• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪستان جو ناميارو ق؛قانون دان شريف الدين پيرزادو

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
پاڪستان جو ناميارو قانوندان، شريف الدين پيرزادو :
فقير محمد سنڌي
اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ اڳوڻو اٽارني جنرل، شريف الدين پيرزادو 12 جون 1923ع تي برهان پور (ڀارت) ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم رابرٽ سن هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1945ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل بيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. لنڪنز ان (برطانيه) مان بئرسٽريءَ جو امتحان ڏنائين. 1941ع کان 1944ع تائين قائداعظم جو اعزازي سيڪريٽري ۽ 1945ع کان 1947ع تائين بمبئي سٽي مسلم ليگ جو چيئرمئن رهيو. 1946ع جي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جو پبلسٽي سيڪريٽري رهيو. 1947ع ڌاري ’ڊيلي مارننگ هيرالڊ‘ جو مئنيجنگ ايڊيٽر رهيو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1954ع تائين، سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ قانون جو پروفيسر رهيو. 1958ع کان 1966ع تائين پاڪستان جو اٽارني جنرل رهيو. 1966ع کان 1968ع تائين پرڏيهي وزير، 1968ع کان 1971ع تائين اٽارني جنرل؛ 1977ع ۾ اقليتن جي حقن بابت اقوام متحده جي سب ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. جنوري 1978ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جو مشير ۽ قانون ۽ پارلياماني معاملن بابت وزير ٿيو. جولاءِ 1978 کان 1984 تائين اٽارني جنرل ۽ قانون جو وزير رهيو. 1985 کان 1988 تائين او. آءِ. سي جو سيڪريٽري رهيو. کيس حڪومت پاڪستان 1964 ’ستاره پاڪستان‘ ۽ 1998 ۾ ’نشان امتياز‘ ڏنو.
هو 1965ع ڌاري ڪڇ جي رڻ بابت عالمي جاچ ڪميٽيءَ ۾ پاڪستان جو نمائندو رهيو ۽ 1967ع ۾ بيت المقدس بابت اقوام متحده جي قرارداد جو مسودو هن تيار ڪيو. شريف الدين پيرزادو عالمي عدالت جو 2000 ڌاري ايڊهاڪ جج به رهيو . هو ساڳئي عرصي دوران پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽوِ پرويز مشرف جو قانون، پرڏيهي معاملن ۽ انساني حقن بابت سينيئر مشير رهيو. شريف الدين پيرزادو 2جون 2017ع تي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
شريف الدين پيرزادي ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن ۾ قائداعظم، تحريڪ پاڪستان ۽ انڊيا مسلم ليگ'،، آل انڊيا مسلم ليگ بابت تاريخي دستاويزن بابت اهم معلومات ڏنل آهي.​
 
Back
Top