سنڌ جو ڀلوڙ راڳي الله ڏنو خاصخيلي. الهه ڏنو خاصخيلي 25 جنوري 1966ع ۾ سنڌ جي هڪ سٺي راڳي ۽ موسيقار علي محمد خاصخيلي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس تعلق ميرپور بٺوري سان آهي، جنهن کي ڪنهن وقت سنڌ جو ويٽنام سڏيو ويندو هو. جيئن ته الهه ڏني هڪ اهڙي گهر ۾ اک کولي جنهن ۾ اڳ ئي راڳ ۽ ساز موجود هو، تنهن ڪري هي به ننڍپڻ کان ئي انهن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. الهه ڏني خاصخيليءَ 10 سالن جي عمر کان ئي موسيقيءَ ۾ دلچسپي ورتي، الهه ڏني خاصخيلي کي شاعري، غلام حسين رنگريز سليڪشن ڪري ڏيندو هو، جنهن کانپوءِ هُو ڌنون ٺاهي انهن کي آواز جي روپ ڏئي عوام آڏو پيش ڪندو هو . الهه ڏني خاصخيلي جو والد جيڪو موسيقيءَ ۾ سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن جو شاگرد هو، جنهن جو اثر الهه ڏني ۽ سندس خاندان جي ٻين ڳائڻن تي به موجود آهي. الهه ڏني جو پيءُ ٽريننگ ڪاليج بٺوري ۾ موسيقيءَ جو استاد هو، تنهن ڪري هِن کي به ميٽرڪ پاس ڪرڻ سان ئي ماستريءَ جي نوڪري ملي وئي،جنهن جي ڪري الهه ڏني کي 22 سالن جي عمر ۾ ئي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ جو موقعو مليو. ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ هو، جنهن کيس موقعو ڏنو الھ خاصخيلي جا ڪافي ڪلام مقبول ٿيا جنهن ۾سرويچ سجاوليءَ جو ”جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ شيخ اياز جو ”ڪينجهر تنهنجي ڪنڌيءَ تي ڪو ته تماچي اچڻو آ“ غلام حسين رنگريز جو ”هِن دل ۾ سڄڻ ارمان لکين آهن“ ۽ آڪاش انصاري جو ”پرين تون پڇين ٿو ته مان هليو ڇو ويس“ تمام مقبوليت ماڻي. الهه ڏني خاصخيلي پنهنجي زندگيءَ جا 30 سال موسيقيءَ کي ارپيا آهن. 24جون 2016ع تي ڪلاسيڪل راڳي الله ڏنو خاصخيلي روڊ حادثي ۾راھ رباني ورتي ۽ سنڌي موسيقيءَ کان هميشه لاءِ جدائي ڪري ڪيو.