• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جديد سنڌي ڪهاڻي جو بانيڪار جمال ابڙو

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
جديد سنڌي ڪهاڻي جو بانيڪار جمال ابڙو
فقير محمد سنڌي
جمال ابڙو جو شمار انهن اديبن ۾ ٿئي ٿيو جن سنڌي ادب ۾ ترقي پسند خيالن کي نه صرف روشن ڪرايو بلڪ ان مقصد لاءِ عملي ڪم ۽ تنظيم سازي به ڪئي.
پاڻ سنڌي اديبن جي ترقي پسند تنظيم سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هو، جمال ابڙي کي ادب کان علاوه سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي به دسترس حاصل هئي. ترقي پسند فڪر رکڻ وارو مهندار مڙس هو.
جمال ابڙي 2 مئي 1924ع تي ميھڙ شھر جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ديهه منگواڻي ۾ علي خان ابڙي جي گھر ۾ -جنم- ورتو. علي خان ابڙو پنھنجي وقت جو ھڪ ناميارو تعليمدان، اديب ۽ ليکڪ ٿي گذريو آھي. جمال ابڙي شروعاتي -تعليم- ڳوٺ منگواڻيءَ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري -تعليم- ميونسپل ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. جڏھن ته ھن ڪاليج جي -تعليم- بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. 44- 1943ع ۾ -بنگال- ۾ آيل ڏڪار دوران رضاڪار طور خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ -بنگال- ويو. ھن پھرين ڪھاڻي ”ھو حر ھو“، 25 سالن جي عمر ۾ 1949ع ۾ لکي، 24 سالن جي عمر ۾ 1948ع کان لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ھو بعد ۾ 1949ع ۾ شھدادڪوٽ جو پوليس پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو، -جتي- 1951ع تائين رھيو. 1952ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سول جج کپرو مقرر ٿيو، جنھن کان پوءِ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الھيار ۽ حيدرآباد ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عھدي تي -ترقي- ڏني وئي ۽ -ترقي- ڪندو 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ -ان- عھدي تي 1978ع تائين رھيو. 1978ع کان 1980ع تائين ليبر ڪورٽ جو جج، 1981ع کان 1982ع تائين فيڊرل سروسز ٽربيونل -اسلام- -آباد- جو ميمبر، 1984ع کان 1985ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ 1985ع کان 1986ع تائين اينٽي ڪرپشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن رھيو. 10 -اپريل- 1986ع تي سرڪاري ملازمت -تان- رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. سندس شاھڪار ڪھاڻين جو مجموعو ”پشو -پاشا-“ آهي ، جيڪو تمام گھڻو مشھور ٿيو. جمال ابڙي جي ڪهاڻين مان ”پِشو -پاشا-“،”پيراڻي“، ”مان مرد“، ”بدتميز“، ”شاھ جو ڦر“، ”-بدمعاش-“، ”منھن ڪارو“، ”ڪارو -پاڻي-“، ”مھرباني“، ”خميسي جو ڪوٽ“، ”لاري“، ”سينڌ“، ”فرشتو“، ”ماءُ جي جھولي“، ”لاٽ“ ۽ ٻيون اهم آھن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اپٽار آهي. ھن ڪيترائي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، -جن- ۾ ”شاھ محض صوفي نه ھو“ان سواءِ ڪيترن ئي مضمون کي پذيرائي ملي، جمال ابڙي جي ڪھاڻين جا ترجما -اردو-انگريزي- ۽ جرمن ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. جديد سنڌي ڪهاڻي جو مڙس مٿير 30 جون 2004ع تي راھ رباني ورتي، وڃي مالڪي حقيقي مليو.​
 
Back
Top