• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پروف جي غلطي (عبيد ٿهيم)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪهاڻي : پروف جي غلطي
_ عبيد ٿهيم_
شاعر خدن ”خاموش“ جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ اسٽيج تي ويٺل سنڌ جي اُن برڙباڪاس ليکڪ کي ٽي وي چئنل وارن اسٽيج تان هيٺ اچي پنهنجا ويوز ڏيڻ لاءِ چيو. پنڊال کان ٻاهر صحافي ڪئمرا جي مائڪ سندس ٿُلهن چپن آڏو رکندي پڇيو ”سائين! هِن ڪتاب بابت توهان جي ڪهڙي راءِ آ؟“
همراھ وائڙو ٿي ويو، ڪتاب جو نالو ياد نه پيو اچي، صحافيءَ جي ڀر ۾ بيٺل هڪ همراھ آهستي ڀُڻڪيو : ”ڪُلياتِ خاموش“... ٿلهن چپن واري ليکڪ ڪتاب بابت پنهنجا ويوز ڏئي اسٽيج تي آيو..
ميزبان کيس مائڪ تي گھرايو، اچڻ شرط اسٽيج پويان لڳل بينر ڏانهن نهاريندي ۽ ڪتاب جو نالو ڏِسندي چيئين :
خدن خاموش جو هِي ڪتاب ”ڪلياتِ خُدن“، شاعريءَ جي فَن جو شاهڪار ڪتاب آهي.. خدن خاموش سنڌ جي اُنهن آرٽسٽن مان آهي، جنهن جو اڄ ٽيون شاهڪار اسانجي هٿ ۾ آهي، مون ڪتاب پڙهيو ته مونکي هِن ۾ تصوف ۽ محبت جا شعر مِليا..
خدن خاموش وائڙو ٿي سوچڻ لڳو ته، مون ته مزاحمتي شاعري ڪئي آ هِن منهنجي ڪتاب مان ڪٿان تصوف ۽ محبت ڳولهي ڪڍي؟ ڪٿي پروف جي غلطي ته ڪونهي ڪا؟
 
Back
Top