شفيق الرحمان شاڪر راجا جي قلعي جهڙي بنگلي مان ٻاهر نڪرندي ئي منهنجي نظر هن تي پيئي.سندس صوفن جهڙن ڳاڙهن ڳلن تي گرم موسم جي سختين جا نشان اڪريل هئا ۽ سندس نيرن نيڻن ۾ جذبن جون لال لڪيرون تري رهيون هيون.سندس هٿ ۾ صوف جو اڌ هو جنهن تي سندس نوڪيلن ڏندن جا نشان صاف نظر آيا ٿي.هو ڪنهن مهل صوف جي ان اڌڙ کي پنهنجي پراڻي قميص سان رڳڙي رهيو هو ته ڪنهن مهل انهيء کي واپس وات ۾ وجھي رهيو هو.شايد صوف جو اهو ٽڪرو هن کي انهيء ئي قلعي جهڙي محل ٻاهران گند جي ڍير مان هٿ آيو هجي جنهن کي هو صاف سٿرو ڪري کائڻ جي لائق بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي.اهو هڪڙو ٻار هو.ڪنهن ماء ۽ پيء جو لخت جگر،عوام جو نمائندو ٻار ۽ منهنجي ديس جو ايندڙ صبح! آئون سوچڻ لڳس ان ٻار جي اڳين نسلن مان ڪنهن ان قلعي نما محل کي جوڙڻ ۾ پنهنجي جان جو پگھر پسينو وهايو هوندو۽ ان جي بدلي کيس ٻن پهرن جو مانيء ڀور نصيب ٿيو هوندو.ڪيترا پٿر ڍويا هوندائين ۽ ڪيتريون ڳريون لوهي ٿوڻيون کنيون هوندائين.ان ڪيترا ڀيرا پنهنجن هٿن ۾ پيل لڦن ۽ پيرن ۾ پيل زخمن کي ڏٺو هوندو.پر خوش هوندو ته پنهنجي راجا لاء محل بنائڻ ۾ هو پنهنجو حصو به ملائي رهيو آهي.سندس سکيا ئي ان نموني ڪئي ويئي هوندي ته راجا جي خدمت چاڪري ئي سندس زندگيء جو مقصد آهي.اڄ کيس اجازت وٺي ان محل ۾ وڃڻو پوي ٿو.اندر گھڙي هو سوچيندو هوندو ته هتي راجا ويهندو هوندو،هتي راجا جا شهزادا راند رهندا هوندا.پر شايد هن هڪ دفعو به اهو نه سوچيو هجي ته هتي سندس پيء پٿر ڍوئي ڍوئي ٿڪجي ويهي رهيو هوندو ۽ هن وڏي وڻ جي هيٺان ڪجهه دير لاء خطا ٿي ڪري پيو هوندو.اڄ به اهو ٻار پنهنجن راجائن جي آڌرڀاء لاء ڪلاڪن جا ڪلاڪ اس ۽ گرميء ۾ بيٺل رهي ٿو،انهن لاء جانين جا نذرانا پيش ڪري ٿو،انهن لاء پنڊال سجائي ٿو،انهن لاء بينر کڻي ٿو،انهن جي شان ۾ قصيدا ڳائي ٿو ۽ انهن جي هڪڙي مرڪ کي پنهنجي زندگيءجو حاصل سمجھي ٿو.اهو سندن حفاظت ڪري ٿو،انهن جا ٿانو ڌوئي ٿو.انهن لاء ئي پنهنجي ٻين ڀائرن تي هٿ کڻي ٿو.هو پنهنجن راجائن لاء پنهنجي ووٽن سان محل تعمير ڪري ٿو ۽ کين ديوتائن وانگر ان محل ۾ ويهاري ٿو.انهن کي پنهنجي قسمت سان کيڏڻ جو اختيار ڏئي ٿو،انهن جي گذرڻ جي رستن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي انتظار ڪري ٿو.ڪارن شيشن ۾ لڪيل راجا سوين گاڏين جي قافلي ۾ نه رڪجندڙ طوفان جيان سندس اکين اڳيان گذري غائب ٿي وڃي ٿو.پر اهو پاڳل ۽ مستانو پوء به نٿو سمجھي بلڪه پنهنجن دوستن کي ناز سان ٻڌائي ٿو ته اڄ هن پنهجي راجا جو ديدار ڪيو.هو پنهنجي راجا جي هر خطاب، هر تقرير ۽ هر انٽرويوء ۾ پنهنجن سپنن جي تعبير تلاش ڪري ٿوپر هو سدائين سندس سپنن جي ساڀيا کان سڃو رهي ٿو،سدائين هٿين خالي! پوء هو اهو فرض ۽ ذمو پنهنجي ايندڙ نسلن کي سونپي ڇڏي ٿو.خبر ناهي ته عوام جي ان فرزند جي خودي ڪڏهن جاڳندي.ڪڏهن هو پنهنجي عزت نفس جي بحاليء لاء ٻاهر نڪرندو ۽ ڪڏهن هو پنهنجي راجا کي پاڻ جهڙو انسان سمجھڻ لڳندو؟ ڇا هن جو راجا هن جهڙو نٿو ٿي سگھي يا هو پنهنجي راجا جهڙو ٿي نٿو سگھي؟ خبر ناهي ايئن ٿيندو به يا نه؟صدين کان غلام هي ٻار پٿر ئي ڍوئيندو رهندو،آخر ڪيترن نسلن تائين؟ اسان جو ديس جيئن ته گھڻو عرصو ٻين جي غلاميء ۾ رهيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوء به اڇن انگريزن جي غلاميء مان نڪري ڪارن جي غلاميء ۾ اچي ويو جنهنجو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته اڄ به عوام جي اڪثريت پنهنجي مرضيء سان ووٽ ڏيڻ لاء اڃا آزاد ناهي.اهي ووٽ ڏين ضرور ٿا پر ان علائقي جي وڏيري،ڀوتار،نواب يا چوڌريء جي چوڻ تي.ڇوته شروع کان اهو طيء ٿيل آهي ته ووٽ عوام جو نه پر وڏيري جو آهي.انهيء طرز عمل کي به غلامي نه چئبو ته ٻيو ڇا چئبو؟ڇو ته غلامي پنهنجي آقا جي هر حڪم کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ جو نالو آهي.اها غلاميء واري ذهنيت هيٺان کان مٿي تائين هلي ٿي.پاڪستان جي چئن صوبن مان ٽي ننڍا صوبا ته سدائين مرڪز جا غلام رهندا ٿا اچن پر خود پنجاب جيڪو وڏو صوبو آهي اتي به ڪجهه خاص علائقا آهن جن جي وڏيرن ۽ چوڌرين کي ٻين پوئتي پيل علائقن جي ڀيٽ ۾ برتري ۽ طاقت حاصل آهي.برتري ان لحاظ کان ته اتان جا سياستدان سدائين مضبوط ۽ اهم عهدن تي قابض رهندا ٿا اچن جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۽ پوٺوهار وارا علائقا سدائين نظرانداز ٿيندا پيا اچن ۽ اتان جي ماڻهن سان ٻئي درجي جي شهريء وارو سلوڪ روا رکيو ويو آهي.ايستائين جو انهن علائقن مان کٽي ايندر ايم اين اي يا ايم پي اي کي ڪنهن اهم وزارت جي ويجھو ئي اچڻ نٿو ڏنو وڃي.اها به غلاميء واري ذهنيت آهي جو پنهنجن علائقن مان کٽي ايندڙ عوامي نمائندا پنهنجي پارٽي قيادت سامهون زبان کولي نٿا سگھن ۽ نه ئي پنهن جي عوام جي مسئلن تي ٻڙڪ ٻاهر ٿا ڪڍي سگھن.جڏهن ته مرڪزي پنجاب جنهن ۾ لاهور، فيصل آباد،گجرانوالا،سيالڪوٽ،شيخوپوره ۽ قصور وغيره شامل آهن اتان جا سياستدان سمورن سڻڀن کاتن ۽ اهم اختيارن تي قبضو ڪيو ويهن.اهڙيء طرح سنڌ،ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جوبه ساڳيو حال آهي جتي حڪومتي ۽ رياستي وسيلن جو ڀرپور فائدو صرف چند وڏيرن،خانن ۽ سرمائيدارن جا مخصوص خاندان کڻندا رهيا آهن جڏهن ته اتان جو عوام اڄ به انهن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو غلام آهي. اسان جا حڪمران جڏهن ڪنهن ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا يا ڪنهن غيرملڪي اڳواڻ سان ملاقات ڪن ٿا ته اهائي غلاميء واري موروثي ذهنيت اتي به ڪم ڪندي نظر اچي ٿي.اهي پنهنجي ملڪ جي غريب عوام لاء جيترو دلير هوندا آهن اوتروئي پنهنجن غير ملڪي آقائن جا هر وقت پير وٺندا رهندا آهن.بلڪل ڪنهن ڪمزور.لاچار،غلام ۽ مقروض جيان! هونئن ڏٺو وڃي ته ٻين کان قرض گھرندڙ ۽ بار بار پنندڙ غلام ئي تصور نه ٿيندا ته ٻيوڇا ٿيندا؟جڏهن ڪو ڪنهن کان قرض يا خيرات وٺي ٿو ته اهو ان سان اکيون اکين ۾ وجھي ڪيئن ٿو ڳالهائي سگھي؟بلڪل ان نموني سان اسان جو ملڪ به دنيا جي ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن جو مقروض آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جيئن ئي خوشحاليء طرف سفر ڪرڻ جي شروعات ڪيون ٿا ته آئي ايم ايف،ورلڊ بينڪ، آمريڪا ۽ چائنا جهڙا قرض ڏيندڙ ملڪ ۽ ادارا سندن مرضيء جون معاشي پاليسيون جوڙڻ لاء اسان تي دٻاء وجھڻ شروع ڪيو ڏين ايستائين جو مختلف شعبن ۾ غريب عوام کي حڪومت طرفان ملندڙ سبسڊي به ختم ڪرايو ڇڏين ۽ نوان نوان ٽيڪس متعارف ڪرايا وڃن ٿا جن جي ڪري پيڙهيل عوام جي مهانگائيء سبب چيلهه چٻي ٿيو پوي.نتيجو اهو ٿو نڪري جو امير ڏينهون ڏينهن امير ۽ غريب ڏينهون ڏينهن وڌيڪ غريب ٿيندو ٿو وڃي. ان غلاميء واري ذهنيت جو هڪ ٻيو مثال اسان جو سياسي نظام آهي جيڪو ٻاهرين طاقتن جي تابع رهندو ٿو اچي.جڏهن به ڪنهن ٻاهرين قوت کي ڪنهن کي ڪرسيء تي ويهارڻو هجي يا لاهڻو هجي ته انهن لاء ڪا ڏکيائي ناهي.بلڪه پاڪستان ۾ ماضيء ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ حڪومتن،اين آر او ۽ سياسي ٺاهن،پرڏيهي پاليسين ۽ ٻين فيصلن ۾ اسان جي انهن نام نهاد “دوست” يا “برادر” ملڪن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو هاڻي هڪ کليل راز آهي.شريف خاندان ۽ مشرف وچ ۾ به اهي ڪاهي پيا ۽ مشرف واري اين آر او ۾ جن ڪرامتون ڏيکاريون اهي به سڀني کي ساريل آهن. ايستائين جو اهي وچ ۾ ضمانتي بنجڻ ۾ به عار محسوس نٿا ڪن ۽ نه ئي اسان جي حڪمرانن کي ڪو شرم ٿئي ٿو. هر وقت ملڪ جي سلامتي جو گردان پڙهڻ وارن ڪڏهن سنجيدگيء سان ان معاملي تي به سوچيو آهي ته ملڪ جي داخلي معاملن ۽ سياسي مسئلن ۾ آخر اها ٻاهرين مداخلت هميشه لاء بند ڪرڻ لئي ڪو جرئت وارو فيصلو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ اسان جي ان حڪمران اشرافيا جي ذهنيت ڏسو جو پنهنجي ملڪ جي قائدن ۽ قانونن ٽوڙڻ ۾ وڏو فّخر محسوس ڪندا آهن ۽ پنهن جن ئي جوڙيل قانونن مان هر وقت عيب ثواب ڪڍندا ۽ انهن جو مذاق اڏائيندي نظر ايندا آهن پر اهي جڏهن ڪنهن ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا ته انهن جي ٽڪ مان ور نڪريو وڃي.اتي به ڪري ڏسن ڪا قانون سان مذاق ته کين خبر پئجي وڃي ته گھڻين ويهين سو آهي!اتي قطار ۾ به لڳندا ته ڪوٽ ۽ پتلونون به چڪاس ڪرائيندا.بس پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿيندي ئي هنن کي قانون ٽوڙڻ وارو جن پئجيو وڃي! پر هاڻي عوام لاء فيصلي جو وقت پهچي ويو آهي ته ايندڙ صدين تائين به اها ئي غلاميء واري زندگي گذارڻي آهي يا پنهنجو پاڻ کي اهڙن ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهن جي قيد مان آزاد ڪرائڻو آهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن نموني انهن کان ووٽ وٺي انهن جي ئي خلاف سٽون سٽيندا رهن ٿا.انهيء مافيا مان جان آزاد ڪرائڻ توڙي جو آسان ناهي پر ناممڪن به ڪونهي.