سنڌ جي مشهور لوڪ ڳائڻي، جيوڻي ٻائي فقير محمد سنڌي جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، 22 جنوري 1901ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي. هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون 1918ع ۾ ڦڪو پنهنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻيءَ جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي. آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد کان ڪافي جي فن جي سکيا پڻ ورتي جيوڻي ٻائي سنڌ ۾ 1928ع ۾ راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. هن ئي بزرگ سندس نالو جيدي مان بدلائي ’جيوڻي ٻائي‘ رکيو هو. جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. 1932ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. ڪاري رنگ وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد، گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي پُروقار ۽ باعزت عورت هئي. پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجن تنن سان وڏي عقيدت هئي. هٿ جي ڇوٽ هوندي هئي. سنڌ جي هي سدا بهار ڳائڻي 5جون 1942ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.