ناليوارو نقاد رسول بخش پليجو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2018۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ناليوارو سياستدان، نقاد، مترجم، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار رسول بخش پليجو :
    فقير محمد سنڌي
    رسول بخش پليجو ولد علي محمد پليجو 29جنوري 1930ع تي جنگشاهي ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو، پاڻ ناليوارو اديب، ڏاهو، قانوني ماهر ۽سياسي اڳواڻ هو. رسول بخش پليجي ايل ايل بي ڪرڻ کان پوءِ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو، ڪجهه وقت پوءِ سياسي پارٽين ۾ قدم رکيو نيٺ هن عوامي تحريڪ جي سربراهه جي حيثيت سان سياسي ميدان ۾ سرگرم عمل رهيو. عوامي حقن جي ڪري ڪيترائي ڀيرا جيل به ويو، رسول بخش پليجو پنهنجي طبيعت ۾ خودار ۽تاريخ تي عبور رکندڙ شخص هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ڪافي ڪتاب لکيا جنهن ۾ سياست، ڪهاڻيون، تنقيد، شخصیات ۽ ٻين موضوعن تي پاڻ مڃرايو. رسول بخش پليجي 25 کان مٿي ڪتاب لکيا جيڪي سنڌي ادب ۽ٻوليءَ جو اثاثو آهن، جنهن ۾ انڌا اونڌا ويڄ، تنقيد 1961ع، پسي ڳاڙها گل، ڪهاڻيون، سندي ذات هنجن، ڇا وفاقي سياست - سنڌ لاءِ حرام آهي، واٽون ويھ ٿيون، صبح ٿيندو، سياست 1984ع، ڌاڙن جا ڌڪ، مائوزي تنگ، شخصیات - 1962ع، هوچي منھ جي آتم ڪهاڻي، ترجمو - 1972ع، جيڪي بنگال سان ٿيو-ترجمو سياسيات 1973ع، قومي انقلابي جدوجهد ۾ ادب ۽ فن جي اهميت - ترجمو سياسيات 1974ع، اوھان جي پڄاڻان - ترجمو شاعري، مارن منجهه مياس، ويهن مون وڙاء، جن جهوناڳڙھ جلايو، ۽ ڪالمن جو مجموعو هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن ، شاهڪار ڪتابن ۾ شامل اٿس. رسول بخش پليجو سنڌ جي تاريخ ساز شخصيتن مان هڪ هو، عوامي تحريڪ جو سربراهه سنڌ جو قومي دانشور مظلومن جو ساٿاري اڳواڻ 7جون 2018ع تي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ بيمارين سان جوڙيندي آخر ڪار هن فاني جهان کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو. آخر سندس جو ئي خيال ته :
    ڏک جو ردعمل رڳو مايوسي ڪونهي، ڏک ڪاوڙ ۽بدلي ۾جدوجهد ۽ويڙھ جا جذبا، سورهيائي ۽قرباني جا جذبا به پيدا ڪري ٿو.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو