hello friends salam man sadia khan ahiyan asan pan jadihin ba chat kanda ahyoon ta sindssalamt jo zikar zaroor hondo ahe afsoos man khe sindhi lakhin na aiene ahe par parhe we nde ahyan he site sindhe je best site ahe inshallah man sindhi lakhin be sakhi wandas
جواب: Sadia kkhan here صاديه خان مان اوهان کي سنڌ سلامت فورم انتظاميه طرفان خوش آمديد ٿو چوان مون کي اميد آهي ته توهان جلد کان جلد سنڌي سکي ويندو اسان کي اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: Sadia kkhan here ڀيڻ صاديه خان کي ڀليڪار ۔۔۔ ڀيڻ اوهان ذڪر ڪيو آهي ته جڏهن به چاٽ ڪندا آهيو ته سنڌ سلامت جو ذڪر ضرور نڪرندو آهي ۔۔۔ پر ڀيڻ اوهان اهو نه ٻڌايو ته اهو ذڪر ڪٿي نڪرندو آهي؟ گهر ۾ يا ڪنهن فورم تي ۔۔؟ ڀيڻ صاديه اوهان همٿ ڪريو، پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ايم بي سنڌي ڊائونلوڊ ڪريو ۽ ڪي بورڊ جو پرنٽ آئوٽ ڪڍي سامهون رکو ۽ پنهنجين آڱرين کي سنڌي لکڻ تي هيرايو، ان سان اوهانجو قومي فرض به پورو ٿيندو ۽ اسانکي اوهانجي لکيل سنڌي به پڙهڻ لئه ملندي ۔۔۔ اوهانجا لک ٿورا جو اوهانکي سنڌ دوستن جي هي اوطاق سهڻي لڳي ۽ اوهان تعريف ڪئي، اميد ته اوهان هن اڱڻ تي ڀيرو ڪندا رهندا ۽ اسان ڀائرن جي چڱائين تي شاباش ۽ اوڻائين تي تنبيهه ڪندا رهندا ۔۔۔ اسانجي هن اڱڻ جو نعرو آهي ته ڪجهه سکو ۽ ڪجهه سيکاريو ۔۔۔ اچو ته هڪٻئي سان هٿ هٿ ۾ ملائي سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت ۾ سرخرو ٿي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪريون ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: Sadia kkhan here ڀيڻ صاديه صاحبه توهان جا لکين ٿورا جو سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي هلي آيا، سنڌ سلامت جي سموري سٿ توهان کي دل جي گهرائين سان ڀلي ڪار چوي ٿي، ۽ سنڌ سلامت جي سموري سٿ انهي ڳالهه جي پڻ آرزو مند آهي ته توهان پنهنجون بهترين صلاحيتون، سنڌ سلامت جي شانائتي ۽ مانائتي اڱڻ تان رڳو سنڌ ڌرتي، سنڌي ماڻهن جي دُک دردن کي دور ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏينديون۔ باقي توهان جيجل سنڌ جي اولاد آهيو، سنڌي ٻولي بلڪل هن ئي فورم تان فٽا فٽ لکڻ سکي ويندا۔ مونکي يقين ڇا سئو فيصد پڪ آهي ته ضرور سکي ويندا
جواب: Sadia kkhan here tohan sabhne dostan je mahrbane man he ware Behar registration karai ahe asal main man khan sindhi main nalo likhan na payo ache an kare lag In na pai the saghiyas mahrbane
جواب: Sadia kkhan here اڇا ته معني توهان کان نالو لکڻ ئي نه پيو اچي ته توهان ان نالي کي پهريائين لکيو ڪيئن هو :d:d:d ٻيو ته ڪوشش ڪريو سنڌي لکڻ جي ، مهرباني اسان کي اوهان جي لکڻين جو انتظار آهي پر سنڌي ۾
جواب: Sadia kkhan here ڀيڻ اوهان کي هن فورم تي ڀليڪار چوان ٿو۔ اميد ته اوهان سنڌي جلد جلد لکڻ سکي ويندا۔
جواب: Sadia kkhan here ڀليڪار ادي ادي مونکي خبر ناهي ته ڪي بورڊ تي مان انگريزي لکي سگندس الائي نه پر سنڌي جي ٽائيپنگ مان ٻه دفعا مختلف سافٽوئر جي ڪري بدلائي آهي ان پيج ۾ سنڌي جي ٽائپنگ هن کان مختلف هوئي پر پوءِ به مان وري هڪ دفعو هن فورم ته به سنڌي لکڻ آساني سان سکي ويو آهيان توهان ٿوري پريڪٽس ڪيو ڪجهه اکرن کي بار بار لکو توهان سنڌي لکڻ سکي ويندا