شفيق الرحمان شاڪر کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ ،ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي جي ڳوٺ مونگر پليجو ۾ 21 فيبروري 1930ع تي جنم وٺندڙ عظيم ڏاهو،دانشور، محقق،ليکڪ،سياستدان ۽ قانون دان جناب رسول بخش پليجو 88 سالن جي ڄمار ۾ نيٺ هي فاني جهان ڇڏي ويو.ننڍپڻ کان ئي ذهين.چست ۽ محنتي طبيعت جو مالڪ پليجو صاحب نه رڳو هند ۽ سنڌ پر بين الاقوامي ليول تي به پنهنجي قابليتن،ذهانت ۽ صلاحيتن جي بنياد تي گھڻي عزت ۽ شهرت حاصل ڪئي.هن جي سڃاڻپ رڳو ڪنهن هڪڙي شعبي جي ڪري نه هئي پر هو هڪ ئي وقت اصول پسند سياستدان،زبردست قانوني ماهر،انقلابي اڳواڻ،نظرياتي انسان،تاريخ دان ،محقق،اديب ۽ تنقيد نگار هو.پليجو صاحب ٻين جي راء ٻڌڻ ۽ پنهنجي راء بنان ڪنهن مصلحت ۽ منافقت جي سڌي ۽ صاف انداز ۾ ڏيڻ جو عادي هو.ڪو وقت هو جو سندس نظرياتي ڪارڪن سندن ڳالهين،خيالن،اٿڻي ويهڻي ۽ لباس وغيره ذريعي پري کان سڃاتا ويندا هئا.سنڌ ۾ پيادل لانگ مارچ جو تصور حقيقت ۾ هن ئي متعارف ڪرايو.وقت جي بدلجندڙ حالتن ۽ ماحول جا اثر ٻين پارٽين ۽ تحريڪن جيان پليجي صاحب جي جماعت تي به ضرور پيا تنهن هوندي به هن اجتماعي سوچ،مستقل جدوجهد،اعتماد ،صبر ۽ تحمل جي حوالي سان سنڌ جي سياست تي جيڪي اثر ڇڏيا انهن کان انڪار ڪري نٿو سگھجي.پليجو صاحب پنهنجي سياسي جدوجهد دوران زندگيء جا يارهن سال جيل ۾ گذاريا.وقت جي بدترين آمر ضياء جي خلاف هلندڙ ايم آرڊي جي تحريڪ ۾ پليجو صاحب تحريڪ جي مرڪزي روح روان جي حيثيت سان جيڪو شاندار ڪردار ادا ڪيو سنڌ ان کي وساري نٿي سگھي.انهيء تحريڪ دوران 1980ع ۾ پليجو صاحب ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد به رهيو.1981ع ۾ کيس ايمنيسٽي انٽرنيشنل پاران ضمير جو قيدي قرار ڏنو ويو.هڪڙي دفعي پليجي صاحب جي اڳواڻيء ۾ ريلي ڪڍي ويئي هئي.ان ريليء کي گورنر هائوس تائين پهچڻو هو،ريلي صدر مان گذري رهي هئي ۽ ريليء جي پويان پوليس لڳل هئي. پوليس جي ڪوشش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ريليء کي اتي ئي روڪيو وڃي يا ان جو رخ تبديل ڪيو وڃي ته جيئن اها ريلي ڪنهن به صورت ۾ گورنر هائوس نه پهچي سگھي ۽ ريليء ۾ شامل مظاهرين کي هيڏانهن هوڏانهن منتشر ڪري ڇڏجي.انهيء دوران ريليء جي ڪوريج لاء آيل فوٽو گرافرن پليجي صاحب کان مطالبو ڪيو ته هو ٿوري دير لاء ريليء کي روڪي ته جيئن ته جيئن اهي ڪجهه تصويرون ٺاهي وٺن.جڏهن ان مقصد لاء پليجي صاحب سان رابطو ڪيو ويو ته هن صاف انڪار ڪيو ته اسان جي پويان پوليس لڳل آهي،ريليء جو مقصد تصويرون ڪڍرائڻ نه پر گورنر هائوس تائن پهچڻ آهي ان ڪري ريليء کي ڪنهن به صورت ۾ روڪي نٿو سگھجي.اهڙيء طرح نيٺ اها ريلي پنهنجي منزل تي پهچي ويئي.آخري سالن ۾ پليجي صاحب جي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي ۽ هو ڪافي ڪمزور به ٿي چڪو هو پر ان حالت ۾ به هن هڪ دفعي سکر کان ڪراچيء لاء نڪرندڙ پيادل ريلي جي قيادت ڪئي ۽ هر وقت ڪارڪنن سان گڏ رهيو. پاڪستان ۾ سياسي جدوجهد جي تاريخ مان رسول بخش پليجي جو نالو ٻاهر ڪڍي نٿو سگھجي.هن تمام ڊگھي جدوجهد ڪئي آهي.جڏهن خان عبدالولي خان عوامي نيشنل پارٽيء جو صدر هو تڏهن جناب پليجو صاحب ان جو جنرل سيڪريٽري هو.جڏهن بزم صوفيا سنڌ قائم ٿي ته سائين جي ايم سيد ان جو صدر ۽ پليجو صاحب ان جو سيڪريٽري جنرل بڻيو.رسول بخش پليجو جڏهن سنڌ ۾ پنهنجي نئين پارٽي سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ته مقبول عوامي شاعر شيخ اياز ان جو نائب صدر بڻيو.رسول بخش پليجو ون يونٽ جي خاتمي جي تحريڪ ۽ جنرل ضياء جي آمريت خلاف ايم آرڊي تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.هن سنڌ ۾ پنهنجي پارٽيء جي جديد انداز ۾ تنظيم سازي ڪئي ۽ هزارين مضبوط نظرياتي ڪارڪن پيدا ڪيا.پليجي صاحب ڪيترين ئي سياسي جماعتن ۽ تنظيمن ۾ ڪم ڪيو ۽ ڪيترين ئي سماجي تنظيمن جو بنياد وڌو جن ۾ عوامي نيشنل پارٽي،سنڌ متحده محاذ،سنڌ قومي اتحاد،سجاڳ ٻار تحريڪ،عوامي جمهوري تحريڪ،ڪالا باغ ڊيم مخالف ايڪشن ڪميٽي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ،پاڪستان عوامي تحريڪ،پونم،سنڌ مزدور تحريڪ،اينٽي گيٽر ٿل ڪينال تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ شامل آهن،. سنڌ هن وقت تاريّ جي جنهن نازڪ موڙ تي بيٺل آهي اتي پليجي صاحب جو لاڏاڻو هڪ وڏو قومي نقصان ۽ سندس خال ڀرجڻ نهايت ئي مشڪل آهي.
ساگر سميجو: محترمه زرينا بلوچ گذاري ويئي، سوچيم عذرخواھي ڪري اچجي ءٍ ان بھاني سان پليجي صاحب سان ڪافي وقت کان پوءٍ ملاقات به ٿيندي ءٍ ڪچھري به ٿي ويندي. سو وڃي سندس گھر پھتم. ڏاڍا ڀاڪر پائي مليو، سسئي پليجو به ويٺي ھوئي ءٍ بي.بي.سي وارو جاويد سومرو به موجود ھو، چيائين توکان سخت شڪايت آھي، تنھنجو ھٿ بند ٿيل آھي، ڀت پوت مان ڪڍڻ جو پروگرام به ھو پر ھاڻي آيو آھين ته سڀ ڳالھيون ڇٽيون. مون عرض ڪيو مانس، استاد محترم ڪوتاھين جي معافي وري اھڙي حرڪت نه ڪبي. پليجي صاحب جي ميار اھا ھئي ته سندس جنم ڏينھن تي آئون اخبار مٍ سندس متعلق ڇو ڪجھ نٿو لکان، جنھن لاءِ پاڻ ءٍ عالم شاہ ھر سال فون ڪري حڪم ڪندا ھوئا پر روائتي سستي سبب ڪڏھن ڪجھ ڪون لکي سگھيس. مون چيو سائين محترمه زرينه جي وڇوڙي تي ڏک ٿيو، چيائين نه نه ھوءَ جنت مٍ فسڪلاس خوش لڳي پيئي آھي، سکر جيل مٍ جينءَ قيدياڻين کي گيت ٻڌايو خوش ڪريو ويٺي ھوندي ھوئي اينءَ اتي جنت مٍ به ساڳي ڪرت سان لڳي پيئي آھي. پر تون خبر ڏي لکين ڇا پيو پڙھين ڇا پيو؟ ھاڻي جي ٻڌايان ٿو ھي لکيو اٿم ھي ڪجھ ڪتاب پڙھيا اٿم ته چوندو ڀلا ٻڌائي انھن ڪتابن مٍ ڪھڙي ڳالھ توکي وڻي؟ ان ڪتاب جي ليکڪ جي باري تنھنجي ڇا رائي آھي؟ سو چيو مانس ته نوڪري مٍ ايڏو بزي آھيان جو نڪو لکان ٿو نڪو پڙھان ٿو. پاڻ چيائين ته انھي جو مطلب اھيو ٿيو ته توکي ڀت پوت مان ڪڍجي ءٍ ھٿ به بند ڪجي، ميان جا فقير اسين سنڌي ماڻھون نه پڙھنداسين، ءٍ نوڪري کي سڀ ڪجھ سمجهي ويھي رھياسين ته دشمن ٽپڙ سڀ کائي ويندا ءٍ ڌرتي به پيرن ھيٺان کسڪائي ڪڍي ويندا اسانکي خبر ئي نه پوندي. يار پليجو صاحب ڇا ته ماڻھو ھو. سدائين چوندو ھو پڙھو پڙھو پڙھو. ڪھڙي به تنظيم سان تعلق ھجي ڪتاب ڏيندو ته ھي وڃي پڙھو، سمجھ مٍ جيترو به اچي پرواہ ناھي پر پڙھي پورو ڪريو. پليجو صاحب چوندو ھو الائي ڪيترن کي مون پڙھڻ لکڻ جي عادت وجھي ڇڏي پر فاضل راھو مونکان زور نڪتو، مجال آھي جو ڪتاب کي ھٿ لڳائي پر تنظيم ٺاھڻ جو ڪاريگر آھي انھي ڪري ٿوري ڪنسيشن ڪريانس ٿو. جيل مٍ ھوندا ھئاسین ته پلیجي صاحب ڪنھن کي شاعري تي لڳائي ڇڏيو، ڪنھن کي ڪھاڻين لکڻ تي لڳائي ڇڏيو، ڪنھن کي تقرير جي فن تي لڳائي ڇڏيائين ءٍ ڪنھن کي وري ڳائڻ تي. ڪڏھن ڪنھن کي بخش نه ڪيائين. چوندو ھو جيل کي پنھنجو گھر سمجھو ھر وقت مصروف رھو ورنہ جيل اھڙي لڳندي جو اڌ چريا ٿي پوندو ءٍ معافيون لکي سياست کان ڀڄي جان ڇڏائيندؤ. پليجو صاحب 88 سالن جي رولاڪين کان پوءِ وڃي جنگشاھي مٍ آرامي ٿيو ءٍ ھاڻي پونيان اھڙو ڪوبه ڪونھي بچيو جيڪو اسانکي لکڻ پڙھڻ تي مجبور ڪري ءٍ اسانجي ننڊ مٍ خلل وجھي. بليا اسين مرڻا ناھین، گور پیا ڪوئي ھور.
رسول بخش پليجو اڻٿڪ جدوجهد جو نالو لطيف گاد گذريل ڏينهن هاءِ ڪورٽ حيدرآباد وڃڻ ٿيو ته مون ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو کي هڪ ڪيس دوران دليل ڏيندي ڏٺو، جيئن ئي ٻڌڻي ختم ٿي ته سندس نظر مون تي پئي ۽ سلام دعا ٿي جنهن بعد مان کيس چيو ته جيڪڏهن اتي ئي آهيو ته مان هڪ وڪيل سان ملي 15 منٽن بعد توهان سان ملان ٿو ۽ ملڻ ضروري آهي. ڪجهه دير بعد ڪورٽ جي احاطي ۾ ٻئي مليا سين ته مون کانئس سائين رسول بخش پليجي جي صحت بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ اصل ۾ منهنجو ساڻس ملڻ جو مقصد به اهو ئي هو ڇاڪاڻ ته فيس بوڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين نيٽ ورڪن تي پليجي صاحب بابت وقتن فوقتن مختلف ڳالهيون گردش ڪري رهيون هيون جن سبب عجيب قسم جي بيچيني پيدا ٿيل هئي پر پڪ هئم ته سجاد چانڊيو ان حوالي سان درست ڄاڻ ڏيندو ڇاڪاڻ ته هو پليجي صاحب جي ويجهو به آهي ۽ عوامي تحريڪ جو اڳواڻ به آهي. بحرحال ڳالهه ٻولهه دوران سجاد ٻڌايو ته طبيعت ۾ ڪو خاص سڌارو ناهي ۽ هلڪي ڦلڪي بهتري اچي ٿي ته ماڻهن ۾ همت اچي ٿي باقي زميني حقيقت اها آهي ته سندس طبيعت ڪا خاص ناهي. ايئن چئي هو ڪراچيءَ روانو ٿي ويو پر سندس ڳالهه لڳاتار منهنجي ذهن ۾ کٽڪندي رهي ۽ مايوسي پڻ محسوس ٿي. صبح جاڳ ٿي ته موبائل تي پهرين پليجي صاحب جي وفات جي افسوسناڪ خبر پڙهيم ته دلي ڏک پهتو ۽ سندس انٽرويوز، ليڪچر، ٽيليويزن تي ٿيل بحث مباحثا، سندس تقريرون، لکڻيون، جدوجهد ۽ ساڻس لاڳاپيل ڪيتريون ئي ڳالهيون ذهن ۾ گهمڻ لڳيون. 2008ع ۾ مان جڏهن هڪ سنڌي اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر هئس ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد زبردستي ڪراچيءَ جي ميڊيڪل ڪاليجن لاءِ وقت کان اڳ داخلا ٽيسٽ ڪرائي ڇڏي جڏهن ته ان وقت تائين سنڌ جي ڪيترين ئي تعليمي بورڊن جي رزلٽ به نه آئي هئي جنهن سبب هزارين سنڌي شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو هو تنهنڪري مون پنهنجي اخبار ۾ هڪ اسپيشل باڪس رکيو جنهن ۾ موقف ڏيڻ لاءِ ان وقت جي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شازيه مري، سيد جلال محمود شاهه، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ رسول بخش پليجو سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.
آيو موت ته روح مري ويو جسم ٿيو آزاد مٽي اول مٽي آخر مٽي زندھ باد سيد نواز شاھ ڀاڏائي ائين ناھي ته ھن جي سياست سان اختلاف نه ھئا پر ھن جي عمر جن خوابن جي پاسباني ڪندي گذري تن کي فراموش ڪرڻ پنھجي دور سان دوکو ڪرڻ جي برابر آھي اھو سياسي جرم آھي ته نظرياتي وڇوٽي جي ڪري ڪنھن جي اٿاھ جانفشانين سبب ھن جي جگر مان ٽمندڙ رت تي تماشائين جيان ٺٺول ڪجي نه ھرگز نه اھا روايت ھاڻ دفن ٿيڻ گھرجي پليجو به بحثيت ھڪ انسان توڙي سياستدان ڳڻن اوڳڻن جو مجموعو ھو پر ھن سياست کي علم سان ڳنڊيو جو سنڌ ۾ پنج درجا پاس ماڻھو به مارڪس جي جدلياتي فلسفي تي ڳالھائڻ لڳا جمعي ۽ ڪانڊيري پارا ھاري به ڳاڙھي لالٽين موسي سي مارڪس تڪ ۽ بالشويڪ انقلاب جھڙا پرمغز ۽ منطقي ڪتاب پڙھڻ لڳا ائين ٻھراڙي جي عورتن جي ھڪڙي وڏي کيپ روايتي سماجي پابنديون ٿڏن سان ٽوڙي ميدان تي نڪري آئي جن کي پليجي صاحب سنڌياڻي تحريڪ جھڙي ويل آرگنائيز جماعت ۾ تبديل ڪيو عام گفتگو کان وٺي اسٽيج تائين پليجي جي ڪاپي ڪندڙ ڪارڪنن جي ڊگھي قطار جڙي وئي جن جي تقريرن ۾ بلا جي رواني رقص ڪندي رھي آھي پليجي ذھن سازي ڪئي ماڻھو تيار ڪيا ھن وٽ عقل علم آرٽ جو سنگم ھو ھن ڀٽائي کي پنھجي خاص انداز ۾ اڳيان آندو ھن پاڻي جي اشو تي زبردست ڊاڪيومنٽيشن ڪئي ھو راڳ ۽ شاعري جو عاشق ھو ڌنون ڪمپوز ڪرڻ راڳڻيون تخليق ڪرڻ ٽيبلوز ٺاھڻ تقرير جو فن پيدا ڪرڻ رجعت پرستن کي نندڻ وقتائتا سلوگن ٺاھڻ ھو ڪامياب ليڪچرار به ھو مذھب تاريخ ادب تي ھن خوب لکيو کيس سھي معني ۾ ھڪڙو يگانو اسڪالر چئي سگھجي ٿو جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد ۽ سندس تحريڪ سان حد کان وڌيڪ جذباتي اختلافات رکڻ جي ڪري ھو قومي تحريڪ وٽ قبوليت گھٽ ماڻي سگھيو پر اھا ڳالھ ھاڻ تاريخ جي بلي آھي وقت بدلجي ويو آھي اڄ پليجو به ناھي سيد به ناھي نئين حالتن ۾ نوان رستا نيون رسمون اختيار ڪرڻيون پوندو رواداري ۽ سھپ کي اڪوموڊيٽ ڪرڻو پوندو پليجو اھڙو شخص ھو جو باشعور قومون اھڙن ماڻھن کي ڀاڳ جي علامت ڀائينديون آھن پر اسين اڃان تنگ نظري جي اونھي پاتال ۾ گوڏن ڀر گتل ماڻھو آھيون ان ڪري پنھجي وطن جي غير معمولي ذھنن مان پرائڻ جي بجاء کين روايتي تعصب پرستي جي اک سان ڏسون ٿا پر خير اڄ اھا مشعل به وسامي وئي جنھن جي ٽم ٽم تي جگنو ڦيرا پائيندا ھئا اختلاف اقرار اتفاق سڀ کڻي پليجو پنھجو وارو وڄائي وڃي مونگر پليجي جي مٽي ۾ ستو ڀلي کڻي اسين ترقي جي آڪاس کي وڃي ڇھون جدت جا سڀ رنگ ماڻيون پر سائين جي ايم سيد حيدر بخش جتوئي حفيظ قريشي غلام محمد خان ڀرڳڙي عبدلواحد آريسر بشيرخان قريشي شيخ اياز ابراھيم جويو نبي بخش بلوچ رسول بخش پليجو ڄام ساقي نذير عباسي پيدا ڪرڻ ۾ شايد اڃان صديون درڪار رھنديون
پَسيو ڪين پَسان، آئون نه جيئندي اُن ريءَ! جامي چانڊيو ڪير ويساههُ ڪندو ته رسول بخش پليجو هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. هڪ شخص جنهن جي سموري حياتي هن دنيا کي بدلائڻ جا خواب ڏسڻ ۽ اُنهن جي ساڀيائن لاءِ ادب، فڪر ۽ سياست جي ميدانن تي گهڻ طرفي جدوجهد ۽ مزاحمت ۾ گذري، ان کان هيءَ دنيا يا هُو هن دنيا کان ڪيئن ٿو موڪلائي سگهي! رسول بخش پيلجو هڪ پوري دور جو انقلابي خيالن، ترقي پسند فڪري روايتن ۽ سياسي مزاحمتن جو اهڃاڻ ۽ استعارو هو. مون کي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ايتري گهڻ طرفي، متحرڪ ۽ بامقصد زندگيءَ جو ٻيو ڪو مثال نظر نه ٿو اچي. لطيف سائينءَ اهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي ته: مٽي ان خمير اصل هئي ايتري. هن وسيع ڪائنات ۾ انسان جي زندگي ڏاڍي مختصر، محدود ۽ حادثاتي آهي. ماڻهن جي اڪثريت ان کي حيوانن وانگر گذاريو ڇڏي پر ڪي ماڻهو ان کي پنهنجيءَ ڏاهپ، پورهيي، جدوجهد، سورهيائيءَ ۽ غيرمعمولي ڪمٽمينٽ سان اهڙي ته معنيٰ، مقصديت ۽ ڪارج بخشين ٿا جو اُها حياتي هڪ فرد جي وِٿُ نه پر سموري قوم ۽ سماج لاءِ بخت ۽ ڀاڳ ٿيو پوي. ويهين صديءَ ۽ ايڪويهين صديءَ ۾ سنڌ جي هڪ اهڙي سداملوڪ ۽ ٻهڳڻي شخصيت سائين رسول بخش پليجو جي هئي. جيڪڏهن سنڌ ۾ ويهين صديءَ ۾ ڪو ماڻهو سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، ادب، سياست ۽ ترقي پسند سماج لاءِ انيڪ بنيادي ميدانن تي غيرمعمولي ڏاهپ، علميت، فڪر جي يگانگت ۽ بي خوفيءَ سان مانجهي مڙس مٿير ٿي وڙهيو ۽ ڪڏهن به وِرچي نه ويٺو ته اهو رسول بخش پليجو هو، جنهن جي سوچَ ۽ لوچَ جا چِٽا نشان سنڌ جي گذريل ڇهن ڏهاڪن جي تاريخ تي ڏسي ۽ پَسي سگهجن ٿا، ان جي ساک ويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ ڏيندي. سَٺِ جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب ۾ رجعت پسنديءَ جي لهر اُڀاري، سنڌ ۾ روشن خياليءَ ۽ ان جي مَهندارن سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ ٻين تي فڪري حملا ڪيا ويا ته “انڌا اونڌا ويڄ” ۽ ٻين لکڻين ذريعي رسول بخش پليجي جو قلم ڪنهن فڪري “جرنيل” جيان وڙهيو. ون يونٽ جي قيام کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وجود ميساريو ويو ته ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ رسول بخش پليجي بنيادي ڪردار ادا ڪيو. بزمِ صوفياءِ سنڌ ۾ هو سائين جي ايم سيد سان گڏ سيڪريٽري هو. 4 مارچ جي جدوجهد ۾ شاگردن جي مالڪي ڪرڻ وارو ۽ کين اُتساهڻ وارو رسول بخش پليجو هو، سندس ڪهاڻي “وَڍيو هُئين ته ويهُه” ان جي عڪاسي ڪندڙ آهي. سنڌ ۾ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ، زمينون نيلام ڪرڻ خلاف مزاحمتي تحريڪن جي مَهنداري شهيد فاضل سان گڏ پليجي صاحب ڪئي. ضياءَ جي خلاف ملڪ ۾ پهرين بغاوت ۽ مزاحمت پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو ڪئي ۽ 1979ع ۾ گولاڙچيءَ ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن جي پاداش ۾ هو گرفتار ٿيو ۽ ست سال جيل ۾ رهيو، جنهن تي ايمنسٽي انٽرنيشنل کيس “ضمير جو قيدي” جو لقب ڏنو. ضياءَ خلاف ايم آر ڊيءَ جي تحريڪن سان گڏ پرويز مشرف دور ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪئنال خلاف جدوجهد ۾ پليجي صاحب جو بنيادي ڪردار رهيو. هن نه رڳو وسيع تر، لڳاتار ۽ غيرمعمولي جدوجهد ذريعي ڪالاباغ ڊيم کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو پر سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻيءَ جي تڪرار تي تحقيقي دستاويز انگريزيءَ ۾ لکي سنڌ جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪيو. گذريل ڇهن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ اهڙي ڪابه جمهوري، قومي ۽ طبقاتي يا سامراج دشمن ترقي پسند جدوجهد ناهي هلي، جنهن ۾ پليجي صاحب جو بنيادي ڪردار نه رهيو هجي. هڪ مفڪر، اديب ۽ نقاد جي حيثيت ۾ پڻ پليجي صاحب جا ڪم ۽ ڪارناما غيرمعمولي آهن. هن جا نه رڳو افسانا، مضمون ۽ ترجما شاهڪار آهن پر سنڌي ادب ۾ ترقي پسند فڪري تنقيد جي بنياد وجهندڙن مان پليجو صاحب خاص حيثيت رکي ٿو. انڌا اونڌا ويڄ، سَندي ذات هنجن، “کنڊهر” جهڙا بي مثال ادبي تنقيد جا شاهڪار سندس ئي قلم مان سِرجيا آهن، اِهو ئي سبب آهي جو هن کي سندس استاد محمد ابراهيم جويي سنڌي نثر جو لطيف ۽ سنڌي ادب جو ترگنيف سڏيو آهي. فڪري پختگيءَ، فني همه گيريت سان گڏ ٻوليءَ جي “ڪاٽَ” جيڪا رسول بخش پليجي جي ٻوليءَ ۾ ملي ٿي، ان جو سنڌي ادب ۾ ٻيو ڪو مثال نٿو ملي. فڪري جنگ جي ميدان تي ٻوليءَ کي هن هميشه زبردست تخليقي هٿيار طور ڪم آندو آهي. هڪ مفڪر ۽ اسڪالر طور رسول بخش پليجي جهڙو وسيع مطالعو رکندڙ اسڪالر مون پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نه ڏٺو. هن جو مطالعو نه رڳو وسيع پر تمام گِهرو ۽ گهڻ طرفو به هو. مان سڄي ڄمار سنڌ ۽ ملڪ جي سمورن وڏن دانشورن، مفڪرن ۽ اديبن سان اُٿيو ويٺو آهيان پر ايڏو وسيع ۽ گهڻ طرفو مطالعو مون کي پاڪستان ۾ ٻيو ڪنهن شخص جو نه ٿو سُجهي. ادب، شاعري، جنگ، تاريخ، اسلام، مذهب ۽ انقلابن جي علم جي سنڌ ۽ ملڪ ۾ ڪا جيئري انسائيڪلوپيڊيا هو ته اُهو رسول بخش پليجو هو. هو ئي هو جنهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ سائين جي ايم سيد جي لطيف تي ابتدائي ڪم کان پوءِ لطيف شناسيءَ کي نئين فڪر تحت اؤج تي رَسايو. افسوس جو هو ان تي لکي نه سگهيو پر پوءِ به لطيف تي هن جا سوين ليڪچر ۽ تقريرون رڪارڊ تي موجود آهن ۽ لطيف تي تحقيق ڪندڙن لاءِ بنيادي ماخذ طور ڪم اينديون. جيتوڻيڪ رسول بخش پليجي جون علمي، ادبي، فني، فڪري، سياسي ۽ شخصي سڃاڻپون انيڪ آهن پر مان هن سان پاءُ صديءَ زندگي گڏ گذارڻ کانپوءِ سمجهان ٿو ته هو بنيادي طور هڪ انقلابي آهي ۽ ادب، فڪر ۽ سياست هن لاءِ انقلابيت جي اظهار جا ميدان آهن. پليجي صاحب جي “انسان سازيءَ” جي صلاحيت به غيرمعمولي آهي. جيترا پُختا، سمجهه ۽ اڻ ورچ نظرياتي ڪارڪن پليجي صاحب سنڌ ۾ پيدا ڪيا، اُن جو ملڪ ۾ ٻيو ڪو مثال ڪونهي. اڄ اُهي جنهن به شعبي ۾ ۽ جتي به آهن، اُنهن جو ڪردار فخر جوڳو آهي. مون کي خوشي ۽ فخر آهي ته منهنجي زندگيءَ جا لڳ ڀڳ 25 سال هن غيرمعمولي انسان جي صحبت ۾ گذريا ۽ جيڪا سمجهه، شعور ۽ علميت مون کي سائين جويي صاحب ۽ پليجي صاحب جي صحبت ۾ ملي، اُها شايد دنيا جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ مان نه ملي سگهي ها. هن سان گڏ هزارين سفر ۽ اڻ ڳڻيون رهاڻيون ۽ بحث مون لاءِ زندگيءَ جو وڏو سرمايو آهن. سياسي لاها چاڙها ۽ فڪري اختلاف زندگيءَ جو حصو آهن ۽ اسان جي وچ ۾ به رهيا پر 1986ع ۾ جيڪو دلي سٻنڌ هن سان جُڙيو هو اُهو سندس زندگيءَ جي آخري پل تائين ساڻس قائم رهيو. تازو آخري ڀيرو اسپتال وڃڻ کان چند ڏينهن اڳ هو دوست ساڻ ڪري هميشه جيان اوچتو مون سان ملڻ لاءِ گهر اچي سهڙيو، مان اُتي نه هئس ته وري اُتان سڌو منهنجي آفيس آيو، اُتي به مان نه هئس ته نياپو ڇڏي ويو. هو عجب ماڻهو هو، هن جو محبتن ۽ حُجتن جو پنهنجو اندازو هو. لطيف اهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي ته: ڪَڏِهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏِهِن کُلَنِ دَرَ دوسَ جا ڪَڏِهِن اچان، اچڻُ نه لَهان، ڪَڏِهِن ڪوٺِيو نِينِ ڪَڏِهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏِهِن ڳُجهاندَرُ ڳَرَهِينِ اِهِڙائِي آهِين، صاحِبَ ! مُنهِنجا سُپِرِين ٻئي ڏينهن 21 اپريل تي مان وٽس ويس. هو مون کي ڊگهي وقت کانپوءِ بيحد چُست، حاضر دماغ ۽ خوش نظر آيو. هن تازو طارق عليءَ جو لينن بابت ڪتاب پئي پڙهيو. اسان جي تمام ڊگهي علمي، ادبي، فڪري ۽ سياسي ڪچهري ٿي. مان هن جو اُتساهه ڏسي حيران پئي ٿيس. هن وٽ ماضيءَ بجاءِ رڳو آئيندي جون ڳالهيون هيون، مايوسيءَ بدران ڪجهه ڪرڻ ۽ اُتساهه جون ڳالهيون هيون. هن سموري زندگي ڪنهن به قوت ۽ ڏاڍ آڏو ذهني، فڪري، احساساتي، ادبي ۽ سياسي گوڏا نه کوڙيا هئا، سو هو هن ڀيري به تاريخ جي جبر آڏو گوڏا کوڙڻ لاءِ تيار نه هو. ماڻهن کي شايد اها خبر نه هجي ته هو زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين روزانو روس، چين، ڪيوبا ۽ ٻين ملڪن جون اخبارون ۽ فڪري تجزياتي مضمون پڙهندو هو. هن جو ڪمال اهو هو ته هن ڪڏهن به پاڻ کي مقامي سطح جو نه ماڻهو سمجهيو ۽ نه پنهنجي سوچ، فڪر ۽ عمل جي دائري کي محدود ڪيو. هو عالمي انساني سماج بابت هڪ انقلابيءَ وانگر سوچيندو هو ۽ هو سنڌ ۾ وطن دوستيءَ، پورهيت دوستيءَ ۽ عالمي سياست جي ڌارائن جو فڪري مرڪب هو. رسول بخش پليجو اندر ۾ مڪمل طور هڪ آزاد ماڻهو هو، هن ڪڏهن به ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته هن جا خيال ۽ عمل ماڻهن ۽ هن جي دور کي پسند به ايندا يا نه. جيتوڻيڪ هن جي اهڙي بي پرواهه مزاج سياسي طور نقصان به ڏنا پر هو مڪمل طور هڪ پنهنجي سوچ تحت هلڻ وارو ماڻهو هو. هن پنهنجي اندر جي ٻار کي ڪڏهن به مرڻ نه ڏنو. آخر تائين حيرت هن مان نه وئي، ٻار بي خوف هوندا آهن، هن ۾ خوف گهر ڪري اهو ممڪن ئي نه هو ۽ هميشه چوندو هو ته خوف سان مقابلو ڪري ان کي مات ڏيڻ اصل سورهيائي آهي. ٻين انيڪ ڪارنامن سان گڏوگڏ عورتن کي سياسي جدوجهد جي ميدان تي لاهڻ جي روايت سنڌ ۽ پاڪستان ۾ پليجي صاحب وڌي. سنڌ جي سياست کي محدود فڪري ۽ سياسي دائرن مان ڪڍي ملڪ گير بڻائڻ ۾ سندس وڏو هٿ رهيو. هو هميشه ملڪ جي مظلوم طبقن ۽ قومن جي وسيع تر گڏيل جدوجهدن لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. سنڌ ۽ ملڪ ۾ علم ۽ سياسي عمل جو اهڙو آرٽسٽڪ ۽ حَسين امتزاج پليجي صاحب کانسواءِ وِرلي نظر ايندو. ساڳيءَ طرح هن سنڌي ادب کي عالمي ادب سان ۽ سنڌ جي سياسي فڪر کي عالمي فڪري ترقي پسند ۽ انقلابي ڌارائن سان ڳنڍڻ لاءِ سڄي ڄمار قلم، سياست ۽ علم ذريعي بي مثال جاکوڙ ڪئي. رسول بخش پليجي جي زندگي، جدوجهد، فڪر، ادب ۽ علم جي ڪارنامن ۽ پنڌ تي نظر وجهجي ٿي ته ماڻهوءَ کي حيرت ٿئي ٿي. هڪ حياتيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن آهي؟ وڏن وڏن ماڻهن کي موت جو خوف ڊاهي وجهندو آهي. مون پليجي صاحب سان 32 سالن جي بِنهه ويجهي تعلق ۾ ٺهيو پر سندس آخري ڏينهن ۾ به ڪڏهن هن کي موت کان خوف ته پري جي ڳالهه پر موت جو ذڪر ڪندي به نه ڏٺو. هن جو پنهنجي ماديت پسند، انقلابي، سماجوادي ۽ سيڪيولر فڪر تي پختو ۽ غيرمعمولي ويساهه هو، جنهن ۾ ڪڏهن هڪ لمحي لاءِ به لرزش نه آئي. اڄ پليجي صاحب جي لاڏاڻي تي مون کي ادي زاهده شيخ بيحد ياد اچي رهي آهي، جنهن جيئن پليجي صاحب سان نڀايو، ان جو مثال افسانن ۽ ناولن ۾ ته ملي سگهي ٿو پر عملي زندگيءَ ۾ نه ٿو ملي سگهي. هو سگهارو ماڻهو هو، ڏک جو اظهار نه ڪندو هو، ان کي عيب سمجهندو هو، پر هو انسان به هو، مون کي لڳي ٿو ته ادي زاهده جي لاڏاڻي کانپوءِ هو به اُن پار هليو ويو، جتي سچل جي زباني “وجود” بس “خيال” ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. رسول بخش پليجو ايندڙ زمانن تائين سنڌ لاءِ اتساهه ۽ سُونهائپ جي علامت طور زندهه رهندو. لطيف هن لاءِ ئي چيو آهي ته: ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي نه ٻُڌي، پاسا مٿي پاهڻين کاهوڙي کوڙين، وِڄا اُتِ ووڙين جِت نهايت ناهه ڪا. (لطيف) jchandio@cpcs.org.pk
سنڌ جو عظيم ،ڏاهو ليڊر رسول بخش پليجو انقلاب جا خواب سيني ۾ کڻي هميشه لاءِ وڇڙي ويو (ابراهيم لاشاري ) دنيا ۾ روزانو هڪ ڏينهن سج اڀري ٿو ۽ وري هميشه لاءِ لهي ٿو وڃي مڱر 7 جون 2018 ع خميس ڏينهن سنڌ واسين لاءِ هڪ ڏوکيندڙ خبر اها کڻي پهتو ته مسلسل جدوجهد جو (ابو ) سنڌ ڌرتي جو تاريخ جو باب ، سنڌ ي قوم ۽ ٻولي جو عاشق ، ناليوارو عظيم سياستدان ، ڏاهو اديب ، قانون جو وڏو ماهر ، ترقي پسند تحريڪ جو مفڪر عظيم سنڌي رهنما جناب رسول بخش پليجو صاحب 88 سال 4 مهينا ۽ 18 ڏينهن زندگي جا مسلسل جدوجهد ۾ گذاريندي سنڌ ڌرتي سنڌ واسين کان هميشه لاءِ انقلاب جا خواب سيني ۾ کڻي وڃي ابدي آرامي ٿيو ،پاڪستان جو جڳ مشهور سياستدان ، اسڪالر، نقاد ، محقق ، لطيف شناس ، اديب ، دانشور ، جنگشاهي ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ (منگر خان پليجو جي معزز شخصيت جناب علي محمد پليجو جي گهر کان 20 جنوري سال 1930 ع سومر ڏينهن پهريو ساهه کڻي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو سنڌ جو هي عظيم فرزند جڏهن پڙهڻ جي وهي پهتو ته سندس ڏاڍي ( ملان مڪتب ) مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ (قرآن پاڪ ) پڙهڻ لاءِ داخل ڪرايو جتان هن ذهين ديني تعليم سان گڏ قرآن مجيد پڙهي پورو ڪيائين تنهن بعد هن صاحب کي جنگشاهي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو ٿورو عرصو اتي پڙهي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جنگشاهي کي ڇڏي اچي ٺٽو وسايائين جتان پڻ هن عظيم انسان تعليم پرائيندو رهيو ٺٽي منجهان تعليم پوري ڪرڻ بعد سال 1937ع ڌاري تعليم جي حصول لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيو پاڻ ڪراچي جي اهم درسگاهه ( سنڌ مدرست الاسلام ) ۾ داخلا وٺي مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان امتيازي نمبر منجهان پاس ڪيائين سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ دوران سندس محنتي استادن جي شفقت نصيب ٿي جن ۾ سنڌ جو عظيم ڏاهو مرحو محمد ابراهيم جويو صاحب ، ايس ، ڪي ڀائيجي ، سر ٿامس ، ۽ ٻين استادن جي محنت سان هو ترقي جون منزلون طئي ڪندي اڳتي نڪرندي سياست ، تاريخ ، دنيا جي عوامي انقلابي تحريڪن ، سياسي فڪر جي تاريخ، جنگ جي علم جي ڄاڻ ، سماجي ،سائنسي ،فلسفي ، ادب ۽ تنقيد جو وڏو ڄاڻو ٿي اڀريو پاڪستان جي هن برک ڏاهي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي عاشق جناب رسول بخش پليجو صاحب سياست جي شروعات نيشنل عوامي پارٽي ۽ سنڌهاري ڪاميٽي کان ڪئي مڱر اتي قومي مسئلن کي اهميت نه هجڻ سبب هن انهي پارٽين سان اختلاف رکندي علهدگي اختيار پڻ ڪئي سنڌ جي هن عظيم ڏاهي سنڌي قوم جي درد ۽ پيڙا کي محسوسس ڪندي هڪ نئين تنظيم (عوامي تحريڪ ) جو پايو 5 مارچ 1970ع ڌاري وڌو. پاڻ هميشه مسلسل جدو جهد جو ابو رهيو ان زماني ۾ سال 1970ع ۾ ووٽر لسٽون صرف (اردو زبان ) ۾ ڇپجي پڌريون ٿينديون هيون پاڻ انهن ووٽر لسٽن کي (سنڌي زبان ) ۾ ڇپرائڻ لاءِ هو وڏي هلچل هلائي نيٺ ان وقت جي حڪومت کي مڃرائي سنڌي ٻولي ۾ ڇپرائڻ ۾ ڪامياب ويو ان ئي زماني ۾ نيلام بند ڪيو تحريڪ هلايائين سنڌ ڌرتي جا لکين ايڪڙ نيلام زمين بند ڪرائڻ ۾ به ڪاميابي ماڻيائين انهي دور ۾ (بنگال آپريشن ) جي خلاف پڻ ڪتاب (جيڪي بنگال سان ٿيو ) لکي سندس دردن ۽ عوامي ظلم کي سڄي خلق آڏو سندس آواز بربلائي ٻڌايائين هي عظيم انقلابي ڏاهو سياست دان بي پاڪ قوم پرست هميشه سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حقن لاءِ مسلسل جهدوجهد ڪرڻ لاءِ پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن سان آواز بلند ڪندي نظر آيو اهڙي مضبوط جدوجهد جي ڪري عوامي درد رکندڙ بي باڪ عظيم ڏاهو ليڊر ڪيترائي ڀيرا (ڪاٺ ) جيل ۾ زندگي جا ڏينهن گهاريا مڱر پنهنجي عظيم بلند حوصلي سان هميشه ثابت قدم رهيو پنهنجي فڪر فلسفي سان ڪڏهن به ڏکئي گهڙي۾ سنڌ ۽ سنڌواسين کي اڪٽر سياستدانن جيان نڌڻڪو نه ڇڏيوجناب رسول بخش پليجو صاحب ضيا دور ۾ (ايم آر ڊي ) تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو سندس پارٽي عوامي تحريڪ جي سوين ماڻهن ڪوڙا ڦٽڪا کائي جيل ڀريو تحريڪ ۾ ڪاميابي ماڻي انهي تحريڪ جي ڪري هي عظيم ڏاهي ليڊر جيل به نصيب ٿيو مڱر ضيا الحق مجور ٿي هڪ عوامي نمائندو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي مقرر ڪيائين جناب رسول بخش پليجو صاحب جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد ۾ مسلسل لاڳيتو (ڇهه سال ) قيد ڪاٽيندو رهيو سندس جي اهڙي عظيم ضمير کي ڀيٽا ڏيندي ( ايمنسٽي انٽر نيشنل (ضمير جو قيدي ) جو خطاب قرار ڏنو پاڻ وقت به وقت مختلف تحريڪن ۾ شان به نشانا حصو وٺندو رهيو هو ڪڏهن ۾ پنهنجي فڪر ۽ سوچ ۽ جدوجهد ۾ ڪڏهن نه ٿڪو هميشه حقن جي جنگ لڙندو رهيو پاڻ پنهنجي زندگي ۾ (قانون جي اعلي ڊگري )پڻ حاصل ڪئي ڪجهه عرصو وڪات واري شعبي سان سلهاڙيل رهيو ۽ اڳتي هلي هو پاڪستان جي چوٽي جي ڪامياب وڪيلن ۾ شمار ٿيڻ لڳو هن عظيم ڪيترن ئي غريبن مسڪينن جا مفت ۾ ڪيس لڙي حق وٺرائي ڏيڻ ۾ پڻ ڪامياب ويو جناب رسول بخش پليجو صاحب جو شمار ناليوارن اديبن ۽ لطيف شناس ۾ پڻ ٿيندو پاڻ سنڌي ادب جي وڌاري لاءِ ۽ سنڌي عوام کي حق جي واٽ واري رستي کان روشناس ڪندي ڪيترائي ڪتاب جو لکي سنڌي ادب کي آسودو پڻ ڪري ويوسندس ڪتابن جي لسٽ ۾ (انڌا اونڌا ويڄ ، پسي ڳاڙها گل ، سندي ذات هنجن ، ڇا وفاقي سياست سنڌين لاءِ حرام آهي ، واٽون ويهه ٿيون ، ويهڻ مون نه ورڙاءَ، هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن ، صبح ٿيندو ، ڌراڙن جا ڌڪ ، مائوزي تنگ ، هوچي منهه جي آتم ڪهاڻي ، جيڪي بنگال سان ٿيو ، انقلابي قومي جدوجهد ۾ ادب ۽ فن جي اهميت ،جناب رسول بخش پليجو جو لکڻيو سنڌ جي مڙي اخبارن ،رسالن ۾ هزارين ڪالم ،تحقيقي مضمون ، مقالا ،سياسي ،سماجي آرٽيڪل پڻ زنيت بڻجندا رهيا جناب رسول بخش پليجو صاحب هن سنڌ کان سواءِ پاڪستان جي ڪيترن ئي جمهوري ۽ عوامي تحريڪن جي رهنمائي پڻ ڪئي پاڻ سڄي دنيا ۾ ڪيترين ئي ترقي پسند تحريڪن ، فورمن تي پنهنجو ڀرپور اثرائتو ڪردار ادا ڪندو رهيو ،ايشا جي هن مهان سنڌي عظيم ڏاهي ليڊر دنيا جي ڪيترئن يونيورسٽين ۾ پڻ بهترين سياسي، ادبي ليڪچر پڻ ڏنا جناب رسول بخش پليجو صاحب سڄي عمر زندگي جي آخري گهڙي تائين قومي ۽ طبقاتي اڻ برابر ، جمهوريت جي بحالي ، عورتن جي حقن لاءِ ، ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ دشمن لنڪ ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪندي ڪندي زبردست شانائتو ڪردار ادا ڪندي گذاري ايشيا جو عظيم اڳواڻ زندگي جي آخري حصي ۾ ڦڦڙن جي تڪليف سبب مسلسل بيمار رهيو سندس کي ڪراچي جي نجي اسپتال (سائوٿ سٽي ) ۾ زندگي جو سڳو سندس ٽٽي پيو بيماري سندس وڌيڪ ساهه کڻڻ نه ڇڏيو سونهاري سنڌ ڌرتي جي عظيم سپوت جي وڇوڙي واري خبر ديس جي دادلن تائين وڄ وانگر ڪڙڪي پئي سندس مرتي تي ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪاڇي کان وارهه تائين ڏک جي لهر ڊوڙي وئي هن عظيم ڏاهي ليڊر جي وڇوڙي تي سنڌ واسين جي اکين ۾ لڙڪ ئي لڙڪ سمائجي ويا ايشيا جي عوامي تحريڪ جي عظيم رهنما جناب رسول بخش پليجو جي مڙهه کي ايمبولينس وسيلي جنگشاهي پهچايو ويو سندس مڙهه کي مختلف شهر ،ڳوٺڻ جي وک وک تي مرد سان گڏ هرازين عورتن سرخ سلام ۽ زبردست خراج پيش ڪيو ويو ايشايا جي عظيم ليڊر مسلسل جدوجهد جي( ابي) رسول بخش پليجو کي سندس اباڻي ڳوٺ مونگر خان پليجو جي لحد ۾ سنڌ ماءُ هميشه پنهنجي هنج ۾ وٺي ڇڏيو سندس تدفين ۾ هزارين ڪارڪنن مختلف جماعتن جي رهنمائن پڻ شرڪت ڪئي ڏس پتو: پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري. سي او لاشاري هائوس