سنڌ جو جاکوڙي اديب محمد ابراهيم لاشاري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    سنڌ جو جاکوڙي اديب محمد ابراهيم لاشاري
    فقير محمد سنڌي
    پنهنجي ڌرتي وادي مهراڻ جي مهين جي دڙي جي چيڪي مٽي کي صدين کان وٺي اهو اعزاز رهيو آهي ته هن خوبصورت سرزمين جي خطي تي ڪيترن ئي اديبن اهل علم وارن کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي ،اهڙي ريت اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي واري تعلقي جي ڳوٺ ميد شهيد جي معزز شخصيت حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر ۾ پهرين جنوري سال1976ع خميس ڏينهن خوشين جو ڏينهن ثابت ٿيو جو سندس کي رب سان هڪ ماڻيٺي طبعيت جي پٽ جي اولاد سان نوازيو جنهن جو ڇٺي جو نالو( محمد ابراهيم لاشاري) رکيو ويو ،جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ وري (ابراهيم لاشاري ) سان هن وقت تائين مشهور پڻ آهي ، ابراهيم لاشاري جي والدين ننڍي هوندي بهترين تربيت ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميد شهيد جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن محنتي ٻار پنج درجا پاس ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لا وارهه هاءِ اسڪول ۾داخلا ورتي پر جلد هاءِ اسڪول وارهه ڇڏي، هاءِ اسڪول کنڊو منجهان هن ميٽرڪ جو امحتان سال 1992ع(اي گريڊ ) ۾ پاس ڪري ورتو تنهن بعد هن هائير سيڪنڊري اسڪول وارهه مان ئي انٽر 1994ع تي پاس ڪئي سنڌ يونيورسٽي جي ( ماس ڪمينوڪيشن ) واري ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي جتي هن ڪجهه عرصو تعليم پرائي والد جي اوچتو وفات سبب هو تعليم جي سلسلي کي خير آباد چئي اچي ڳوٺ وسايو بعد ۾ گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن (سنڌي ادب ) ۾ سندون پڻ حاصل ڪري ورتيون ، ان زماني ۾ وري صحافتي دنيا ۾ پير پاتو پاڻ وارهه اسٽيشن لاءِ مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني ڪوشش ، روازني عوامي آواز ، روزاني سچ ، رواني تعمير سنڌ ، ۽ ٻين اخبارن ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو تنهن بعد سال 2006ع ۾ سنڌ گورنمينٽ تعليم کاتي جي سنڌي ادب جي ليڪچرارس جي پوسٽ لاءِ امتحان ورتو جنهن ۾ ابراهيم لاشاري پڻ اميدوار پڻ هو هن محنتي ذهين ليکڪ اديب سڄي سنڌ جي اميداورن مان لکت واري امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ (ٻيو نمبر ) حاصل ڪري سنڌي شعبي جو ليڪچرار گورنميٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر ۾ مقرر ٿيو جتي اڄ ڏينهن تائين درس تدريس واري شعبي سان سلهاڙيل آهي سال 2008ع ڌاري ڊسٽرڪٽ زڪوات آفسير واري عهدي تي پڻ پنھنجا فرض سر انجام ڏئي چڪو آهي سال 1998ع کان سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي وقتن به وقت لکندو رهي ٿو. سنڌ جي ڪافي اخبارن ۾ 300 کان مٿي لکڻين جو اعزاز ماڻي ورتو آهي ، سنڌ جو ناليوارو اديب ابراهيم لاشاري ِسنڌي ادب کي اڃان پنهنجي قلم جي نب سان آسود ڪندو رهندو، ابراهيم لاشاري هن وقت سنڌ پروفيسر ليڪچرار ايسوسئيشن (سپلا) ضلعي قمبر جو جنرل سيڪريٽري واري عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي سنڌ جو هي نماڻو اديب هن وقت پنهنجي هڪ پٽ علي ابراهيم لاشاري ٽن نياڻين ۽ گهر وارن سان وارهه شهر ۾ زندگي جا پل گذاري رهيو آهي.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو