شفيق الرحمان شاڪر چوندا آهن ته عيد ته ٻارن جي هوندي آهي ۽ واقعي ٻار ئي ان ڏينهن تي سڀني کان گھڻو مصروف نظر ايندا آهن.ڪڏهن ڏاڏا کي سلام ڪري عيدي وصول ڪيائون،ڪڏهن نانا سان پيار ڪري سندس کيسو خالي ڪيائون،ڪڏهن ماما ته ڪڏهن چاچا،ڪهن ماسي ته ڪڏهن پڦي مطلب ته وچين طبقي جا ٻار عيد تي چڱي خاصي رقم ڪمائي وٺندا آهن؟ٻار آخر انهن پئسن جو ڪندا ڇا آهن؟ کاڌو پيتو ته بابا جي پئسن مان ٿيندو آهي،ڏٺو ويو آهي ته ٻار انهن پئسن مان عام طور تي ٻيو ڪجهه نه ڪندا آهن سواء رانديڪا خريد ڪرڻ يا وري گھڻيون مٺيون يا نمڪين شيون خريد ڪري کائڻ جي. ڪجهه ماء پيء پنهنجن ٻارن کان اها گڏ ٿيل رقم وٺي انهيء ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه حصو ملائي کين ڪا ڪم جي شيء وٺي ڏيندا آهن.پر ڏسڻو اهو آهي ته اصل ۾ عيد هوندي ڇا آهي؟ عيد ته رمضان ۾ ﷲ جي حضور مسلمانن طرفان شڪر ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي عبادتن جو معاوضو گھرڻ جو ڏينهن آهي.۔جڏهن ﷲ تعاليٰ پنهنجن بندن کي فرمائي ٿو ته وڃو،اڄ مون اوهان کي بخش ڪري ڇڏيو ته بندا ان خوشيء ۾ عيد ملهائيندا آهن.پر انهيء خوشيء ۾ اسان اهو سڄو سبق ئي ڀلجي وڃون جيڪو رمضان ۾ سڪل نڙيء ۽ خالي پيٽ جي حالت ۾ اسان سکيو هوته پوء عيد عيد نٿي رهي.رمضان ۾ ثواب ڪيترائي درجا وڌي ملي ٿو ان ڪري ماڻهو رمضان ۾ روڊن رستن تي ماڻهن کي زوريء روزو کولرائڻ جا جتن ڪندي نظر ايندا آهن پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته رمضان کان پوء ﷲ تعاليٰ ساڳيو ثواب ڏيڻ تي قادر ڪونهي.سچائيء سان ڪيل نيڪيء جي اجر کي رب پاڪ پنهنجي پاران ست سو دفعا وڌائي ڇڏي ٿو.ان ڪري رمضان دوران جنهن جذبي سان ّخيرات ۽ صدقو ڪيو وڃي ٿو عيد جي ڏينهن ۽ عيد کان پوء به اهو حسب حال جاري ڇو نه رکيو وڃي؟هونئن ته غريبن،لاچارن ۽ محتاجن جي سار سنڀال جي ذميدار ته وقت جي حڪومت آهي جيئن حضرت عمر رضه جو مشهور قول آهي ته “ جيڪر فرات جي ڪناري ڪو ڪتو به بکيو مري ويو ته ان جي ذميداري اميرالمومنين عمر رضه تي عائد ٿيندي.” اهي غريب ٻار جيڪي ڪنهن سبب عيد جي خوشين ۾ شامل ٿي نٿا سگھن انهن جي ذميداري حڪومت ۽ رياست تي اچي ٿي پر بدقسمتيء سان اسان وٽ رياست يا حڪومتون اهو ڪم نٿيون ڪن ته پوء سرنديء وارن ماڻهن ۽ معاشري جي سمورن طبقن جي مٿان به اها ذميداري اچي ٿي ته اهي غريبن کي عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرائڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن.سڀ کان پهريون فرض مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين جو آهي جو اهي ڏسن ته انهن جي آس پاس رهندڙ ماڻهن جو حال ڪهڙو آهي؟اهو ئي اسلام جي معاشي نظام جو بنياد آهي ته دولت سماج جي مختلف طبقن ۾ گردش ڪندي رهي ۽ اها سڪڙجي صرف چند هٿن ۾ جمع نه ٿي وڃي. ويجھن مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين جا اسلام جيڪي حق ٻڌايا آهن انهن مان ايئن لڳي ٿو ڄڻ ته انهن کي اسان سان وسيلن ۾ ڀائيوار بنايو ويو هجي.ان ڪري جيڪر ڪٿي به ڪو غريب رڳو ان ڪري عيد ڪرڻ کان رهجي وڃي جو هن جا کيسا خالي هجن ته اها ڪنهن به سڌريل سماج تي منهن تي زوردار چماٽ آهي.اهو ڪم مسجدن ذريعي سهڻي ۽ بهتر نموني ۾ ٿي سگھي ٿو.ڏٺو ويو آهي ته بي شمار سرنديء وارا مسجدن جي تعمير ۽ زيب زينت تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪندا رهندا آهن، مثال؛ اعليٰ قسم جا قالين،ايئر ڪنڊيشنرز لڳائڻ،وڏا وڏا گنبذ ۽ مينار جوڙائڻ وغيره. اعتراض انهيء تي ناهي ته اهي شيون ڇو ٿيون ڪيون وڃن پر سوال اهو به آهي ته انهيء ئي مسجد جي آسپاس جيڪر عيد تي به ڪنهن غريب جا معصوم ٻار بکن وگھي سسڪي رهيا هجن ته پوء اسان انهيء لاء پنهنجي ر کي ڪهڙو جواب ڏينداسين؟مسجدن جي درن تي پنندڙن سان اسان غصي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ته ڪندا آهيون پر ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته صحابا ڪرام جي دور ۾ آخر اهي پنڻ وارا موجود ڇو نه هئا ان ڪري جو انهن معاشي انصاف جو هڪ اهڙو نظام قائم ڪري ڏيکاريو هو جو ماڻهو زڪوات کڻي گھمندا هئا پر ڪو زڪوات وٺڻ وارو نه ملندو هو.ان ڪري اسان جي سماج جي ان سماج سان ڀيٽ ڪرڻ ۽ سوال ڪندڙ کي دڙڪا ڏيڻ يا ايذائڻ ڪنهن به طرح درست ناهي.مسجدن ۾ باقائدي ان قسم جو ڪو فنڊ قائم ڪري سگھجي ٿو جنهن مان اهڙن مسڪينن جي مدد ڪري سگھجي ٿي.ٻيو اهم نڪتو اهو ته صدقو يا خيرات ڏيڻ وقت ڪنهن تي پنهنجو ٿورو جتائڻ يا ان جي تحقير يا تذليل ڪرڻ،انهن کي قطارن ۾ بيهاري سندن عزت نفس سان کيڏڻ اڄ ڪلهه عام بڻجي ويو آهي.ايستائين جو ڪنهن کي اٽي جا ڏهه ڪلو ّيرات ۾ ڏيڻ وقت به نه رڳو سيلفيون ٺهن ٿيون پر انهن کي سوشل ميڊيا تي آڻي کين خوار ۽ رسوا ڪيو وڃي ٿو.قرآن ڪريم اهڙي صدقي ڏيڻ کان ئي منع ڪئي آهي جنهن جي پويان ڪو ايذاء يا اذيت هجي يا ڪنهن تي ٿورو جتايو ويو هجي.اهي ماڻهو جيڪي صدقي ۽ خيرات جي نالي تي اهڙيون نامناسب حرڪتون ڪن ٿا اهي خدا پاڪ آڏو ڏيڻ لاء پنهنجو جواب سوچي وٺن.بهترين صدقو اهو آهي جيڪو هڪ هٿ سان ڏجي ته ٻئي هث کي به خبر نه پوي ڇو ته جنهن ذات جي راضپي لاء هو اهو ڪم ڪري ٿو اها ذات ته چـڱيء طرح هر راز کان واقف آهي.خيرات ۽ صدقي ڏيڻ ۾ ڏيک ويک ۽ ريا جو ته مطلب ئي اهو ٿيو ته صدقو ڏيندڙ پنهنجي نيڪي جو اجر رب پاڪ کان نه پر دنيا جي ماڻهن کان طلب ڪري رهيو آهي ته پوء اهو اخلاص ڪيئن رهيو؟ ڪڏهن اسان سوچيو آهي ته عيد واري ڏينهن تي به ڪيترائي معصوم ۽ بي سهارا ٻار روڊن رستن تي گندگيء جي ڍيرن مان پنهنجو رزق تلاش ڪندي نظر ايندا آهن،انهن کي شايد خبر ئي نه هجي ته عيد ڇا ٿيندي آهي؟اهي ئي گندا،مٽيء مان ڀڀوت،ڦاٽل ۽ چتيون لڳل ڪپڙا،پير اگھاڙا ۽ پيٽ بکايل.اسان مان هرڪو پنهنجن ٻارن جي خوشين جو ڪيڏو نه خيال رکندو آهي ۽ سندن هر جائز توڙي ناجائز خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر اهي ٻار ڪنهن جا آهن جن کي تقدير جي سختين ۽ حڪومتن جي بي حسين عيد ڪرڻ جي لائق به ناهي ڇڏيو جو اهي گھٽ ۾ گھٽ سال ۾ هڪڙو دفعو ئي سهي پر ڪنهن ته خوشيء سان پنهنجو جھول ڀري سگھن ۽ چند ساعتن لاء ئي سهي پر سندن منهن تي مرڪ موٽي اچي.اهي جيڪر مايوسين ۽ محرومين جون ٺوڪرون کائي ڏوهه جي دنيا ۾ گم ٿي وڃن ٿا ته انهن کي ڏوهاري بنائڻ ۾ رياست،حڪومتون ۽ مجموعي طور تي سچو سماج به پوريء طرح ڀاڱي ڀائيوار آهي.ست ست حج ۽ ڏهه عمرا ڪندڙن تي ڪنهن کي اعتراض ڪونهي پر اعتراض اهو آهي ته هن مصيبت ماريل نسل جي آخر ڪير سار لهندو،ڪير انهن جي پتڪڙن وجودن ۾ گھرن گھائن تي مرهم رکندو ۽ ڪير هنن کي اهو احساس ڏياريندو ته اوهين به اسان جي وجود جو هڪ اڻ ٽٽ حصو آهيو.جيڪر وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفين اوهان کي نهوڙي وڏو آهي ته ڇا ٿيو؟ اسين آهيون نه اوهان سان پيار ۽ محبت جو ناتو نڀائڻ وارا!