ڪارو ڪاري جي رسم ۽ حقيقتون

'سنڌياڻي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪارو ڪاري جي رسم ۽ حقيقتون​


    سامائي تان سک ويا​

    [​IMG]

    ڪارو ڪاري اسان جي معاشري ۾ تمام گندي رسم ۽ رواج ( ڏوهه ۽ خراب عمل ) آهي، جنهن (ڪريل حرڪت) جي ڪري ويچاريون ڪيتريون ئي بي گناه عورتون پنهنجي قيمتي زندگي وڃائي ويٺيون آهن، ( اهو به انتهائي بيدردي سان جنهن جو ثبوت مٿي ڏنل تصوير ۾ ڏسو ) هڪ ته ان ڪريل جاهلانه حرڪت جي ڪري ڪيتريون بي گناه عورتون ۽ مرد قتل ٿين ٿا نمبر ٻه ان ڪريل حرڪت جي ڪري اسان جي پوري قوم کي ڏوهي ڪرار ڏنو وڃي ٿو، ۽ اسان مٿان آڱريون کنيون پيون وڃن ۽ برو ڀلو پڻ چيو وڃي ٿو جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، ڪارو ڪاري آهي ڇا ؟ اچو ته ان بابت ڪجهه معلومات حاصل ڪريون
    ڪجه وقت پهرين
    ( ڪارو ڪاريءَ جو تعارف ) جي عنوان سان محترم سائين ابو زين صاحب هڪ تفصيلي (ترجمو ٿيل ) مضمون پيش ڪيو هو جنهن مان ڪجهه ٽڪرو هت پيش ڪجي ٿو، باقي پورو مضمون پڙهڻ لاء مٿي ڏنل عنوان تي ڪلڪ ڪري توهان پڙهي سگهو ٿا۔
    ڪارو ڪاريءَ جو تعارف​


    ڪارو ڪاري يا غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو دستور تمام پراڻو ۽ قديم آهي. ڪارو ڪاريءَ جو نالو بدڪاري يا زناڪاري ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ هي نالو مختلف علائقن ۾ ڳالهائڻ وارين مختلف ٻولين مطابق رکيو ويو آهي. مثلا بلوچستان ۾ انهيءَ کي ”سياه ڪاري“ چيو ويندو آهي، جنهن جي معني آهي: بدڪار، ڏوهاري، گنهگار، مجرم. سنڌ ۾ انهيءَ کي ”ڪارو ڪاري“ چيو ويندو آهي، پنجاب ۾ ”ڪالا ڪالي“ ۽ سرحد ۾ ”طور طوره“ جي نالي سان مشهور آهي. ڪاري رنگ جي حامل هيءَ اصطلاح زناڪاري ۽ انهيءَ بري فعل کي انجام ڏيندڙ ماڻهن سان واسطو رکندڙ سماجي ذلالت جو مظهر آهي. (رابعه علي، غيرت کا تاريک پهلو، مترجم افتخار محمود، شرڪت گاهه لاهور، ص 15، 20001ع.)

    پاڪستان ۾ جڏهن ڪو ڪنهن مرد ۽ عورت کي مارڻ کان پوءِ اها دعوي ڪندو آهي ته مون هي قتل انهيءَ ڪري ڪيو آهي جو قتل ٿيڻ وارا مرد ۽ عورت جنسي بدفعلي جهڙي ڪڌي فعل جا مرتڪب ٿيا آهن، ته پوءِ انهيءَ قتل کي عام قتل ناهي سمجهيو ويندو، بلڪ ”غيرت جي نالي تي قتل“ چيو ويندو آهي. جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Honour Killing) چئبو آهي. ملزمه زاني عورت ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ جرم ۾ سندس شريڪ ملزم مرد کي قتل ڪرڻ جو مقصد، خواريءَ کان بچڻ ۽ عزت بچائڻ کان سواءِ مرد پنهنجا پراڻا جهڳڙا ختم ڪرڻ، زمين ۽ جائيداد جو حصول، قرض ادا ڪرڻ جي ذميداريءَ کان آجو ٿيڻ، ٻيءَ شادي ڪرڻ، ڪنهن ناپسنديده عورت مان جان ڇڏائڻ يا اهڙي قسم جي ٻين کوڙ سارن مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن مرد ۽ عورت تي ڪارو ڪاريءَ جو ليبل لڳائي، انهن کي قتل ڪيو ويندو آهي. هلندڙ سال ۾ ڪارو ڪاري، سياه ڪاري يا غيرت جي نالي تي قتل جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ اخبار ۾ انهن جي تمام گهڻي تشهير ڪئي ويئي آهي. تاهم وڌيڪ رپورٽنگ نه ته انهيءَ جي ترجماني ڪري سگهندي آهي ۽ نه ئي انهيءَ جا سبب ٻڌايا ويندا آهن.
    جيڪڏهن انهيءَ رسم جو کاڄ بڻيل مرد ۽ عورت جو تعلق شهر جي ڪنهن اعلي طبقي سان هوندو آهي ته انهيءَ جي تشهير سان گڏوگڏ مرچ مصالحه لڳائي فحش طريقي سان پيش ڪيو ويندو آهي. پر جيڪڏهن انهيءَ واقعي جو تعلق ڪنهن گمنام ڳوٺ يا علائقي سان هوندو آهي ته انهيءَ جرم جي باري ۾ صرف ٻن انچن جي رپورٽ شايع ٿيندي آهي. ٻنهي صورتن بيان ڪرڻ جو طريقو حقيقت کان ايترو ته پري هوندو آهي جو ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهڙن واقعن جو اسان جي زندگيءَ سان ڪو تعلق آهي ئي ڪونه. (رابعه علي، غيرت کا تاريک پهلو، مترجم افتخار محمود، شرڪت گاهه لاهور، ص 5، 20001ع.)
    بهرحال مٿي ذڪر ڪيل اصطلاح ڪنهن مرد يا عورت تي انهيءَ وقت لاڳو ڪئي ويندي آهي، جڏهن اهي زناڪاريءَ جي ڪڌي فعل ۾ پڪڙيا ويا هجن يا انهن تي زناڪاريءَ جو شڪ هجي. بعد ۾ جڏهن انهيءَ اصطلاح تحت کين سزا طور قتل ڪيو وڃي ته انهيءَ کي محض قتل نه، بلڪه ”غيرت جي نالي تي قتل“ جو نالو ڏنو ويندو آهي.


    ڪارو ڪاري - بدنام سنڌ ئي ڇو آهي؟​

    عاجز جمالي
    سنڌ جي اڌ قبائلي ۽ اڌ جاگيرداري سماجي ڍانچي ۾ جهڙي ريت ٻين قسمن جي ڏوهن جي مار ڌاڙ آهي، تيئن ئي "غيرت" جي نالي تي عورتن يا مردن جو قتل پڻ هڪ سماجي برائي، ڪـُـڌيءَ ڏوهه يا سماج جي بي حس روش جو منظر آهي. ان جا کوڙ تاريخي رُخ آهن. مان بنيادي طور هڪ صحافي آهيان، صحافي جو ڪم هـِـن قسم جي واقعن کي رپورٽ ڪرڻ آهي، تقرير ڪرڻ ناهي، پر بهرحال عورت فائونڊيشن جي دوست اِن ڳالهه کي ذهن ۾ رکي مونکي دعوت ڏني جو مان 1990ع کان وٺي پنهنجي ننڍي شهر جوهي کان هڪ اخباري نمائندي جي حيثيت کان وٺي هن اڄوڪي جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور تائين اهڙن ڪـُـڌن واقعن تي لکندو پيو اچان، جنهن کي اوهان رسم سڏيو پيا- "ڪارو ڪاري" بلڪل اها ڪا رسم ناهي ۽ نه ئي سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ ۾ ڪڏهن ان کي رسم سمجهيو ويو، هي صرف گناهه ڪرڻ جو هڪ انداز آهي ٻيو ڪجهه ناهي. اندرئين سنڌ مان "ڪارو ڪاري" جي الزام هيٺ آيل واقعن جي رپورٽ ڪرڻ به ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي، اڄ کان ويهه سال اڳ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو پر اڄ به اندرئين سنڌ جو صحافي زندگيءَ داءُ تي لڳائڻ محسوس ڪري ٿو. جڏهن هـُـو انهن بااثر ماڻهن کي وائکو ڪري ٿو جيڪو سڌي يا اڻ سڌي ريت هنن واقعن ۾ ملوث هوندو آهي، اڄ اسان هيڏي کـُـليل انداز ۾ ڪارو ڪاري تي ڳالهائي رهيا آهيون، اُن ۾ سنڌي پريس جو تاريخي ڪردار آهي، سنڌ ۾ عورت جو احترام، ظلم خلاف عورت جي مزاحمت ۽ عورتن خلاف جبر جا واقعا سوين سال پراڻي تاريخ ۾ به موجود آهن پر سنڌي سماج ڪڏهن به مجموعي طور عورت جي تقدس جي خلاف نه رهيو آهي.

    اڄ کان ساڍا ٽي سؤ سال اڳ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ عورت جو مقام الاهي مٿي آهي. ڀٽائي جون ست سورميون (ست بهادر ڪردار) عورتون آهن. مارئي، سسئي، سهڻي، نوري، ليلا، سورٺ، مومل هي سڀ ڀٽائي جا ڪردار آهن. ڀٽائي جڏهن سهڻيءَ لاءِ اهو ٿو چوي ته "ڀاڱا ٿيندي سهڻي" ته سماج ۾ عورتن خلاف جبر جو ذڪر ملي ٿو پر ان ئي ساعت هـُـو چوي ٿو ته "درياهه جي دهشت کان نه ڊڄندي سهڻي هـُـن پار (منزل) تائين پهچندي. ان سماج ۾ جڏهن اسان اڄ اهو چئون ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاري کانسواءِ ڪجهه ناهي ته ڏاڍو ظلم ٿيندو. ڏٺو وڃي ته پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ به غيرت جي نالي تي قتل جا واقعا روز ٿيندا آهن پر اُهي واقعا اهڙي ريت رپورٽ نه ٿيندا آهن جهڙي ريت سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعا رپورٽ ٿين ٿا. ان جو هڪ ڪارڻ سنڌي پريس جو ڪردار، ٻيو سنڌي سماج ۾ سياسي ساڃاهه وند ڌريون، ٽيون سنڌي سماج جو مجموعي طور ظلم خلاف مزاحمتي انداز ۽ صوفين کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۾ عورت لاءِ احترام جا عنصر گڏجي سڄي معاشري کي همٿائين ٿا ته هـِـن ظلم کي فوڪس ڪيو وڃي، ان ڪري اسين توهين سڀ اِن تي ڳالهائي رهيا آهيون، لکي به رهيا آهيون، اسانجو اهو ڏوهه آهي ته اسان هن سماجي برائي کي لڪائڻ بدران آواز پيا اٿاريون، سنڌ اندر سول سوسائٽي يا اين جي اوز به ان ڪري ئي آواز اٿارين پيون پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ٻين هنڌن تي اين جي اوز ماٺ آهن.

    اسان وٽ اصل ڳالهه قانون جي ڪمزوري آهي. پوليس، وڏيري بااثر ماڻهن جي ملي ڀڳت، جنهن سبب قتل ڪندڙ کي رعايت ملي وڃي ٿي، کيس خبر آهي ته غيرت جي نالي تي ماءُ، ڀيڻ، زال کي قتل ڪرڻ عيوض ڦاهي ڪانه ملندي، راڄ وارا، وڏيرا، چڱا مڙس وچ ۾ پوندا، جرڳو ٿيندو، چٽي ڀري ڏبي. هڪ عورت جي قتل عيوض ٻه ٻه ٽي ٽي نياڻيون به ڏنيون وڃن ٿيون. اڃا ڪجهه ڏينهن اڳي ان قسم جو واقعو رپورٽ ٿيو آهي. وڏيري فيصلو ڪيو، پوليس ان کي تسليم ڪيو، اهڙي روش سبب ڏوهه ڪندڙ کي سزا جو خوف ڪونهي.

    اسان وٽ وڏڙا چون ٿا ته ڀلا انگريز دور ۾ ڪارو ڪاري تحت عورتون قتل ڇو نه ٿينديون هيون؟ سوال ۾ وزن آهي پر اُن جو جواب اهو آهي ته برٽش راڄ ۾ قانون تي سختيءَ سان عمل ٿيندو هـُـو، ماڻهن کي انگريز جي قانون کان خوف هو جنهن سبب سمورا ڏوهه گهٽ ٿيندا هئا، ڇو ته سزا سخت ملندي هئي ۽ قانو جي عملداري هئي، اڄ اها صورتحال ناهي، اسٽيج تي حڪومتي ڌر جا پارليامينٽرينز ۽ وزير ويٺل آهن پر ٻڌايو جرڳو ڪندڙ ڪنهن به ماڻهوءَ کي اڄ تائين ڪا سزا ملي آهي؟ سرڪار ۽ قانون جي عملداريءَ هيٺ جرڳا ٿين ٿا، وزير، ڊي سي اوز، ڊي اوز سڀ انهن ۾ شريڪ ٿين ٿا. گذريل حڪومت جي دور ۾ سي ايم هائوس ۾ جرڳو ٿيو هئو. اُن کان وڌيڪ شرم جي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. تصور ڪريو ته ڪيئن قانون جي عملداري قائم ٿي سگهي ٿي. بلڪل به ٿي نه ٿي سگهي. مان سمجهان ٿو ته جرڳا اڄ به ٿي رهيا آهن، سڀاڻي به ٿيندا ۽ ٿيندا رهندا. مان چئلينج ٿو ڪريان ته ڪير اها دعويٰ ڪري ته جرڳا ڪونه پيا ٿين ۽ آئنده ڪونه ٿيندا. عارضي طور تي اخباري بيانن جي حد تائين ته ٺيڪ آهي پر هن سماجيّ سرشتي ۽ انصاف جي عدم دستيابي واري ماحول ۾ ڪابه حڪومت جرڳن کي روڪي نه ٿي سگهي.

    سياسي پارٽين اندر اها سگهه ناهي جو پارليامينٽ ذريعي سگهارا فيصلا ڪرائين، حميرا علواڻي اسٽيج تي ويٺي آهي، کائنس پڇوس ته هن قسم جي واقعن بابت کين سندس پارٽيءَ اندر ڪيتري مزاحمت آهي. ڀرسان هير سوهو ويٺي آهي، متحده قومي موومينٽ سان سندس تعلق آهي، جيڪا مڊل ڪلاس جي سياست جي دعويدار پارٽي آهي پر هينئر تائين حڪومتن ۾ رهندي ڪارو ڪاري خلاف ڀرپور آواز ڇو نه اٿاري سگهي آهي؟ صرف فيوڊلز کي گهٽ وڌ چوڻ سان ته مسئلو حل ڪونه ٿيندو. عملي طور قانون موجود هوندي به ان قانون تي عمل ڪرائڻ سڀ کان اهم سوال آهي. اسان وٽ ڪجهه ان قسم جو تاثر آهي ته ڪارو ڪاري يا قرآن سان شادي وغيره سنڌ جون رسمون آهن. هن قسم جي سنڌ ۾ ڪابه رسم ناهي. بلوچستان کان آيل هڪ رسم آهي، "سام" هن رسم تحت هڪ قبيلو ڪنهن ٻئي قبيلي جي عورت يا مرد کي تحفظ ڏيندو آهي ان کي "سام" چئبو آهي. "سام" کي مارڻ جو حق سندس قبيلي کي نه هوندو آهي. ڇو ته ان ريت "سام" جنهن بااثر ماڻهو وٽ هوندي/هوندو، ان جو ٻئي قبيلي جي بااثر ماڻهو سان جهڳڙو ٿي سگهي ٿو، انڪري"سام" کي هڪ سماجي تحفظ ڏنو ويو آهي. اسان وٽ ڪارو ڪاري جي ڪيسن ۾ به اڪثر ائين ٿئي ٿو جو مرد ڀڄي وڃي ٿو، لڪي ٿو يا "سام" بڻجي ٿو، عورت مارجي ٿي وڃي پر "ڪارو" ۽ "ڪاري" مرد ۽ عورت ٻنهي جي علامت آهي ان ڪري هـِـن قسم جي واقعن ۾ اڪثر مرد ۽ عورت ٻئي قتل ٿين ٿا پر شڪ، ملڪيت يا ٻين مامرن کي بنياد بڻائي ڪارو ڪاري جي نالي تي عورتون قتل ٿين ٿيون.

    تازو ئي "جوهي" ۾ ٻه هفتا اڳ "نصيبان باريچو" جو ڪيس ٿيو، ان ۾ ائين ئي ٿيو جو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ٻئي پوليس کي هٿ اچي ويا پر قانون جي گرفت نه هـُـجڻ سبب پوليس ٻنهي کي مقامي ناظم حوالي ڪيو، ناظم کين مائٽن حوالي ڪيو يا مائٽن کي مدد ڪئي جو نصيبان مارجي وئي. هن واقعي ۾ سڌو سڌو پوليس ڏوهاري آهي. سنڌ ۾ هڪ اڌ پوليس عملدارن تي سڌي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي، جنهن کانپوءِ انهن ماڻهن کي جيڪي هن سماجي ڏوهه کي تحفظ ڏين ٿا ۽ سڄي سنڌ کي بدنام ڪن ٿا. سنڌ ۾ غيرتمندي جو مطلب عورت جو احترام آهي، ائين ئي بلوچستان ۾ به آهي پر عملي صورتحال اها آهي ته وڏيرا، مير، پير، سردار، خان، چوڌري، سڀ جو سڀ هـِـن سماجي سرشتي ۾ هڪ ٻئي جا اتحادي آهن. پوليس،قانون ۽ رياست تي سندن ڪنٽرول آهي، انڪري هو هڪ ٻئي جو تحفظ ضرور ڪن ٿا پر ان لاءِ رڳو سنڌ کي جاگيرداريءَ جو طعنو ڏيڻ ڪافي ناهي. ٺيڪ آهي معاشري تي مرد حاوي آهي پر اِن جو اهو بلڪل مطلب ناهي ته هر گهر ۾ عورتون ماريون وڃن ٿيون، کوڙ مثال شهري سماج جا ڏيئي سگهجن ٿا. اوهانکي مزيدار ڳالهه ٻڌايان ته ڪراچي جي "شهري پريس" به هـِـن شهر ۾ غيرت جي نالي تي قتل جي واقعن کي ان ريت رپورٽ نه ٿي ڪري جهڙي ريت ٻهراڙين جي واقعن کي رپورٽ ڪيو وڃي ٿو. بلڪل ائين ئي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ مرد ۽ عورت جي گڏ قتل ٿيڻ جا واقعا ٿيندا آهن ۽ اُهي ڪنهن حد تائين رپورٽ به ٿيندا آهن پر اسان وٽ پنجاب ۾ تمام گهڻا واقعا ٿين ٿا، اجتماعي لڄالٽ جا واقعا اُتي معمول بڻيل آهن، انهن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعا ميڊيا ۾ رپورٽ ٿين ٿا، جنهن لاءِ مان وري به اهو ئي چوان ٿو ته انساني حقن خلاف ٿيندڙ ڀڃڪڙين تي سنڌي پريس 1990ع جي ڏهاڪي ۾ وزنائتو آواز بلند ڪيو، جنهن ۾ اهم واقعا عورتن خلاف تشدد جا واقعا هئا.

    اڄ هي ٽن مهينن جي رپورٽ اسانجي سامهون آهي، پر اسان ڪجهه سال اڳ تائين هر مهيني جا واقعا پاڻ ڳڻي اخبارن ۾ خبر هلائيندا هئاسين ته سنڌ اندر فلاڻي مهيني ۾ هيتريون عورتون قتل ڪيون ويون. هي تمام سٺي ڳالهه آهي ته اسانجي خبر ٺاهڻ جو اهو "ٽرينڊ" اڄ منظم ٿي چـُـڪو آهي، هر ٽئين مهيني، ڇهين مهيني ۽ سال ۾ اسانکي هن قسم جون گڏيل رپورٽون مـِـلن ٿيون پر هي اڃا به اُهي واقعا آهن جيڪي اخبارن ۾ رپورٽ ٿيل آهن. منهنجو خيال آهي ته هي اصل واقعن جو 70 سيڪڙو کن هوندا، ٽيهه سيڪڙو کان وڌيڪ واقع رپورٽ ئي ڪونه ٿا ٿين، يا هيئن ٿا رپورٽ ٿين: "گهر ۾ بندوق اوچتو ڇٽڻ سان گولي لڳڻ سبب ويهه سالن جي ناري مارجي وئي". مون جوهي مان ويهه ٻاويهه سال اڳ به هڪ اهڙو ئي واقعو رپورٽ ڪيو هو پر اصل ۾ "ناري کي گولي اوچتي ڪانه لڳي هئي پر گولي هنئي وئي هئي". سو هـِـن سڄي صورتحال کي اسين مجموعي سماجي ڍانچي ۽ سنڌي معاشري جي اصلي پسمنظر ۾ ڏسون ته منظر چٽو نظر ايندو.

    (عورت فائونڊيشن پاران "سنڌ ۾ عورتن خلاف تشدد" جي واقعن تي ٻڌل ٽه ماهي رپورٽ جي مهورت ۽ سيمينار ۾ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ اپريل کان جون تائين 301 عورتن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، قتل ٿي ويل 132 عورتن مان 55 عورتن کي ڪارو ڪاري يا غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو. سيمينار ۾ هڪ صحافي طور هي پيپر پڙهيو ويو.)


    ڪارو ڪاري ۾ مئلن جو انگ اکر هڪ رپورٽ​

    http://www.youtube.com/watch?v=gYlNhSfqENY

    ڪارو ڪاري جو هڪ 30 سالن جو داستان​

    http://www.youtube.com/watch?v=1G1VhQcBdG0

    سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جا واقعه هڪ وڊيو رپورٽ ​


    http://www.youtube.com/watch?v=gStoMk4ZWQo
    ڪارو ڪاري بل اسيمبليء اندر هڪ بحث​

    http://www.youtube.com/watch?v=84khT0bS-Ew
    http://www.youtube.com/watch?v=4tJ6tuU_YS0&feature=related
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪارو ڪاري جي رسم ۽ حقيقتون

    ادا مان ته هن ناري جي تصوير ئي نه ٿو ڏسي سگهان الائي ڇا ٿو ٿئي۔
    يا الله پنهنجي پناھ ۾ رکي
     
  3. وقار

    وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪارو ڪاري جي رسم ۽ حقيقتون

    توبهه منهنجا خدا بس اسان سنڌين جي پارت اٿو۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪارو ڪاري جي رسم ۽ حقيقتون

    ڪجهه مهينا اڳ به سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي بحث ٿيو هو، ۽ دوستن حصو ورتو هو ۔۔۔ پڙهي ڏسو؛

     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪارو ڪاري جي رسم ۽ حقيقتون

    ادا ابڙا صاحب توهان جي ڏنل لنڪ ( وارو بحث مباحثو ڪجهه سوال ۽ انهن جا جواب ) ۽ ابو ذين صاحب جو لکيل مضمون (ڪارو ڪايء جو تعارف) ( جنهن جي مون لنڪ پڻ هت ونڊ ڪئي آهي ) مان پڙهي چڪو آهين، ۽ مون کي انهن ليکن ئي ( هن عنوان ) تي وڊيو پيش ڪرڻ لاء مجبور ڪيو ، ۽ مون ان عنوان بابت وڊيو ونڊ ڪيا آهن (جيڪي منهنجي خيال ۾ اڳ ۾ سنڌ سلامت تي ونڊ ٿيل نه آهن )
    ]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو