شفيق الرحمان شاڪر تخت لاهور جو بادشاه ميان شهباز شريف جڏهن ڪجهه ڏينهن پهرين لنڊن جي ڪنهن مصروف روڊ تي ڊوڙندي رستو پار ڪندي نظر آيو هو ته ٿي سگھي ٿو ته ان وقت کيس ڪجهه دير لاء اهو احساس ٿيو هجي ته ويچارن عام ماڻهن لاء روڊ پار ڪرڻ به روزمرهه جي انيڪ مسئلن مان هڪڙو ڏکيو مسئلو آهي.احساس ته خير ٻيا به کوڙ آهن جيڪي انهيء خاص مخلوق کي ٿيڻ گھرجن پر نٿو لڳي ته انهن وٽ اهڙن عام معاملن ۽ مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ لاء ڪو وقت هوندو يا وري سندن ذهن ڪڏهن ان طرف به جھاتي پائي سگھي ٿو ته آخر سندن زندگين ۾ ايڏو وڏو فرق ۽ تضاد ڇو آهي؟ اسان جا اهي پئدائشي بادشاه جن جي گذرڻ لاء پنهنجي ملڪ ۾ عوام لئي روڊ رستا بند ٿيندا هجن اهڙن عظيم جمهوري اڳواڻن لاء هڪ اهڙي ملڪ ۾ جنهن کي جمهوريت جي ماء چيو وڃي ٿو اتي انهن جي ڪنهن خاص پروٽوڪول جو ٽڪي جو به خيال نٿو رکيو وڃي.هئڻ ته حقيقيت ۾ ايئن گھرجي جو اهڙن جمهوري اڳواڻن ۽ ٻاويهه ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪندڙ نام نهاد دعويدارن کي اهڙين حڪومتن سامهون پنهنجي پاران باقائدي احتجاج ريڪارڊ ڪرائڻ گھرجي جيڪي اهڙن عوامي اڳواڻن جي عزت ۽ احترام جو پورو خيال نٿيون رکن.ضرور ان جي پويان به ڪنهن خلائي مخلوق جي سازش ملوث ٿي سگھي ٿي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان جي انهن سياستدانن کي هر وقت جمهوريت جي بالادستيء ۽ سياستدانن جي عزت جا دورا رڳو پاڪستان ۾ ئي ڇو ٿا پون؟ ڪو سوال ٿو پڇين ته اوهان تي الزام آهي ته اوهان اختيارن جو غلط استعمال ڪندي ناجائز دولت گڏ ڪئي آهي ته کين جمهوريت جي بالادستيء ۽ انهيء خلاف سازش جو دورو پئجيو وڃين.ڪو پڇين ٿو ته پوليس ڪنهنجي اجازت سان ماڊل ٽائون ۾ ماڻهو ماري ڇڏيا ته کين ساڳيو دورو پئجيو وڃي.ڪو شڪايت ڪري ته اوهان ڏهاڪن جا ڏهاڪا حڪومتون ڪرڻ باوجود عوام لاء اسڪولن،اسپتالن ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي حالت ڇو ناهي سڌاري،عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻيء جي سهوليت ڇو ناهي ميسر ڪئي؟انصاف ۽ پوليس جو نظام ڇو ناهي درست ڪيو؟ ماڻهن جي روزگار لاء مناسب بندوبست ڇو ناهن ڪيا؟ ته انهن کي جمهوريت جي بالادستي ۽ سياستدانن جي عزت جو پوندڙ دورو آپي مان ٻاهر ڪڍيو ڇڏي ۽ انهن سوالن جا معقول جواب ڏيڻ بدران وڦلڻ شروع ٿيو وڃن ۽ هڪ ٻئي تي ذاتي حملن جي برسات وسايو ڏين.پر فرض ڪريو ته برطانيا يا ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ڪو صحافي کانئن اهو سوال پڇي وجھي ته سائين! توهان ته عظيم عوامي نمائندا ۽ هر دلعزيز پاڪستاني سياستدان آهيو،پوء هي ٻاهريون حڪومتون اوهان جو خصوصي خيال ڇو نٿيون رکن؟ ته يقين ڄاڻو ته انهن مان ڪنهن کي به ان قسم جو ڪو به دورو پوڻ وارو ناهي.بلڪ اهي شايد اهو جواب ڏيندا ته قانون جي نظر ۾ سمورا شهري برابر آهن.سو خبر ناهي ته اسان جي ان حڪمران اشرافيا جي ڪيمسٽريء ۾ ڪهڙو بنيادي فالٽ آهي جو ملڪ کان ٻاهر اهي قانون تي مڪمل نموني عمل ڪندڙ،قائدن جا پابند ۽ نهايت ئي ايماندار،ديانتدار ۽ فرمانبردار بڻيل نظر ايندا آهن پر پنهنجي ملڪ جي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي انهن جو پهريون سونهري ڪارنامو ئي هوندو آهي قانون ٽوڙڻ! ڪهڙي آئين تحت انهن کي اها اجازت مليل آهي ته انهن جون شاهي سواريون جتان گذرن انهن عوامي روڊن ۽ رستن کي عوام لاء ئي بند ڪيو وڃي؟ اهي اسپتالن ۾ نازل ٿين ته اسپتالن ۾ ايندڙ ويندر عام ماڻهن توڙي مريضن لاء خدائي عذاب بڻجي ڪڙڪن.هوائي اڏن تي وڃن ته اتي عام ماڻهن لاء قيامت جو منظر، ڪنهن تعليمي اداري ۾ تشريف فرما ٿين ته استادن ۽ شاگردن کي پوليس جا ٿيلا ۽ ڌڪا نصيب ٿين.اهي ملڪ کان ٻاهر ته رحمت ئي رحمت هوندا آهن پر پنهنجي ملڪ ۾ زحمت ئي زحمت جي شڪل آخر ڇو اختيار ڪري وٺن ٿا؟انهن سوالن جو جواب هڪڙو ئي ۽ نهايت ئي سادو آهي سو اهو ته هي ملڪ هنن جو فتح ڪيل علائقو ۽ عوام هنن جي صدين کان غلام رعايا آهي.انهيء ڪري اهي هر حال ۾ اهو هروقت ثابت ڪري ڏيکاريندا رهن ٿا ته اسان يعني حڪمرانن ۽ توهان يعني رعايا ۾ زمين آسمان جو تفاوت آهي. اسان قانون جوڙڻ وارا ۽ اوهين انهيء تي عمل ڪرڻ لاء آهيو.ٻاهرين ملڪن ۾ اهي ڪو معمولي کان معمولي قانون به ٽوڙي ته ڏيکارين! ان ڪري جو اتي قانون معنيٰ رياست،قانون جو مطلب ته ادارا جڏهن ته اسان وٽ قانون معنيٰ سائين جن پاڻ! ها چيائون ته حلال ٿي ويو ۽ نه ڪيائون ته حرام ٿي ويو.قانون هروقت سندن چپن جي چرپر کي ئي تڪيندو رهي ٿو.زبان مان نڪتل هر حرف حتمي بڻجي ويو،لفظن جا موتي جيڪي سندن زبان مبارڪ مان ٻاهر آيا بس اهو ئي سچ ۽ ٻيو سڀ ڪوڙ آهي.ڪڏهن ادارن جا پر ٿا ڪپين ته ڪڏهن قانون جون ڄنگهون ٿا ڀڃن،ڪڏهن رياست کي ڌمڪيون ٿا ڏين ته ڪڏهن قانون،عدل ۽ انصاف جو مذاق ٿا اڏائين.هي دنيا جا اڪيلا عوامي نمائندا آهن جن کان عوام يا عوام جو ڪو ادارو ڪو سوال پڇي نٿو سگھي،ڪو ماء جو لال سندن احتساب جي جرئت ڪري نٿو سگھي.اهي جنهن عوام جي نمائندگيء جي دعويٰ ڪن ٿا ان عوام جيان عام قطارن ۾ لڳڻ پنهنجي توهين سمجھن ٿا،اهي اهو پاڻي پي نٿا سگھن جيڪو سندن عوام پيئي ٿو،اهي پنهنجن شهزادن کي انهن اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ کي پنهنجي بي عزتي تصور ڪن ٿا جن ۾ سندن عوام جا ٻار پڙهن ٿا.اهي انهن اسپتالن ۾ علاج ڪرڻ کان معذور آهن جن اسپتالن ۾ سندن عوام علاج ڪرائي ٿو.هي ڪهڙي قسم جا عوامي نمائندا آهن جن جو جهان پنهنجي عوام جي جهان کان بلڪل جدا ۽ جن جون موسمون عوام جي موسمن کان مختلف آهن.ٻئي طرف هي عوام به ڪهڙو عوام آهي جيڪو پنهنجي نمائندگي ۽ اڳواڻيء جو تاج بار بار اهڙن ٻهروپين جي سرن تي سجائي ٿو جيڪي اختيار ۽ اقتدار سنڀاليندي ئي انهن لاء عذاب الاهي بڻجيو وڃن. نمائندگي عوامي پر پروٽوڪول خصوصي،سيڪيورٽي خصوصي،رعايتون خصوصي،سهوليتون خصوصي،سلوڪ ۽ رويا خصوصي،سڀ ڪجهه خصوصي ته پوء باقي عوامي ڇا رهيو؟ عوامي ته صرف عوام ئي آهي جيڪو ڪڏهن ڀلجي به انهن کي اهو نٿو چوي ته “ خبردار! اوهين جيڪر واقعي اسان يعني عوام جا نمائندا آهيو ته پوء اوهان سان هر سلوڪ به عوامي ٿيندو خصوصي نه! انهيء ڪري هڪ سٺي قانون پسند شهريء جي حيثيت ۾ عوام جيان قطارن ۾ لڳي وڃو جيڪر نه ته پوء پنهن جا اهي بادشاهي شوق ۽ تماشا وڃي پنهنجي گھر ڪيو.“!