• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ناميارو شاعر، افسانہ نگار ۽صحافي

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
ناميارو، شاعر ، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ :
فقير محمد سنڌي
هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948 ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي اداسي بلوچ آهي جيڪو به سنڌي ادب ۽ شاعري جو وڏو نالو رهيو آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي. هدايت بلوچ جي تعليم ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي آهي. 1972 کان 1987 تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عهدن تي ڪم ڪيائين. 1987 کان 2008 تائين پي آئي اي ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سر انجام ڏنائين. 1994 کان 1998 تائين سندس مقرري مئنيجر ڪارگو طور سنگاپور ۾ رهي 2005 کان 2008 تائين بنگلاديش ۾ پي آئي اي جو ڪنٽري مئنيجر رهيو. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي هو سنڌين سان ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ لکڻ جو ڪم به جاري رکيائين.
ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. سندس ڪالمن جو ڪتاب ”يادگيرين جا البم“ ۽ شاعريءَ جو ڪتاب “سارو ڏيهه ڏکارو“ ڇپيل آهن .
هدايت بلوچ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽن سالن لاء ميمبر به رهيا ۽ سدائين ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. هن وقت پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ ڍاڪا ڪلب آف بنگلاديش جو ميمبر آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا لائيف ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم رڪن آهن. هدايت لطيف جو پارکو آهي ۽ هو لطيف جي پيغام کي سمجهڻ سان گڏ دوستن کي سمجهائيندو رهندو آهي.
______​
 
آخري ترميم:
Back
Top