لاري رهيا آهيون پر ڌڻي کان سندس مغفرت ۽ بخشش جي لاءِ دعاگو آهيون.