ناليوارو شاعر ۽براڊ ڪاسٽر مير بهادر مهر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ناليوارو شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر مير بھادر علي مھر :
    فقير محمد سنڌي

    بهادر علي ذات مهر والد جو نالو لطف علي مهر 6-4-1975ع ۾ ڳوٺ مهر ننڍا تقريبي 7 ڪلو ميٽر مراد واهڻ روڊ لاڙڪاڻي تي آهي. پرائمري تعليم ڳوٺ مهر ننڍا ۽ وڏا مهر ۾ پرائي، ميئٽرڪ تائين هاءِ اسڪول مڏباهو تعلقي باقراڻي ۾، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو بي اي ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو، ايم اي شاه لطيف يونيورسٽي ڪيائين ، ادب ۾ سڃاڻپ شاعر جي اٿس، 1990ع کان شاعري ۾ طبع آزمائي ڪري پيو تخلص مير استعمال ڪندو آهيان.
    1996ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان براڊ ڪاسٽر طور تمام سٺا سٺا پروگرام ڪيا، ڊسجاڪي پروگرام، ٻارڙن جا پروگرام، مزاحيا، نوجوانن جا پروگرام، ٽيليفون پروگرام، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي علاوھ ريڊيو پاڪستان جي ٻين اسٽيشنن تي به پروگرام ڪيا اٿس ، جنهن ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، ڀٽ شاهه، خيرپور، اسلام آباد ۽ مٺي شامل آهن، 2006ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي گيسٽ پروڊيوسر طور ڊيوٽي ڪئي ، 10 آگسٽ 2009ع تي ريڊيو پاڪستان هيڊ ڪواٽر اسلام آباد جي ان دور جي DG محترم مرتضيٰ سولنگي صاحب اسسٽنٽ پروگرام پروڊيوسر بڻايو، ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو تي رکيو، فيبروري 2015ع تي محترم DG سيد محمد عمران گرديزي پروموشن ڏئي پروگرام پروڊيوسر ڪيو، ريڊيو جي فيلڊ ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي 1996ع تي محترم مرحوم آغا محمد علي صاحب پروگرام اوهان جي خدمت ۾ پهريون پروگرام ڏنو بعد ۾ محترم پروڊيوسر خليل ڪاڪيپوٽو آيو انهيءَ تمام گھڻو سيکاريو تمام گھڻا پروگرام ڪرڻ لاءِ ڏنا جنهن ۾ روح رهاڻ، گيت گلن جهڙا ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ڪرڻ جو موقعو مليس .
    هن وقت دوستن جي محنت ۽ ڪاوش سان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروڊيوسر جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي .
    جن اسٽيشن ڊائريڪٽرز سان مير بهادر ڪم ڪيو انهن ۾ محترم سائين محمد علي ٻانڀڻ صاحب، محترم خليل ڪاڪيپوٽو، محترم ڪوثر ٻرڙو محترم شوڪت علي خاصخيلي صاحب محترم مختيار ملڪ صاحب محترم منظور ڪامران صاحب محترم نور الله ٻگھيو صاحب محترم عرفان انصاري صاحب ۽ محترم علي مراد ٽانوري صاحب سان گڏجي ڪم ڪيو اٿس.
    شاعريءَ سان تمام گھڻو پيار ڪري ٿو ، شاعرن جي محبتن جي ڪري سنڌ نوجوان ادبي فورم جو پڻ چيئرمين آهي مير بهادر مهر جي شاعري ڪافي فنڪارن گائي آهي. جنهن ۾ مرحوم صادق فقير، عاشق نظاماڻي، غلام شبير سمون، شيراز عباسي، ڪنول ابڙو، حسين بخش شيخ، سليم رضا ڪنڀر، مختيار علي ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن سندس شاعري کي آواز جو روپ ڏنو آهي.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو