• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوجوان ليکڪ، ڪالم نگار ۽استاد سعيد احمد چانڊيو

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
نوجوان ليکڪ ، اديب ، ڪالمنگار ۽ استاد : سعيد چانڊيو
فقير محمد سنڌي
سعيد چانڊيي جو جنم هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي جاگير واري علائقي ۾ 8 فيبروري 1991ع تي سماجي شخصيت ڊاڪٽر محمد شريف چانڊيي جي گهر ۾ ٿيو. ڊاڪٽر محمد شريف پنهنجي تَر ڳوٺ نهال جي وانڍ جو واحد پڙهيو لکيو شخص هو ، تنهنڪري کيس تَر جي چڱن مٺن کان وڌيڪ عزت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو هو . کيس ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جي اولاد مان سعيد چانڊيو پٽن جي فهرست ۾ آخري نمبر تي آهي. ڊاڪٽر صاحب کي سندس سماجي ڪمن عيوض مليل موٽ ان وقت جي چڱن مٺن کان برداشت ڪو نه ٿي ۽ 1996ع ۾ کيس قتل ڪرايو ويو. سعيد تعليم جي سلسلي ۾ پنهنجو گھر ڇڏي پنهنجي پڦيءَ وٽ قمبر ۾ رهڻ لڳو ، جتي هن پرائمريءَ جا پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٻرڙا ڪالوني قمبر مان پاس ڪيا. جنهن کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باگوديرو قمبر ۾ اٺين جماعت تائين پڙهيو. ان دوران سندس مائٽن قمبر کان نقل مڪاني ڪري اچي لاڙڪاڻي شهر ۾ سڪونت اختيار ڪئي ، ۽ اهڙيءَ ريت سعيد به اچي لاڙڪاڻي ۾ رهڻ لڳو ، جتي ميٽرڪ تائين گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ زير تعليم رهيو. 2006ع ۾ ميٽرڪ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 2008ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. اهڙيءَ طرح شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2011ع ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ماسٽرس سنڌي ادب ۾ ڪيائين. ماسٽرس دوران پوري شعبي ۾ ٻيو نمبر آيو ۽ ان عيوض کيس ڊپارٽمينٽل شيلڊ سان نوازيو ويو. سعيد ماسٽرس ڪرڻ کان پوءِ هڪ خانگي ڪاليج جو وائيس پرنسپال مقرر ٿيو، ان دوران 2015ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار مقرر ٿيو ، جتي هن ٻن سالن تائين درس تدريس جا فرائض سرانجام ڏنا. 2017ع ۾ ڪئمپس کي الوداع چئي هائيرسيڪنڊري ماڊل اسڪول ڪيڊٽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون جي ماهر طور مقرر ٿيو، جتي اڄ ڏينهن تائين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
سعيد لکڻ جي شروعات سنڌ يونيورسٽي سنڌي شعبي ۾ قائم اسٽڊي سرڪل پاران شايع ٿيندڙ ادبي منظر مئگزين ۾ ليک سان ڪئي .هن باقاعده لکڻ جي شروعات ماسٽرس دوران آخري سال ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سخنوري جي عنوان سان مونوگراف ٿيسز لکي ڪري ڪئي . اهڙيءَ طرح ادبي ميدان ۾ تحقيقي ڪم کان پوءِ مسلسل مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهي ٿو. سعيد بنيادي طور تي نثرنويس آھي ، سندس لکڻين مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ سعيد جو مطالعو چڱوخاصو آھي . سعيد چانڊيي جو پهريون ڪتاب شاھ عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ آيل هدايتن جي موضوع تي ساڃاھ جا سرچشما جي عنوان سان 2017ع ۾ ڇپيو آهي . سعيد چانڊيي جو خاندان 2012ع ۾ ڳوٺ نهال جي وانڍ کي الواع ڪري لاڙڪاڻي ۾ مستقل رهڻ لڳو آهي. سندس هن وقت رهائش نظر محلا لاڙڪاڻي ۾ آهي .​
 
Back
Top