شاعر، ڪمپيئر ۽ڊراما آرٽسٽ شاهين سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    شاعر، ڪمپيئر ۽ ڊراما آرٽسٽ شاهين سنڌي:

    فقير محمد سنڌي
    در محمد ڪٽپر عرف شاهين سنڌي جنم 12 جولاءِ 1965ع محلي ڳڙهي ياسين غلام محمد ڪٽپر جي گھر ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم خضدار بلوچستان مان حاصل ڪئي تنهن کان پوءِ مئٽرڪ ڳڙهي ياسين مان، ۽ انٽر شاه لطيف، ڪامرس ڪاليج پرنسپال سائين عبدالمجيد سنڌي جي نگراني هيٺ تعليم حاصل ڪئي.
    ڊرامن جو آغاز مڊل اسڪول کان ڪيائين ، ان وقت وارو ادا ڪيل ڪردار ڏاڍو پاپولر ٿيس ۽ تقرير ڪرڻ وارو شوق کيس ڪمپئرنگ ڏانهن وٺي ويو ۽ ڪمپئرنگ وري شاهين سنڌي کان ڪتاب کولرايا ۽ پڙهايا. ڇو جو ڳالھائڻ لاءِ لفظن جو ۽ شاعريءَ جو سٺو ذخيرو هجڻ گھرجي جيڪو مطالعي سان گڏ ٿئي ٿو. جيستائين ننڍپڻ جو دور ته ڪنهن کان وسرندو ڇا، ڇو جو اهو ئي اهڙو وقت هوندو آهي جڏهن اسان پنھنجي والدين سان گڏ هوندا آهيون ۽ ان مان گھڻو ڪجھ سکندا آهيون. ۽ بيچيني ۾ ڪجھ دوستن کي ياد رکي سگھجي ٿو پر هو وسارڻ جھڙا هوندائي ناهن.
    انسان ڪڏهن ڪڏهن دوستن جي صحبت قبول ڪندو آهي شاهين سنڌي جي اڪثر دوستن جو تعلق ادب سان هو پوءِ انھن جو اثر قبوليو ۽ مطالعي جو شوق پيدا ٿيس ، ۽ اهو شوق اڳتي هلي لکڻ جو سبب بڻيو اڄ شاهين سنڌي ، ڪالم، ڪھاڻي، ڊرامو ۽ شاعري جي ڪجھ صفن تي لکيو آهي. يادگار ناٽڪ، ڊرامه ۽ ريڊيو بابت گهڻو ڪجھ لکيو اٿس.
    1996ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي انائونسر جو آڊيشن پاس ڪيائين ، ڪجھ عرصي کان پوءِ هن وقت تائين ڪافي سنڌي، اردو ريڊيو ڊرامه ڪيا آهن، پر عمر مارئي ريڊيو ڊرامي عمر جو ڪردار ڏاڍو ڏکيوهو، ۽ ٻيو بادشاهه جو ڪردار اهي سڀ ڊرامه سيد عابد عباس جي ڊائريڪشن ۾ ٿيا ، ڏاڍو پسند ڪيا ويا. ٽي وي تي ايوب گاد ڊرامي انتظار گاهه جي ذريعي متعارف ڪرايس ۽ استاد ممتاز ابڙي جا به ڪيترائي ٽي وي ڊرامه ڪيائين جيڪي ڌرتي ٽي وي ۽ سنڌ ٽي وي تان نشر ٿيا ۽ پوءِ شاهين سنڌي ٽيلي فلم ڏانهن رک ڪيو جنھن ۾ هن هڪ سٺي زميندار جو ڪردار ادا ڪيو، ”غيرت جو آواز
    شاهين سنڌي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪم کي اهميت ڏئي ٿو جنهن سان پنهنجي والدين، ملڪ، ادب ۽ٻوليءَ جو فخر سان ڳاٽ اونچو رهي ٿو.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو