منفرد ڪهاڻيڪار ۽براڊ ڪاسٽر بادل جمالي: فقير محمد سنڌي بادل جمالي، محمد علي جمالي جي گھر ڳوٺ شهزاد جمالي، ضلعي مٽياريءَ ۾، 29 جون 1947ع تي جنم ورتو. هن جو اصل نالو محمد سليمان آهي ، بادل جمالي، ٽيليويزن ڪارپوريشن'پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي اسٽيشن جو سينيئر پروڊيوسر رهي چڪو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تخليقي ۽ منفرد ڪهاڻيڪار طور سڃاتو وڃي ٿو. پنهنجي ڳوٺ جو پهريون مئٽرڪ پاس، گرئجوئيٽ ۽ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪيل شخص آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين . نوڪري دوران ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنا جنهن ۾ فرمان الاهي، بصيرت کان ويندي هر پروگرام ڪيو، ڊرامو، لانگ پلي، سيريل سولي پلي، ٻارڙن جو پروگرام ادبي پروگرام ۽ اسٽيج پروگرام پڻ ڪيا. ريڊيو پاڪستان تي صداڪاري، ريڊيو انائونسر ۽ ڪمپيئر طور به ڪم ڪيو،ُ پي. ٽي وي ڪراچي اسٽيشن تي 1974ع ڌاري اسڪرپٽ سيڪشن ۾ ڀرتي ٿيو، ان دوران هن پنهنجي وڌيڪ تعليم خانگي طرح جاري رکي. 1985ع ۾ پي. ٽي. ويءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ پنهنجيءَ محنت ۽ صلاحيت سان 1989ع ۾ پروڊيوسر ٿيو بعد ۾ سينيئر پروڊيوسر ٿيو. پي ٽي ويءَ جا سمورا پروگرام، موسيقي، اسٽيج شو، ڊراما، ٻارن جا پروگرام، لانگ پلي، پورٽريٽ ۽ ادبي پروگرام ڪري چڪو آهي. پي. ٽي وي ٽئين چئنل تي ”ادبيات“ جو سنڌي پروگرام به سندس هٿ ۾ هو. بادل جمالي 1975ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ سان ادبي دُنيا ۾ پير پاتو. هن وقت تائين سندس ڪهاڻين جا مجموعا (1) ’پاڙي ناهه پروڙ‘ 1980ع ۽ ’سنگرام‘ 1987ع۾ ڇپيل آهن. سندس ڪهاڻين جي مجموعي ’پاڙي ناهه پروڙ‘ تي کيس سگا گولڊ ميڊل به مليو هو. هن چار ڪتاب: (1) ’چار ڪهاڻيڪار، چار نقاد‘ (2) ’چونڊ سنڌي ڪهاڻيون، 1975ع کان 1980ع تائين ۽ منصور پبليڪيشن جا ”ٻه ڪهاڻي نمبر“ (ڪتاب) مرتب ڪيا آهن، 2007ع تي بادل جمالي پنهنجي زندگيءَ جون ايتريون بهارون پوريون ڪيون آهن جو سرڪاري پيشي کي رٽائرڊ ڪيو آهي.