• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ليکڪ، شاعر ۽مصور طارق عالم ابڙو

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
ليکڪ، شاعر ۽ مصور طارق عالم:
فقير محمد سنڌي
طارق پٽ محمد عالم ابڙو 10 اپريل 1958 تي قمبر )ضلعو لاڙڪاڻو، ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پرئڪٽسنگ اسڪول، ٽريننگ ڪاليج فارمين مان، مئٽرڪ جامعه عربيه، اڳوڻو ڪندنمل گرلز هاءِ اسڪول، مان ۽ بي - اي سنڌي ادب سچل آرٽس ڪاليج، حيدرآباد سنڌ مان پاس ڪئي.
ساهت ۾ شروعات شاعريءَ سان ڪئي ۽ سندس پهريان شعر ماهوار ماروئڙا 1975ع ۾ ڇپيا. سندس پهرين ڪهاڻي پائلي ماهوار تحريڪ ۾ 1978ع ۾ ڇپي. هن وقت تائين 20 ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون اٿس. ڪهاڻين جو هڪڙو مجموعو رات، سانت ۽ سوچون 1981ع ۾ پبلش ٿيون، ۽ ٻيون سڃاڻپ جي ڳولا ۾ جي عنوان هيٺ شايع ٿيل آهن.
سندس لکيل ڊراما پڻ مختلف سنڌي چئنلن تي نشر ٿيا آهن. 1978ء ۾ سندس پهريون ٽيلي ناٽڪ چنڊ رهين ٿو ڏور جيڪو سندس هڪ ڪهاڻيءَ تان ترجمو ٿيل هو سو ڪراچي ٽيليويزن تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. هيل تائين نو ٽيلي ناٽڪ ڪاسٽ ٿي چڪا اٿس.
کيس مصوري ۽ فوٽو گرافيءَ سان گهڻي دلچسپي هئي . سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازمت دوران هو ٻارن جي ماهوار رسالي ”گل ڦل“ جو -ايڊيٽر- رهيو ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ مخزن جو سب -ايڊيٽر- پڻ رهيو . سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”رات، سانت“ ۽ ”سوچون“ ڪهاڻيون: 1981ع)، ”رهجي ويل منظر“ ناول: 1985ع، ”مورن اوچا ڳاٽ“ هائيڪا- شاعري: 1990ع، ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفرنامو: 1991ع ۽ ”سڃاڻپ جي ڳولا“ ڪهاڻيون 1998ع شامل اٿس 11 جون 2011ع تي گڙدن ۽ جگر جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي.آخري آرام گاهه سنڌ يونيورسٽيءَ جي قبرستان ۾ اٿس.​
 
Back
Top