ڪالھ رات جڏهن مون رستي ويندي تنهنجي هڪ جهلڪ پسي تہ سچ ٻڌايائين منهنجا هوش خطا ٿي ويا، ذهن ۾ ڄڻ طوفان برپا ٿي ويو، گهر پهچندي پهچندي منهنجي سوچن تي تنهنجي حسن جي جهلڪ هاوي ٿي وئي، آءُ صفا نڍهال ٿي پيس، هڪ طرف وقت جي ستم ظرفي پي دل جلايو تہ ٻي طرف هن زماني جي فرسوده ريتن ۽ رسمن تي سوچيندي منهنجو اندر پي جليو، مون پاڻ کي ڪنهن هارايل سپاه سالار وانگر پي محسوس ڪيو جنهن جي وس سڀ ڪجھ هوندي بہ ڪجھ باقي ناهي هوندو …!!! مون محبت ڪرڻ وارن جي ڪيفتن کي هڪ ڀيرو وري محسوس ڪيو، مون محسوس ڪيو تہ جڏهن نيڻ ڪنهن نيڻن جا اسير ٿي پون تہ تڏهن هنن نيڻن مان ننڍ رُسي ويندي آهي هنن نيڻن منجھ پلجندڙ خواب طوفان جي ڪنهن لڏندڙ ٻيڙي ۾ سوار ٿي ڪري ڪڏهن ساڀيان جا سُڌ ڏيندا آهن تہ وري ڪڏهن ٻڏڻ جا چٽا امڪان ظاهر ڪندا آهن …!!! آءُ بہ ڪالھ رات اِن ٻيڙي جيان پنهنجي خيالن ۾ ڪڏهن ٻُڏا پيو تہ وري ڪڏهن ترا پيو، ڪنهن پل پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ پي آئي تہ وري ڪنهن پل هن سماج جي طرفان نافذ ٿيل ريتن ۽ رسمن تي ڪاوڙ پي آئي منهنجو قصور صرف ايترو هو جو مون تنهنجي نيڻن ۾ سمايل سنهي کي سمجهي نہ سگهيو هيس ۽ سماج تي ان ڪري ڪاوڙ پي آهي جو انهن پنهنجي ڪم عقلي عيوض تنهنجي قسمت جو فيصلو جلد ۾ صادر ڪري ڇڏيو هو، آءُ ٻنهي صورتن ۾ تو کان ڪوه ڏور ڌڪاريل هيس، ان لاءَ جيترو آءُ قصور وار آهيان اُترو ئي تنهنجا پنهنجا بہ قصور وار آهن …!!!