• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعر، نقاد، ناول نگار ۽لطيف شناس سرمد چانڊيو

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
شاعر، نقاد، محقق ۽ ناول نگار سرمد چانڊيو:

فقير محمد سنڌي
گيت جي سرموڙ شاعر سرمد چانڊيو جو اصل نالو سونو خان
پيءُ جو نالو: جمعو خان
ادبي سڃاڻپ : شاعر، نقاد، محقق، ناول نگار
جنم جي تاريخ: 20 جون 1950ع
جنم جو هنڌ: ڳوٺ جمال خان چانڊيو
تعلقو قمبر
اباڻو ڳوٺ: حاجي فقير محمد چانڊيو تعلقو قبعو سعيد خان
ابتدائي تعليم: ڳوٺ نيڪ محمد مغيري تعلقو قبعو سعيد خان.
پرائمري تعليم: تعلقو ميرو خان ڳوٺ ميرڻ ماڇي.
ادبي خدمتون:
(1) سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ قمبر1985ع کان 1988ع
(2) ضلعي رابطا سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت ضلعو لاڙڪاڻو 1992ع
(3) ايڊيٽر: هفتيوار اخبار ”چانڊڪا“ لاڙڪاڻو.
(4) ”سنڌي ڪلاڪار ساريندڙ سٿ سنڌ “ 1995ع
(ادبي ۽ سماجي تنظيم جو بنياد وجھندڙ)
(5) ميمبر: ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر
ڄاڻندڙ ٻوليون: . سنڌي،عربي، فارسي، سرائڪي، بلوچي ۽ اردو.
ڇپيل ڪتاب:
1- ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت 1995ع
2- مون کي سڏ اروڙ جا 1999ع
3- سانوڻ پهرين بوند 2006ع
4- جمهوريت جو چنڊ 2007ع
5- جمهوريت جي شهزادي 2008ع
6- جمهوريت ڪِي نوِيد (اردوءَ) 2009ع
7- ڪلام عثمان ققير سانگي 2013ع
8. حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي ڇند وديا 2016 ع
9. شاه لطيف ۽ راڳ ويراڳ 2017ع
10. ديوان سرمد. 2018ع

اڻ ڇپيل ڪتاب.
1 - شاه لطيف ( ناول)
2 - حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي – ڇند وديا ( علم ڇند وديا )
3 - سنڌي لاسيڪل راڳ ويراڳ ( شاه لطيف جي راڳ جي سنگيت)
4 - شاه لطيف سائين جن جا سورٺا بيت ۽ فن.
5 - شاه سائين جي وائين جا ڇند ۽ پد.
6 - ڪلاسيڪل نيم ڪلاسيڪل ۽ جديد وائي.
7 - شِخ اياز ۽ ڇند وديا.
8 - سچل سائين جون رندي رمزون.
9 - سنڌي سئو ڪافيون سئو راڳ.
10 - لوڪ گيت ( شاعري)
11 - گيت ( شاعري)
12 - سنڌڙي تنهجا گيت ( شاعري)
13 - محفل جو غزل ( شاعري)
14 - مختلف شاعري جي ڪتابن جا مهاڳ.
15 - ڪلا سنڌ تنهنجي ( مضمون)
16 - خدو جي راڻي (ناوليٽ) ترجمو
17 - اوڻيه صدي ۽ عروضي شاعري.
18 - فوٽو سنز سسٽم- (ڪهاڻيون)
19 - شاه لطيف جي ٽيه اکري- ( شاه لطيف جي ٽيه اکري به ڇند تي آڌاريل آهي)
20 - رسالي شاه لطيف جي علم ڇند وديا مطابق ماتراڪ فهرست-
(لطيفيات)
مليل ايوارڊ:
1 - سچل ايوارڊ 2000ع
2 - پيرل قمبر ايوارڊ
3 - شهيد زخمي چانڊيو مڃتا ايوارڊ 2013ع
4 - ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 2014ع​
 
Back
Top