برڪت علي خان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڪلاسيڪل راڳ جو شهنشاهه راڳي، استاد برڪت علي
    فقير محمد سنڌي
    استاد برڪت علي خان جنهن جو هتي پاڻ ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا اهو استاد بڙي غلام علي جو ننڍو ڀاءُ ۽ علي بخش خان جو نهايت سريلو پٽ هو. سندس گلي ۾ رس ۽ سر ٻئي بيتاب رهندا هئا. برڪت علي خان 1905ع ڌاري علي بخش خان جي گهر قصور ۾ ڄائو. استاد بڙي غلام علي خان سندس وڏو ڀاءُ هو. هن موسيقيءَ جي شروعاتي تعليم پنهنجي پيءُ کان ورتي، ان جي لاڏاڻي کانپوءِ استاد بڙي غلام علي خان هن جي تربيت ڪئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ برڪت علي خان گهڻو توجهه هلڪي ڦلڪي موسيقي ڏانهن ڏنو جنهن ۾ غزل، گيت، ٺمري ۽ دادرو اچي وڃن ٿا. کيس پورپ ۽ پنجاب انگ ۾ ٺمري ڳائڻ جو خاص استاد مڃيو ويو . برڪت علي خان جا غزل گائيڪي ۾ ٻه شاگرد تمام اهم آهن، غلام علي ۽ فريده خانم اهم آهن ، برڪت علي خان غزل ڳائڻ جا نوان اسلوب متعارف ڪرايا، جنهن ڪري کيس ”غزل جي شهنشاهه“ جو خطاب مليس . سندس گائيڪي جو تمام ڀلو عرصو 1960ع تائين رهيو. پاڻ ريڊيو پاڪستان تي هڪ انٽرويو ڏنو هئائين. جنهن ۾ هن چيو ته: اسان جا وڏا اصل ۾ ڪشمير جي پهاڙي علائقن جا رهواسي هئا، انهن جي گائيڪي ۾ پهاڙي علائقي جو عنصر گهڻو هو. مون پهاڙي راڳ پنهنجي وڏن کان سکيو، سندس ڪي اهم غزل هي آهن.
    دونون جهان تيري محبت ۾ هارڪي، فيض احمد فيض، باغون مين پڙي جهولي-تم ڀول کڻي هم ڪو، ماهيا، اب ڪي سانون ڪو بلم گهر آجا، اس بزم مين، آهه ڪو چاهيئي اڪ عمر اثر هوني تڪ، مرزا غالب، هستي اپني حجاب ڪي سي هي، ميرتقي عم، اشاري ڪرتا هي، لگي نهين چوٽي، ناوڪ ناز سي مشڪل هي بچانادل ڪا، امير مينائي، محبت جب سڪون زندگي، جگر مراد آباد، پريم ڪي نگري جيا مين سنگن رهي هي ۽ ڪبهي هم ڀي ٿي تم سي آشنا، مومن.
    جڏهن برڪت علي پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي ڳائيندو هو ته ڇا منظر هوندو. اهو رڳو سوچي سگهجي ٿو. جڏهن اسان سندس ڳايل غزل ٻڌڻ کانپوءِ ته سمجهي سگهون ٿا ته سادگي ۽ سلاست جي باوجود انداز گهڻو مشڪل آ. ايترو ته مشڪل آهي جو ڪي ڪي جايون وڏا وڏا گائيڪ گلي مان ڪڍي ڪو نه سگهندا.
    استاد برڪت علي خان هر لفظ کي مرڪن ۽ مرڪين سان ادا ڪرڻ جو عادي هو. هو لفظ ۾ جان وجهي ڇڏيندو هو ڄڻ لفظن جو مسيحا هجي، هن جي انداز کي پوءِ مهدي حسن پنهنجو ڪيو. ان جي ڳائڻ ۾ به هڪ قسم جو ٽڪاءُ آهي، سر جو رچاءُ آهي، ڳمڀيرتا آهي پر برڪت علي خان جي مرڪ ڏيڻ محال آهي.
    استاد برڪت علي جي زماني ۾ ڪا وڏي آرڪسٽرا موجود ڪو نه هئي، هڪ طبلو، هڪ سارنگي ۽ هارمونيم، انهي تمام مختصر آرڪسٽرا تي ڳائي هن برصغير جي ڪن رسين ۽ استادن گائڪن کان داد وصول ڪيو.
    برڪت علي خان جيڪو ڳايو ان ۾ دل جو خون شامل ڪري ڳايو، هي پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگر ٽيپ جي سرن تي آساني سان هليو ويندو. سندس سيني ۾ غضب جو سوز سمايل هو، جڏهن ”آ“ڪندو هو ته دنيا جو سمورو حسن سندس گلي ۾ لهي ايندو هو. پاڻ 55 سالن جي عمر ۾ 19 جون 1963ع ۾ وفات ڪيائين، اهڙي نموني غزل ڳائڻ جو انداز پوءِ غلام علي ۽ مهدي حسن پنهنجو ڪيو پر پوءِ به برڪت علي خان جي سوز ۽ درد کي ٻئي ڇهي نه سگهيا. اڄ جيڪو برصغير ۾ غزل جي گائيڪي ۾ سوين گائڪ ملن ٿا انهن تي هرحال ۾ برڪت عليءَ جي ڇاپ آهي ۽ رهندي.​
     
    آخري ترميم: ‏28 جون 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو