• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو ناليوارو شاعر احمد خان مدهوش

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
سنڌ جو ناليوارو شاعر احمد خان مدهوش

ناميارو شاعر احمد خان ولد حاجي خان, حاجي فقير شغلي ذات سومرو، 15 اپريل 1931ع تي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڳوٺ سلطان چانڊيي ۾ ڄائو، 1932ع ۾ سندس خاندان ’جوهي‘ شهر ۾ اچي آباد ٿيو. 1949ع ۾ سنڌي فائنل، 1957ع ۾ انٽر ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪري گهڻو عرصو جوهيءَ ۾ استاد ٿي رهيو. سيد نجف علي شاھ سندس هم عصر شاعر هو. هن شاعريءَ جي سکيا فيض بخشاپوريءَ کان ورتي. . احمد خان اڳتي هلي شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”مدهوش“ رکيو، پاڻ سنڌ جو ڪهنه مشق سڄاڻ ۽ ناميارو شاعر هو. پاڻ استاد جهڙي مقدس پيشي سان لاڳاپيل هو. شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين، سندس ڪلام اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. سندس شاعري مختلف راڳين جي آواز ۾ ريڊيو تان پڻ نشر ٿيندي رهندي آهي.
سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا ’دل جون ڳالهيون‘ سنڌي ادبي بورڊ پاران 1993ع ۾، اکين جا سنيها سنڌي ادبي بورڊ پاران 2011ع ۾ ۽ ”نظر ۾ نظربند“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 2003ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. استاد شاعرن ۾ ڳڻيو ويندڙ . غزل ۽ نظم جو وڏو شاعر هو . سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو،
احمد خان مدهوش ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ 26 جون 2010ع تي زندگي جا سڀ حسين رنگ ڇڏي مالڪي حقيقي سان وڃي مليو.
 
Back
Top